جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

اجتهاد شيعه ۽ اهل سنت جي نگاهه ۾

فونٽ جو اندازو :
2025/01/29

 اجتهاد شيعه ۽ اهل سنت جي نگاهه ۾

هي موضوع شيعه ۽ اهل سنت وٽ تمام گهڻو مورد اهميت وارو آهي. اگر هي عنوان سهڻي نموني سان بيان ڪيو وڃي ته فيقين جي درميان ڪيترائي مسئلا ڪابل حل ٿي سگهن ٿا.

هن مختصر تحقيق ۾ ڪجهه مهم ۽ اهم سوالن جا جواب ڏنا ويندا، مثال طور:

  • شيعه ۽ اهل سنت جي نگاهه ۾ اجتهاد ڇاکي چئبو آهي؟
  • اجتهاد شيعه ۽ اجتهاد اهل سنت ڪهڙو فرق آهي؟
  • اهل سنت ۽ شيعه جي اجتهاد جا ڪهڙا منابع آهن؟
  • آيا اهل سنت وٽ اجتهاد جي راهه ۽ رستو مسدود ۽ بند آهي؟

۽ ٻيا ڪيترائي سوال آهن جن جا جواب هن مفيد ۽ مختصر تحقيق ۾ ڏنا ويا آهن، اميد آهي ته مون حقير لاءِ ۽ پيارن دوستن لاءِ هي تحقيق مفيد واقع ٿي سگهي. ۽ خداوند متعال توفيق عنايت ڪري ته مان حقير هن عنوان کي پنهنجي حيثيت مطابق توضيح ڏيئي سگهان

سوال: فقهاء شيعه ۽ اهل سنت وٽ اجتهاد ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ اجتهاد جي معني ڇا آهي؟

جواب: اجتهاد جون ٻه مختلف معنائون آهن ضروري آهي ته انهن ٻنهي معنائن کي واضح ڪجي.

  1. اجتهاد عام: قرآن ۽ سنت ۽ شرعي دلايل سان احڪام الهي جو استنباط ۽ استخراج ڪرڻ
  2. اجتهاد خاص: جن احڪامات جو دليل قرآن ۽ روايات ۾ نه هجي ليڪن ان جي مصلحت ۽ مفسده کي لحاظ ڪندي ان جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

اجتهاد جو پهريون قسم شيعه حضرات سان مخصوص آهي ليڪن اهل سنت وارن اجتهاد جي ٻئي قسم کي اختيار ڪيو آهي ۽ هن اجتهاد جو ناللو پڻ اجتهاد به راي رکيو اٿن.

اهو اجتهاد علماء شيعه شيعه درميان وجود نٿو رکي ۽ هن جي ڪابه اهميت ناهي.

سوال: ڇو شيعن منجهان اخباري علماء اجتهاد جا منڪر آهن؟

جواب: اگرچه ظاهري اعتبار سان اخباري حضرات اجتهاد جا انڪاري آهن ليڪن عملي ميدان ۾ اجتهاد منڪر ناهن ڇوته اخباري بزرگ به احڪام شرعي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۽ سنت مان استدلال ڪندا آهن ۽ عملي ميدان ۾ احڪام عام ۽ خاص ۽ مطلق ۽ مقيد جو خاص لحاظ ڪندا آهن.

سوال: ڪهڙي علت ۽ سبب جي ڪري شيعه علماء اجتهاد به راي جا منڪر ۽ مخالف آهن؟

جواب: شيعا علماء اجتهاد براي جا مطلقا مخالف ۽ منڪر آهن ان انڪار ج مهم سبب هي آهي ته احڪام الهي کي استخراج لاءِ شيعه علمائن وٽ ڪافي ۽ وافي مقدار ۾ احاديث معصومين عليهم السلام موجود آهن شيعه علماء وٽ عدم نص جا موارد تمام گهٽ ۽ قليل ۽ نه هجڻ جي برابر آهن ان ڪري اجتهاد بالراي جا محتاج ناهن هوندا ۽ نص قرآني نه هجڻ جي صورت ۽ نص روائي نه هجڻ جي صورت ۾ شيعا علماء اجتهاد جا بالراي ناهن ڪندا بلڪي اصول لفظي ۽ عملي جي ذريعي احڪام شرعيه کي روشڻ ۽ واضح ڪندا آهن شيعا علمائن وٽ شريعت ڪامل آهي شيعن کي اجتهاد بالراء جي ڪابه ضرورت ناهي پوندي. (1)

اجتهاد شيعه ۽ اهل سنت جي اختلاف جو اصلي محور

اولاً: جئين اجتهاد جي معني ۾ بيان ٿيو ته اجتهاد يعني ڪتاب ۽ سنت منجهان احڪام شرعيه جو استخراج ۽ استنباط ڪرڻ اجتهاد جو اصلي محور ڪتاب ۽ سنت آهي شيعا علماء ان محور جي اردگرد استنباط ڪندا آهن اهو ئي سبب آهي جو شيعا اجتهاد ۾ اختلاف تمام گهٽ هوندو آهي اگرچه هرڪ جو استنباط متفاوت هوندو آهي اهوئي سبب آهي جو اڪثر مسائل ۾ مشهور فقهاء جي نظر هڪ هوندي آهي اگرچه جزئيات  ۾ مختلف ۽ متفاوت نظريا پاتا وڃن ٿا.

