جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

اسان جي باري ۾

فونٽ جو اندازو :
2025/01/28

1986 عيسوي ۾ جامعه روحانيت سنڌ ان ڏينهن جنم ورتو جنهن ڏينهن آسمان ولايت ۽ امامت جي ستين ستاري نور افشاني ڪئي هئي. ها دوستو اسلامي مهيني صفر المظفر جي ستين تاريخ اسان جي مولا امام موسى ڪاظم عليه السلام جي ولادت واري ڏينهن جامعه روحانيت سنڌ منظم نموني سان پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪيو. ماشاءَ الله جامعه روحانيت سنڌ سعادتن ۽ ڪاميابن جا 25 پنجويه سال پار ڪري چڪي آهي. انهن 25 سالن ۾ جن بزرگن سرواڻي جو تاج پنهنجي سر تي سجائي ڀرپور خدمت ڪئي آهي.

انهن ۾ حجة الاسلام والمسلمين غلام اڪبر حيدري، حجة الاسلام والمسلمين ڪفايت حسين ڪريمي، حجة الاسلام والمسلمين خادم حسين سومرو، حجة الاسلام والمسلمين دوست علي سعيدي، حجة الاسلام والمسلمين نبي بخش دانش، حجة الاسلام والمسلمين روشن علي طاهري، حجة الاسلام والمسلمين رضا محمد سعيدي، حجة الاسلام والمسلمين ديدار علي جعفري، حجة الاسلام والمسلمين غلام قاسم (غازي خان)، حجة الاسلام والمسلمين صدرالدين هادي، حجة الاسلام والمسلمين اسلم پرويز جمالي، حجة الاسلام والمسلمين غلام علي جعفري، حجة الاسلام والمسلمين الله بخش عرف محمد حسن شريفي، حجة الاسلام والمسلمين منير احمد دادوي، حجة الاسلام والمسلمين اختر حسين شريعتي، حجة الاسلام والمسلمين اعتقاد علي رجائي، حجة الاسلام والمسلمين نائب علي ڪميلي ۽ حجة الاسلام والمسلمين سيد نياز حسين نقوي شامل آهن ۽ انهن پنجويهن سالن ۾ جامعه جي ڪيل ڪارنامن لکڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب درڪار آهن. پر ٿلهي ليکي اسان هتي پهريان جامعه روحانيت جي نصب العين ۽ هدفن و اغراض کي نقل ڪندي موجوده ڪابينه ۽ سندس نون رٿيل منصوبن ڏانهن اشارو ڪنداسين.

نصب العين

قرآن حڪيم ۽ سيرت محمد و آل محمد جي روشنيءَ تحت ۽ ولي فقيه جي دستور مطابق ، پنهجي قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن ۾ اسلامي ۽ انقلابي شعور پيدا ڪرڻ .

اغراض ومقاصد

1_ طالبعلمن ۾ اسلامي تعليمات مطابق علمي ، ادبي ، سياسي شعور ۽ روحانيت پيدا ڪرڻ .

2_ طالب علمن جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت ڪرڻ

3_ اسلامي انقلاب جي تقاضا مطابق اتحاد بين المسلمين لاءِ وس آهر ڪوشش ڪرڻ .

4_ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ذريعي سڀني سامراجي براين خلاف جدوجهد ڪرڻ

5_ طالب علمن ۾ تقريري، تحريري ۽ علمي مباحثن جو اهتمام ڪرڻ ۽ انهن جي اصلاح لاءِ ڪوشش ڪرڻ

6_ مستحق طالب علمن لاءِ اجتهادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وس آهر وسائل فراهم ڪرڻ .

7_ وقت جي تقاضا مطابق مختلف پروگرامن جواهتمام ڪرڻ .

8_ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۾ اسلامي شعور پيدا ڪرڻ .

9_ پنهنجي ملڪي حالات کي نظر ۾ رکندي اسلامي دشمن قوتن خلاف علمي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ.