جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

امام حسين عليه السلام امام مهدي عليه السلام جي نگاه ۾

فونٽ جو اندازو :
2025/06/06

تحرير: افتخار علي سولنگي

دنيا انتظار ۾ آهي ته مهدي برحق اچي ۽ ڪربلا واري حسيني پرچم کي بلند ڪري ۽ ” هل من ناصر ينصرنا “ واري استغاثي جو جواب ڏئي ۽ حقيقي ظالمن کان انتقام وٺي. جيڪا هستي اڄ به لڙڪن جي جگهه تي خون روئي رهي آهي.

” فلاندبنک صباحا و مساء و لابکين لک بدل الدموع دما “[1]

اسين پنهنجي مختصر لکڻيءَ ۾ هيٺين موضوعن تي ڪجهه لکنداسين:

1. امام حسين عليه السلام امام مهدي عليه السلام جي نگاه ۾

2. امام حسين عليه السلام جي دشمنن کان انتقام وٺڻ

3. امام مهدي عليه السلام جي لشڪر جو نعرو

4. امام مهدي عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جي عزاداري

1. امام حسين عليه السلام امام مهدي عليه السلام جي نگاه ۾:

قرآن مجيد ۾ ڪجهه اهڙيون آيتون موجود آهن جن کي امام حسين عليه السلام جي باري ۾ تاؤيل ڪيو ويو آهي انهن آيتن منجهان سورت مريم جي پهرين به هڪ آهي جنهن کي امام مهدي عليه السلام، امام حسين عليه السلام جي باري ۾ تاويل ڪيو آهي:

سعد بن عبدالله قمي چوي ٿو: مون امام زمانه عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو: اي فرزند رسول ص! ” کهيعص “ جي تاويل ڇا آهي؟

امام عليه السلام جن فرمايو:

” هَذِهِ الْحُرُوفُ مِنْ أَنْبَاءِ الْغَيْبِ أَطْلَعَ اللَّهُ عَلَيْهَا عَبْدَهُ زَكَرِيَّا ثُمَّ قَصَّهَا عَلَى مُحَمَّدٍ ص وَ ذَلِكَ أَنَّ زَكَرِيَّا سَأَلَ رَبَّهُ أَنْ يُعَلِّمَهُ أَسْمَاءَ الْخَمْسَةِ فَأَهْبَطَ عَلَيْهِ جَبْرَئِيلَ فَعَلَّمَهُ إِيَّاهَا… “.[2]

” هي حرف غيبي خبرن منجهان آهن جنهن کان خداوند عالم ( پنهنجي بندي) زڪريا ( عليه السلام) کي آگاه ڪيو ۽ ان جي خبر ڏني ۽ ان کانپوءِ ان قصي کي حضرت محمد ص لاءِ پڻ بيان ڪيو ۽ اهو قصو هن ريت آهي: زڪريا ( عليه السلام) پنهنجي پالڻهار کي عرض ڪيو ته اي منهنجا الله! اهي پنج پاڪ نالا مونکي سيکار خداوند عالم جبرائيل کي ان تي نازل ڪيو ۽ انهن پنجن نالن جي تعليم ڏني.

زڪريا ( عليه السلام) جڏهن محمد، علي، فاطمه ۽ حسن (عليهم السلام) جا نالا زبان تي آڻيندو هيو ته سندس ڏک ۽ غم ختم ٿي ويندو هيو ۽ جڏهن حسين عليه السلام جو نالو وٺندو هيو ته غم ۽ درد وڌي ويندو هيس ۽ لڙڪ لاڙڻ شروع ڪندو هيو.

هڪ ڏينهن چيائين: اي منهنجا پالڻهار جڏهن انهن چئن هستين (محمد، علي، فاطمه، حسن) جا نالا وٺندو آهيان ته سڪون ملندو آهي غم ۽ درد ختم ٿي ويندو آهي پر جڏهن حسين ( عليه السلام) جو نالو کڻندو آهيان ته بي اختيار لڙڪ لڙي پوندا آهن ۽ منهنجون آهون بلند ٿي وينديون آهن، ان جو ڇا سبب آهي؟

خالق ڪائنات زڪريا ( عليه السلام) کي ڪربلا جي واقعي کان آگاه ڪيو ۽ چيو: ” کهيعص “ ڪاف ڪربلا، هاءَ اهلبيت (عليهم السلام) جي شهادت جو راز آهي، ياءَ يزيد جو نالو، عين عطش، پياس، اڃ ۽ صاد صبر آهي.