ليڪن اجتهاد بالراي ۾ ڪو اصلي محور وجود نٿو رکي جنهن محور تي اڪثر مجتهد متفق ٿي سگهن بلڪي اجتهاد بالراي ۾ معيار هرهڪ جو پنهنجو فڪر ۽ پنهنجي راءِ هوندي آهي اهوئي سبب آهي جو اجتهاد بالراء ۾ تمام گهڻو اختلاف پاتو ويندو آهي. اهل سنت واري اجتهاد ۾ يعني اجتهاد بالراء ۾ هڪ ئي مسئلي تي تمام گهڻا نظريا پاتا وڃن ٿا اهو سبب ٿئي ٿو ته عوام شريعت اسلامي کان تنفر جو اظهار ڪري.

ثانياً: شيعا اجتهاد ۾ ڪتاب ۽ سنت ذريعي استنباط ڪيو ويندو آهي، جنهن جو لازمو هي آهي ته دين الاهي هرگز ناقص نه هي ۽ نه آهي ۽ نه وري ناقص رهندو هر مسئلي لاءِ قيامت تائين مسلمانن جي درميان  ان مسئلي جو حڪم صادر ٿيل آهي ۽ ان مسئلي جو حل عمومات ۽ اطلاقات ۽ ڪتاب ۽ سنت ۾ ائمه عليهم السلام وٽ روشن ۽ واضح ٿيل آهي جيڪو مجتهد پنهنجي اجتهاد ذريعي حڪم الهي کي حاصل ڪري سگهيو اهو حق تائين پهتو ۽ مصيب آهي ۽ جيڪو اجتهاد ذريعي حقيقت ماڻي نه سگهيو ۽ اجتهاد جي مقدمات ۾ خطا پڻ نه ڪئي اٿس اهو خدا وٽ معذور ۽ ماجور آهي جيڪ اجتهاد جي ذريعي واقع تائين پهتو ان لاءِ به اجر آهن ۽ جيڪو اجتهاد ذريعي واقع تائين نه پهتو ۽ مقصر به نه هيو ان لاءِ هڪ اجر آهي.

ليڪن اجتهاد بالراي وارا چون ٿا ته هر مجتهد مصيب آهي يعني هر مجتهد جو حڪم واقعي آهي حتي مجتهد جا اهي حڪم جيڪي ضد ۽ نقيض آهن ۽ پنهنجي رائي مطابق حاصل ڪيا اٿس حڪم واقعي الهي جي مقابلي ۾ آهن. (2)

اجتهاد شيعا ۽ اهل سنت ۾ چند افتراقن جو خلاصو

  1. شيعا اجتهاد ۾ احڪام  شرعيه کي  قرآن ۽ سنت ۽ ادله شرعيه سان استنباط ۽ استخراج ڪيو وڃي ٿو ليڪن اجتهاد اهل سنت وٽ ڪتاب ۽ سنت جي نه هجڻ وقت مصلحت ۽ مفسده کي ڏسندي حڪم حڪم جاري ڪيو ويندو آهي.
  2. شيعا جي اجتهاد جو اصلي محور ڪتاب ۽ سنت آهي ليڪن اهل سنت جي اجتهاد ۾ ڪا خاص محور ناهي هر مجتهد جو فر ۽ احڪام الهي جو معيار هوندو آهي.
  3. اجتهاد شيعا۽ اجتهاد اهل سنت جي منابع ۾ فرق آهي شيعا اجتهاد جا منابع ۽ دلايل قرآن ۽ سنت، عقل ۽ اجماع آهن ليڪن اجتهاد اهل سنت جا منابع ۽ دلايل قرآن، سنت، اجماع، قياس استحسان، قول و فعل صحابه و تابعين ۽ مصالح مرسله آهن. اهل سنت جي اجتهاد ۾ عقل جو ڪو اعتبار ڪونهي. (3)
  4. اجتهاد شيعا جو لازمو دين الهي جو ڪامل هجڻ آهي ليڪن اجتهاد بالراي جو لازمو دين جو ناقص هجڻ ثابت ٿئي ٿو. ڇوته: اجتهاد بالراءِ ۾ اهل سنت وارا چون ٿا ته دين ۾ جديد مسئلي باري ۾ ڪوبه حڪم ناهي آيو لذا مجتهد پنهنجي فڪر کان مدد وٺندين ان مسئلي جو حڪم بيان ڪندو آهي.

سوال: اهي ڪهڙا اسباب آهن جنهن جي ڪري اهل سنت وارا اجتهاد عام ۽ اجتهاد مطلق جا قائل نه آهن ۽ پنهنجي لاءِ اجتهاد جا رستا بند ڪري ڇڏيا اٿن؟

جواب: جئين اسان تحقيق جي اول ۾ بيان ڪيوسين اجتهاد عام ۽ مطلق شيعا مسلڪ سان خاص آهي اهل سنت اجتهاد مطلق ۽ عام جا قايل ناهن ان انڪار جون مختلف وجهون ۽ اسباب ٿي سگهن ٿا ليڪن اسان هتي مهم سببن کي بيان ڪريون ٿا:

  1. مذهبي تعصب

هر مذهب ۽ مڪتب جا شاگرد پنهنجي مذهب جي اڳواڻ ۽ رئيس جي مخالفت ناهن ڪندا ۽ استاد ۽ رئيس مذهب جي مخالفت کي جائز قرار ناهن ڏيندا ان رئيس جي علمي حثيت ۽ بزرگي ايتري ته عظمت واري هوندي آهي جو شاگرد ان جي مخالفت نه ڪري سگهندا آهن ۽ جي خلاف ڪڏهن به اجتهاد ناهن ڪندا جئين ته اهل سنت جي مذاهب اربعه جا رئيس، احمد بن حنبل، محمد بن ادريس شافعي، ابو حنفيه، مالڪ بن انس ايتري قدر شاگردن تي اثر رکي ويا جو انهن رئيس مذاهب کانپوءِ شاگردن انهن جي مخالفت ڪرڻ کان گهٻرايو ۽ هو اجتهاد جي قدرت پيدا نه ڪري سگهيا. (4)

  1. قضاوتن جي مشڪلات جي ڪري

ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽن جي احڪامن ۾ شرعي اختلاف پيش اچي ويندو هو، هر هڪ ڪورٽ جو قاضي مجتهد هوندو هو ته هو پنهنجي اجتهاد مطابق فتوا ڏيندو هو ان اجتهاد تي ماڻهن جا مختلف اشڪال ٿيندا هئا ڇوته هر ڪورٽ ۾ هڪ خاص موضوع لاءِ ڪيترائي حڪم صادر ٿيندا هئا.

      ان جهڳڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ احڪامن جي مقبوليت لاءِ گورمينٽ اهو حڪم لاڳو ڪيو ته ڪورٽ جا قاضي ۽ مجتهد مذاهب اربعه مان ڪنهن به هڪ مذهب مطابق فتوا ڏين ۽ پنهنجي اجتهاد کان دوري اختيار ڪن.

  1. سياسي اسباب ۽ عوامل

     حڪومتي سياست ان زماني ۾ علماء جي فڪر ۽ حوزه علميه اهل سنت جي علمي رشد کان خائف هئي ڇوته علماء ۽ مجتهدين هئا جيڪي فڪر ۽ اجتهاد ذريعي اسلام جو دفاع ڪندا هيا جيڪي فڪر ۽ اجتهاد جي ذريعي اسلام جو دفاع ڪندا هئا ۽ حاڪمان جي جور ۽ ظلم خلاف قيام ڪندا هئا ۽ اسلام جي سر بلندي جو باعث بڻبا هئا ۽ ان شيء کي حاڪمان  جور نه چاهيندا هئا ان ڪري سياسي طور تي اجتهاد خلاف تحريڪ جاري ٿي ۽ اهل سنت حڪومتي سياست کان جدا نه ٿي سگهيا لذا ظالمن پنهنجي سياست کي باقي رکندي اهل سنت جي علمائن کي اجتهاد کان دور رکيو تاڪه هو پنهنجي ظلم ۽ جور ۽ فسق ۽ فجور کي جاري ۽ ساري رکي سگهن. (5)

     پس اجتهاد مطلق ۽ عام مذاهب اربعه کان پوءِ اهل سنت وٽ متوقف ٿي ويو ۽ علماء اهل سنت مذاهب اربعه مطابق فقط ڏيندا رهيا ۽ اهل سنت وٽ اجتهاد مطلق مظلوم ٿي رهجي ويو.

سوال: اجتهاد شيعه جا منابع ۽ دلايل ڪهڙا آهن؟

جواب: شيعا حضرات جا فقهاء ۽ مجتهدين جامع شرايط احڪام ۽ قوانين الهي کي استخراج ڪرڻ ڪجهه طور ۽ طريقا ۽ دلايل آهن جن کي مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

  1. ڪتاب خدا (قرآن)

احڪام الهي کي سمجهڻ ۽ استخراج ڪرڻ جو اولين ۽ مهمترين دليل قرآن مجيد آهي: ونزّلنا عليک الکتاب تبياناً لکّل شيءِ وهدي و رحمه و بشري للمسلمين (6) اي پيغمبر اسان توتي اهڙو ڪتاب نازل ڪيوسين جيڪو هرشيء کي بيان ڪرڻ وارو ۽ جيڪو مسلمانن لاءِ باعث هدايت ۽ رحمت ۽ بشارت آهي، مثلاً: مجتهدين هٺئين آيت مان خمس جي حڪم کي استخراج ٿا ڪن:

وَٱعْلَمُوٓا أَنَّمَا غَنِمْتُم مِّن شَىْءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُۥ وَلِلرَّسُولِ وَلِذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْيَتَٰمَىٰ وَٱلْمَسَٰكِينِ وَٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ إِن كُنتُمْ ءَامَنتُم بِٱللَّهِ وَمَآ أَنزَلْنَا عَلَىٰ عَبْدِنَا يَوْمَ ٱلْفُرْقَانِ يَوْمَ ٱلْتَقَى ٱلْجَمْعَانِ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ (7)

يعني ڄاڻي وٺو جڏهن اوهان کي مال غنيمت ملي انا مان خدا ۽ رسول ۽ يتيمن ۽ مسڪينن  ۽ … کي خمس ڏيو.

يا مثلا هيٺ ڏنل آيت مان مجتهدين حج جي حڪم کي استنباط ڪن ٿا:

وَلِلَّهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَيْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ إِلَيْهِ سَبِيلًا ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِيٌّ عَنِ الْعَالَمِينَ (8)

خدا جي طرفان حج ان تي واجب آهي جيڪو حج وڃڻ جي قدرت رکندو هجي، البته توجه رکڻ کپي ته احڪام اسلامي کي استنباط ڪرڻ لاءِ قرآن اصلي ترين دليل آهي  حتاڪه ڪوبه حڪم قرآن جي مخالفت ۾ نه هجي جئين ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان روايت آهي ته: ما وافق کتاب الله فخذوه وما خالف کتاب الله فدعوه (9) جيڪو حڪم قرآن جي مطابق هجي ان کي اپنايو ۽ جيڪو حڪم قرآن جي مخالف هجي ان کي ڇڏي  ڏيو.

  1. سنت

 سنت لغت ۾ راھ، روش، طريقو ۽ آئين کي چئجي ٿو. ۽ اصطلاح فقهي ۾ قول معصوم، فعل معصوم تقرير معصو کي چئبو آهي (10)

قول معصوم: قول معصوم مان مراد احاديث، روايات معصومين عليهم السلام آهن اهي موارد جن جا احڪام معصومين جي زباني بيان ٿيل هجن، مجتهد قول معصوم جي ذريعي ڪجهه شرائطن سان گڏ احڪام الهي جو استنباط ڪندو آهي.

فعل معصوم: اهي اعمال ۽ افعال جن کي معصومين عليهم السلام انجام ڏنو هجي اگرچه زباني بيان ٿيل نه هجي ان کي فعل معصوم چئبو آهي. پس اهي احڪام ۽ قوانين الهي جن کي معصومين پاڻ انجام ڏنو هجي مجتهد ان فعل معصوم کي دليل بڻائي استنباط ڪري سگهي ٿو. مثلا: حضرت امام باقر عليه السلام کان حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي وضو باري ۾ سوال ڪيو وڃي ٿو ته حضرت باقر عليه السلام پاڻي گهرايو تاڪي ماڻهن لاءِ عملي صورت ۾ رسول الله ص وانگر وضو ڪري  ڏيکاريو.

پس فعل معصوم ۽ ڪردار معصوم احڪام شرعيه کي استنباط لاءِ حجت ۽ دليل آهي.

تقرير معصوم: اگر ڪنهن جي قول يا عمل جي باري ۾ معصومين عليهم السلام جي طرفان تائيد هجي ان کي تقرير معصوم چئبو آهي. مثلاً : معصوم جي حضور ۾ ڪو حڪم بيان ڪيو وڃي معصوم ان جي تائيد ڪئي يا چپ رهيو يا ڪو فعل انجام ڏنو وڃي ۽ معصوم تائيد يا چپ ڪري ان کي تقرير چئبو آهي. معصوم جي چپ ۽ سڪوت هن جي رضايت جو دليل آهي ڇوته اگر عمل يا فعل جائزنه هجي ها ته معصوم ڪڏهن به سڪوت اختيار نه ڪن ها.

   پس تقرير معصوم قول معصوم يا عمل معصوم نه آهي، بلڪي ٻئي جي قول يا فعل کي تصديق ڪرڻ جو نالو آهي. معصوم جي تقرير مجتهد جي لاءِ دليل آهي تاڪي احڪام الهي کي تقرير معصوم جي ذريعي استخراج ڪري سگهي ۽ الهي احڪام لاءِ تقرير معصوم کي دليل قرار ڏيئي سگهي.

  1. عقل

  عقل جو حجيت هجڻ ان معني ۾ آهي ته اگر هڪ مورد ۾ عقل جو قطعي حڪم هجي ڇو جو اهو حڪم قطعي ۽ يقيني آهي حجت ۽ دليل آهي مجتهد احڪام شرعيه کي عقل جي قطعي ۽ يقيني  جي ذريعي استنباط ڪري سگهي ٿو. (11) شيعا مجتهدين عقل جي باري ۾ نه افراط جا قايل آهن جئين اهل سنت وارا عقل کي قياس ۽ استحسان تحت قبول ڪن ٿا ۽ نه وري تفريط جا قايل آهن جئين اهل سنت وارا ڪاملا اجتهاد ۾ عقل کي بي اعتبار ٿا ڄاڻين شيعه مجتهدين عقل کي ڪجهه شرايط مطابق دليل قرار ڏين ٿا.

  • اصول دين ۾ تنها مرجع عقل هجي
  • فروع دين ۾ عقل مدرڪ آهي نه حاڪم
  • اهو عقل حجيت آهي جنهن جي تربيت ٿيل هجي جو هن جا مدرڪات شهوت آلوده نه هجن.
  • احڪام ڪلي شرعي کي عقل جو درڪ ڪرڻ معيار آهي نه جزئيات کي ڇوته عقل مصالح ۽ مفاسد واقعي ۽ شارع مقدس جي نظر تي واقعي احاطو نٿو رکي سگهي. (12)
  1. اجماع

شيعا حضرات وٽ اجماع ان صورت ۾ حجيت آهي جڏهن اجماع قول معصوم جو ڪاشف هجي. اجماع هڪ مستقل دليل ته آهي ليڪن حقيقتاً اجماع جي موٽ ۽ برگشت سنت ڏانهن آهي لذا حجيت سنت وارا دليل اجماع لاءِ ڪافي ۽ وافي آهن، پس اگر ڪجهه علماء گڏ ٿين هڪ حڪم تي ليڪن انهن جو قول قول معصوم کان ڪاشف نه هجي اهڙو اجماع حجيت نٿو رکي اهل سنت وانگر بغير شرط جي اجماع کي قبول نٿو ڪري سگهجي بلڪه اجماع جي حجيت لاءِ ڪاشفيت شرط آهي، اجماع جي  منبع ۽ دليل هجڻ جي معني هي آهي ته مجتهد احڪام شرعيه کي استنباط ڪرڻ وقت فقهاء ۽ مجتهدين جي اتفاق نظر ۽ اجماع کي پنهنجي لاءِ مستند ۽ دليل قرار ڏئي ۽ ان اتفاق مطابق فتوا ڏئي سگهي (13)

سوال: اجتهاد اهل سنت جا منابع ڪهڙا آهن؟

جواب: اهل سنت وٽ اجتهاد جي منابع ۾ اختلاف آهي

منابع اجتهاد ابوحنيفه: 1. قرآن 2. سنت متواتر 3. اقوال اصحابه 4. اجماع صحابه 5. قياس 6. استحسان 7. نظر عرف (14)

منابع جتهاد مالڪي: قرآن سنت، اجماع اهل مدينه، مصالح مرسله (قياس جو هڪ قسم) قول صحابي جيڪو مستند نه ٿئي راءِ ۽ قياس منصوص العله ڏانهن (15)

منابع اجتهاد شافعي: ڪتاب، سنت، اجماع، قياس مستنبط العله، قياس تشبيهه و تمثيل

منابع اجتهاد حنبلي: ڪتاب، سنت ، قياس منصوص العله، قياس تشبيه و تمثيل عندالضروره، فتاواي صحابه ان صورت ۾ جڏهن ڪتاب ۽ سنت ۽ حديث جي مخالفت ۾ نه هجي (16)

ڪتاب ۽ سنت

  انهن سڀني منابع منجهان ڪتاب اولين ۽ مهم ترين منابع آحي ان کانپوءِ سنت آهي ليڪن سنت ۾ شيعه ۽ اهل سنت وٽ هڪ مختصر فرق آهي اهل سنت وارا اصحابه ۽ رسول ص جي سنت کي دليل قرار ڏين ٿا چاهي قول رسول هجي يا فعل يا تقرير رسول (ص) هجي. اهڙي ريت قول و فعل و تقرير اصحابه هجي ليڪن اهل بيت کي مڃڻ وارا به يعني شيعه حضرات به سنت کي تعميم ڏين ٿا يعني سنت قول، فعل ۽ تقرير کي شامل آهي اهي چاهي رسول الله کان صادر ٿين يا ائمه عليهم السلام کان هجن. (17)

   اهل سنت ۽ شيعا ٻئي سنت کي منابع اجتهاد منجهان سمجهن ٿا فرق هي آهي ته اهل سنت وارا  سنت ۾ قول ۽ فعل ۽ تقرير صحابه کي به شامل ڪن ٿا جڏهن ته شيعه سنت ۾ قول صحابه کي قبول نٿا ڪن بلڪه سنت ۾ قول، فعل ۽ تقرير رسول خدا (ص) سان گڏ قول، فعل ۽ تقرير ائمه کي شامل ڪن ٿا.

اجماع

  اهل سنت وٽ احڪام الهي جي استنباط ۾ ٽيون دليل اجماع آهي هي منبع ۽ دليل اهل سنت وٽ تمام گهڻو اهميت وارو آهي حتي ابن تيميه منابع اجتهاد کي ترتيب ڏيڻ وقت الکي ٿو ته اجماع پهريون دليل آهي جيڪو مجتهد کي ٻين دليلن کان بي نياز ڪري ٿو اگر ڪنهن مجتهد وٽ اجماع آهي ته ان لاءِ ضروري ناهي ته ڪنهن ٻي دليل جي جستجو ڪري بس پهرين رتبي تي اجماع ان کانپوءِ ڪتاب ۽ سنت ۽ ان کان بعد خبر واحد ۽ قياس جو رتبو هوندو، ابن تيميه لکي ٿوته ان اجماع جي ڪري اهل سنت کي اهل سنت و الجماعه جو نالو ڏنو ويو آهي (18)

اجماع جا مختلف نالا:

  1. پوري امت اسلامي جو اتفاق
  2. اتفاق اهل حلّ و عقد
  3. رحلت رسول خدا (ص) کان پوءِ سڀني مجتهدن جو اتفاق
  4. امت محمدي ۾ هڪ ئي زماني ۾ مجتهدن جو اتفاق
  5. اهل مدينه جو اتفاق
  6. اهل مڪه جو اتفاق
  7. اهل حرمين جو اتفاق (19)

اهل سنت وٽ مٿي ڏنل تعابير ۽ اجماع ۾ ڪوبه فرق نه آهي هي سڀ اجماع جا مختلف عنوان ۽ نالا آهن.

سوال: اهل سنت جو حجيت اجماع لاءِ ڪهڙو دليل آهي؟

جواب: اهل سنت طرفان حجيت اجماع لاءِ چند دليل آهن ليڪن اسان فقط هڪ مهم دليل کي ذڪر ڪريون ٿا.

دليل اجماع: سوره نساء آيت نمبر 59

فان تنازعتم في شيء فردوه الى الله والرسول ان كنتم تومنون بالله واليوم الآخر  ذلك خير واحسن

اگر اوهان ڪنهن شيء ۾ تنازع ڪيو ان تنازع کي دور ڪرڻ لاءِ خدا ۽ رسول ڏانهن رجوع ڪيو اگر الله ۽ روز جزاء تي ايمان رکو ٿا.

  اهل سنت وارا چون ٿا ته ان آيت مبارڪه جو مفهوم هي آهي ته ته اگر اوهان پاڻ ۾ اتفاق نظر ٿا رکو ۽ پاڻ ۾ ڪوبه تنازع ڪونه ٿا رکو ان صورت ۾ خدا ۽ رسول ڏانهن رجوع ڪرڻ لازمي ناهي يعني اوهان پنهنجي اتفاق تي ئي عمل ڪيو هي مضمون بعنيه حجيت اجماع تي دلالت ڪري ٿو. (20)

دليل اجماع جو جواب

  سورت نساء آيت نمبر 59 ۾ ماڻهن جي اختلافات کي بيان ڪيو ويو آهي يعني اگر اوهان ۾ اختلاف ٿي وڃي ته قضاوت ۽ فيصلي لاءِ خدا ۽ رسول ص ڏانهن رجوع ڪريو ان آيت جو مسائل فقهي سان ڪوبه اختصاص ناهي هي آيت اجماع جي حجيت کي بيان ڪري ٿي ليڪن هي آيت هڪ اهڙي اجماع ۽ اتفاق کي بيان ڪري ٿي جنهن ۾ سڀ جا سڀ مومنين شريڪ هجن ۽ اهڙو اتفاق واقع ناهي ٿيو ۽ نه وري ٿيندو ۽ جيڪڏهن گڏ به ٿين ان جو هڪ فقيه ۽ مجتهد سان ڪهڙو ربط آهي. (21)

سوال: قياس ڇاکي چئبو آهي؟

جواب: قياس لغت ۾ مقدار ۽ اندازو ۽ برابري جي معني ۾ آهي(22)

فقهي اصطلاح ۾ هڪ موضوع جي حڪم کي ٻئي موضوع جي حڪم ڏانهن سرايت ڏيڻ جڏهن ته ٻئي حڪم علت حڪم ۾ مشترڪ هجن(23)

بعبارت اخرى: هڪ فرد ٻن مسئلن منجهان هڪ جو حڪم ڄاڻيندو هجي ۽ ٻئي مسئلي جو حڪم بعينه هن مسئلي وارو آهي ڇوته ٻئي مسئلا پاڻ ۾ شباهت رکن ٿا (24)

   اقسام قياس

قياس منصوص العله: اگر شارع مقدس علت جي باري ۾ تصريح ڪري ۽ حڪم جو دارومدار به پڻ ان علت تي هجي هتي فقيه پڻ ان حڪم کي ٻين موضوعن ڏانهن سرايت ڏئي سگهي ٿو ڇوته: اها علت ٻن موضاعتن ۾ پڻ موجود آهي. مثال: شارع مقدس چوي ته: شراب نه پئي ڇوته هتي شراب مسڪر ۽ مستي آور آهي اگر هتي مجتهد حرمت کي ٻين مستي آور اشياء ڏانهن به سرايت ڏئي ان کي قياس منصوص العله چئبو آهي. هتي شراب نه پيء يعني مستي آور شيون نه پيء جي معني ۾ آهي ۽ فقيه چئي سگهي ٿو ته هر مست آور شيء حرام آهي. (25)

قياس اوليت: قطعي ۽ يقيني اوليت جي ڪري هڪ موضوع جو حڪم  ٻئي موضوع ڏانهن سرايت ڏيڻ، مثال؛ لاتقل لهما اف… (26) يعني: پنهنجي پيءُ ماءُ کي اف به نه چئو: اهڙي نموني سان هي آيت نموني سان اها آيت بدرجه اولى پيءُ ۽ ماءُ سان برو نه ڳالهايو وڃي. (27)

قياس تنقيح مناط: يعني موضوع هڪ اهڙيون خصوصيات رکندڙ هجي انهن خصوصيات لاءِ حڪم ۾ ڪابه دخالت نه هجي لذا ان خصوصيات کي مدنظر نه رکيو ويندو ۽ انهن خصوصيات کان صرف نظر ڪئي ويندي. مثال: امام عليه السلام کان ڪنهن سوال ڪيو ته نماز ظهر جي رڪعتن ۾ شڪ آهي ته ٽئين رڪعت آهي يا چوٿين رڪعت ڇا حڪم آهي؟ امام جواب ڏنو ته: چئن رڪعتن تي بنا رکي، ان کان پوءِ هڪ رڪعت نماز احتياط پڙهي وڃي قياس تنقيح مناط ذريعي ان حڪم کي هر چار رڪعتي نماز ڏانهن سرايت ڏيئي سگهجي ٿو نماز ظهر ۽ مسجد ۽ مرد هجڻ انهن خصوصيات جو حڪم ۾ ڪابه دخالت نه آهي.

قياس مستنبط العله: هن قياس ۾ مجتهد پنهنجي ظن ۽ گمان مطابق هڪ علت کي حاصل ڪندو آهي ان علت گماني جي ڪري مجتهد هڪ موضوع جي حڪم کي ٻئي موضوع ڏانهن سرايت ڏيندو آهي هن قياس ۾ پهريون موضوع اصل ۽ ٻيو موضوع فرع هوندو آهي ڇوته پهرين موضوع لاءِ حڪم ثابت آهي ليڪن ٻئي موضوع لاءِ ڪو حڪم ناهي ڇوته ٻيوموضوع پهرين موضوع سان مجتهد جي گمان ۾ اشتراڪ رکي ٿو ٻئي موضوع لاءِ به پهرين وارو حڪم ثابت ڪيو ويندو آهي. (28) انهن قياسن منجهان چوٿون قياس اهل سنت وٽ حجيت آهي خصوصاً ابوحنفيه وٽ ان قياس جي وڏي اهميت آهي ڇوته ابو حنفيه وٽ علت ۾ هر قسم جي تشبيهه کي ڪافي ۽ وافي سمجهيو ويندو آهي. (29) شيعا مجتهدين دليل جا پوئلڳ آهن صرف تشبيه کي مدنظر ناهن رکندا ۽ ائمه عليهم السلام جي دور کان وٺي اهو قياس جنهن ۾ ڪوبه دليل ناهي هوندو صرف تشبيهه هوندي آهي ڇوته احڪامن جي تشريع ڪرڻ مجتهدين جو ڪم ناهي ان ڪري هر اهو حڪم جنهن کي قياس ذريعي حاصل ڪيو وڃي ان ۾ نقص جو احتمال هوندو آهي ۽ روايات ۾ ابوحنيفه جي قياس جي مذمت ڪئي وئي آهي:

حديث1: روايت آهي ته ابو حنيفه امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ آيو امام فرمايو اي ابوحنيفه اسان اسان کي خبر ملي آهي ته تون قياس ڪندو آهين ته ابو حنيفه جواب ڏنو ته ها مان قياس ڪندو آهيان، امام عليه السلام فرمايو ته قياس نه ڪر ڇوته سڀ کان پهريان قياس ڪرڻ وارو شيطان هو. شيطان باهه ۽ مٽي جي وچ ۾ قياس ڪيائين اگر شيطان حضرت آدم جي نورانيت ۽ باهه جي نورانيت کي ڏسي ها ته حتماً حضرت آدم جي نورانيت کي اهميت ڏيئي ها. (30)

حديث 2: امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو  جنهن دين کي پنهنجي نظر ۽ راءِ سان قياس ڪيو خداوند قيامت جي ڏينهن ان ان کي ابليس سان گڏ محشور ڪندو.

حديث 3: قياس ڪرڻ وارا علم کي قياس ذريعي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ قياس هنن کي دين کان پري ڪري رهيو آهي يقيناً قياس جي ذريعي دين ۽ احڪام خدا کي حاصل نٿو ڪري سگهجي (31)

استحسان

ابو حنيفه ۽ مالڪ ۽ احمد بن حنبل وٽ استحسان اجتهاد جو مهمترين دليل آهي مالڪ جو هي معروف جملو آهي ته 90 فيصد فقه استحسان آهي (32)

لغوي تعريف: استحسان لغت ۾ يعني سٺو ۽ سهڻو ۽ پسند پسند ڪرڻ جي معني ۾ آهي(33)

اصطلاحي تعريف: حڪم شرعي کي پنهنجي ذوق ۽ شوق ۽ سليقي سان استنباط ڪرڻ، مثلاً: مجتهد سمجهي ورتو هجي فعل طبع ۽ ذات اسان سازگار آهي ان فعل جو واقعي حڪم اباحه آهي اگر ڪو فعل انسان جي ذوق شوق ۽ طبح سان سازگار نه هجي ۽ نفس انساني ان کان نفرت رکندڙ هجي ۽ تنفر نفس هڪ اعلي حد جو هجي يعني ان فعل جو واقعي حڪم حرمت آهي اگر نفسي تنفر اعلى درجي جو نه هجي بلڪي هيٺائين درجي جو هجي يعني هي فعل خدا وٽ ڪراهت رکي ٿو، ڏسڻو اهو آهي ته اهو فعل انساني ذوق ۽ شوق سان ملي ٿو يا نه اگر ملي ٿو ته اهو مباح  ۽ جائز آهي اگر نٿو ملي ته اعلي درجي تي آهي ته حرام اگر گهٽ درجي تي آهي ته مڪروه ثابت ٿيندو. (34)

استحسان عندالحنفي: ضعيف قياس کان قوي قياس جي طرف عدول ۽ خروج ڪرڻ جو نالو استحسان آهي (35)

استحسان عندالمالڪي: اقوى دليلن تي عمل ڪرڻ جو نالو استحسان آهي (36)

استحسان عندالحنبلي: مجتهد جو ڪنهن شيء کي پنهنجي عقل مطابق سٺو سمجهڻ (37)

دليل حجيت استحسان

اهل سنت پاران ڪجهه دليل استحسان لاءِ قائم ڪيا ويا آهن انهن مان مهم دليل اجماع آهي.

دليل استحسان جو رد

  جنهن اجماع کي اهل سنت وارا استحسان لاءِ دليل قرار ڏين ٿا ان جي ڪابه ارزش ناهي ڇوته ان اجماع خلاف سيرت قائم آهي سيره مستمره رسول خدا کان وٺي علم ۽ تقرير رسول خدا (ص) تي برقرار آهي شيعا مجتهدين وٽ استحسان دليل ظني غير معتبر آهي جنهن جي فقه ۾ ڪابه ارزش ناهي. (38)

مصالح مرسله

   اهل سنت وٽ استنباط احڪام شرعيه لاءِ هڪ دليل مصالح مرسله آهي يعني جنهن امر لاءِ ڪو خاص يا عام حم شارع طرفان وارد ناهي ٿي ليڪن مجتهد مصلحت ۽ مفسده کي ڏسندي ان موضوع جو حڪم استنباط ڪندو آهي. (39)

مصلحتن جا ٽي قسم آهن

  1. مصالح معتبره: يعني اهڙيون مصلحتون جنهن جو ادله شرعيه لحاظ ۽ رعايت ڪرڻ لازمي ۽ ضروري هوندي آهي
  2. مصالح ملغى: يعني اهڙيون مصلحتون جيڪي شارع مقدس وٽ ارزش نٿيون رکن ۽ جن جي رعايت ڪرڻ ضرري ناهي.
  3. مرسله: يعني اهڙيون مصلحتون جن جي شرعيت ۾ رعايت يا عدم رعايت مساوي هجي. (40)

دليل مصالح مرسله

   احڪام مصالح جي تابع آهن ۽ روايات ۾ سڀ مصالح ذڪر ناهن ٿيل ۽ مصلحتون زمان ۽ مڪان جي اعتبار سان تبديل ٿين ٿيون اگر اسان فقط معتبر مصلحت کي مدنظر رکون ان صورت ۾ ڪيتريون ٻيون مصلحتون هٿن مان هليون وينديون ۽ هي خلاف غرض شارع آهي (41)

مصالح مرسله تي نقد

  ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته احڪام تابع مصالح آهن ليڪن اهي مصلحتون جيڪي دليل ۽ نصوص ۾ قابل اعتبار هجن يا عقلي درڪ جي اعتبار سان اهڙيون مصلحتون هجن جن جي باري ۾ قطع ۽ يقين حاصل ٿئي اهڙيون مصلحتون حجت آهن ليڪن اگر اهڙيون مصلحتون جن جي اعتبار لاءِ نه دليل هجي نه نص هجي نه انهن کي عقل اعتبار ڪري اهڙيون مصلحتون ظن آور آهن ۽ ظن آور مصلحت لا۽ قطعي دليل هجڻ ضروري آهي ۽ ظني مصلحتن لاءِ ڪوبه قطعي دليل وجود نٿو رکي  ظن ۽ گمان لاءِ اصل عدم حجيت آهي. (42)

  اهل سنت جي اجتهاد جا ٻيا منابع به آهن ليڪن انهن جي ڪا خاص اهميت نه آهي ان ڪري انهن جي ذڪر ڪرڻ کان اجتناب ڪيو ويو آهي، اسان چند مشهور منابع ذڪر ڪياسين ۽ انهن جا جواب پڻ ڏناسون ۽ اهڙي نموني سان شيعه اجتهاد جا به منابع ذڪر ڪياسون ۽ جن جي اختصاراً توضيح ڏني سون، اهڙي ريت شيعه ۽ اهل سنت جي اجتهاد درميان فرق کي بيان ڪيوسين ۽ اهي علتون ۽ اسباب به ذڪر ڪياسين جن جي سبب اهل سنت وارن جا اجتهاد مطلق جا دورازا ڪيا آهن ۽ پڻ ان موضوع مطابق ڪيترائي سوال ۽ جواب مطرح ڪيا ويا.

اميد آهي ته هي مختصر مقالو خداوند عليم پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي ۽ اڳتي لاءِ توفيق عنايت ڪري ته سٺي خدمت ڪري سگهون.

 

حوالا

  1. پيام امير المومنين عليه السلام ، ج1، 614، آيه الله مڪارم شيرازي
  2. ساڳيو، ج1، ص 615.
  3. تاريخ فقه و فقهاء ص 84، ابوالقاسم گرجي و منشور عقايد اماميه، ص 265.
  4. شيعه شناسي و پاسخ به شبهات ج2، ص 615. علي اصغر رضواني.
  5. ساڳيو ج2، ص 616.
  6. سورت نحل: 89
  7. سورت انفال: 41
  8. اصول ڪافي، ج1، فضل العلم باب 23 حديث1، ص 29.
  9. اصول مظفر ج2، ص 63.
  10. آشنايي با علوم اسلامي 3، بخش اصول فقه، استاد شهيد مطهري
  11. الاصول العامه للفقه المقارن ص 299، محمد نقي حڪيم
  12. ساڳيو، ص 262.
  13. منابع اجتهاد از ديدگاه مذاهب اسلامي ص3.
  14. ساڳيو
  15. ساڳيو، ص 5.
  16. الاصول العامه ص 161.
  17. دائر المعارف فقه مقارن ص 159، ۽ مجموعه فتاواي ابن تيميه ج 3، ص 346.
  18. انوار الاصول ج2، ص 393.
  19. الکشاف عن حقايق غوامض التنزيل ج1، ص 565، زمخشري.
  20. احڪام القرآن ج 3، ص 268.
  21. المصباح المنير ج2، ص 521.
  22. اصطللاحات الاصول و معظم ابحاثها ص 226.
  23. لوامع صاحبقراني ج 7، ص 275. محمد تقي مجلسي.
  24. دائره المعارف فقه مقارن ص 197، مڪارم شيرازي.
  25. سوره اسراء 23.
  26. فقه مقارن ص 197.
  27. دائره المعارف فقه المقارن ص 198.
  28. ساڳيو
  29. اصول ڪافي ج1، ص 58. حديث 20، ڪليني.
  30. تفسير المنار ج 8 ص 331 طبري.
  31. اصول ڪافي، ج1، ص 56، حديث 7.
  32. اصول فقه ص263، فقه مقارن ص200.
  33. فرهنگ تشريعي اصطلاحات اصول ص54.
  34. المعجد الاصولي حرف الف استحسان.
  35. مصادر التشريح ص 85.
  36. ساڳيو
  37. ساڳيو
  38. الاصول العامه للفقه مقارن ص 361 و مدخل علم فقه ص 188.
  39. فقه مقارن ص 202.
  40. اصول الفقه الاسلامي ص 286.
  41. اصول الفقه الاسلامي ص 289
  42. انوار الاصول ج 2، 538.