زڪريا (عليه السلام) جڏهن اهيو ٻڌو ايترو غمگين ٿيو جو ٽي ڏينهن عبادتگاه کان ٻاهر نه آيو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي اجازت ڏنائين ته ڪو عبادتگاه ۾ داخل ٿئي. تمام گهڻو رنو ۽ هي نوحو پڙهيائين:

اي منهنجا پالڻهار! انهيءَ غم ۾ ڏکويل آهيان.

خدايا! ڇا هي غم ۽ ڏک ان تي نازل ڪندين.

خدايا! ڇا هن ڏک جي لباس کي علي ( عليه السلام) ۽ فاطمه (سلام الله عليها) جي زيب تن ڪندين.

خدايا! ڇا هن درد کي انهن پاڪن مٿان نازل ڪندين.

ان کانپوءِ زڪريا ( عليه السلام) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! مونکي هڪ اهڙو پٽ عطا ڪر جيڪو پوڙائپ ۾ منهنجي اکين جو ٺار هجي، انکي منهنجو وصي ۽ وارث قرار ڏي ۽ مونکي ان جو دردمند قرار ڏي جيئن محمد ص کي سندس فرزند جو دردمند قرار ڏنو اٿئي.

الله تعالى حضرت زڪريا عليه السلام کي ” يحيى “ عطا ڪيو ۽ حضرت يحيى کي سندس والد جو هڏڏوکي قرار ڏنو ۽ انهيءَ جي ڪري امام حسين عليه السلام ۽ حضرت يحيى عليه السلام ۾ ڪجهه شباهتون پاتيون وڃن ٿيون جهڙوڪ:

1. ٻئي ڇهن مهينن ۾ ڄاوا.

2. ٻنهي جي شهادت به هڪ جهڙي ٿي آهي يعني سر مبارڪ تن کان جدا ڪيا ويا ۽ ان وقت جي ظالم ( بادشاه) لاءِ هديو ڪري موڪليا ويا ۽ ان پڻ ان مقدس سرن کي سوني ٿالهه ( طشت) ۾ رکيو.[3]

2. امام حسين عليه السلام جي دشمنن کان انتقام وٺڻ:

اسين زيارت عاشورا ۾ پڙهندا آهيون:

” السلام عليک يا ثار الله وابن ثاره والوتر الموتور“

اسان جو سلام هجي توتي اي الله جا خون ۽ الله جي خون جا فرزند ۽ سلام هجي توتي اي ” وتر موتور“ ڪلمه وتر جي معنائن منجهان هڪ معني ” اڪيلو ۽ تنها “ به آهي.[4] ۽ موتور جي معنائن منجهان هي ٻه معنائون ذڪر ڪيون ٿا:

1. موتور: اهو انسان جنهن جا عزيز ۽ اقرباءَ قتل ڪيا ويا هجن.

2. موتور: اهو انسان جيڪو ناحق قتل ڪيو ويو هجي ۽ ان جو قصاص ۽ انتقام نه ورتو ويو هجي.[5]

انهن معنائن جي بنياد تي پوري معني هيءَ آهي: سلام هجي توتي ( اي تنها حسين ع) جنهن جا عزيز ۽ اقرباءَ، ماريا ويا ۽ موتور جي ٻي معني جي بنياد تي هي معني ٿيندي: اسان جو سلام هجي توتي ( اي حسين ع) جنهن جو اڃان تائين انتقام نه ورتو ويو آهي.

امام حسين عليه السلام جن فرمائن ٿا: هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو جو منهنجو پٽ مهدي ( عليه السلام) ظهور ڪندو ۽ سڀني ظالمن کي قتل ڪندو ۽ مظلومن کي عزت بخشيندو ۽ دنيا کي عدالت جي نور سان روشن ۽ منور ڪندو.[6]

هروي نالي راوي چوي ٿو: مون امام رضا عليه السلام جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اي فرزند رسول ص امام جعفر صادق عليه السلام جن جي هن فرمان جي باري ۾ اوهان جي ڇا نظر آهي؟ ” ۽ جڏهن اسان جو قائم قيام ڪندو ته امام حسين ( عليه السلام) جي قاتلن منجهان بچيلن کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪردار جي سبب قتل ڪندو“

امام رضا عليه السلام جن فرمايو: هي فرمان بلڪل صحيح آهي. راوي چيو ته مولا پوءِ هن آيت جو مطلب ڇا آهي؟

” وَ لا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرى‏“[7]

”ڪوبه شخص ٻئي انسان جي گناه کي پنهنجي ڪلهن تي نه کڻندو“.

امام رضا عليه السلام جن فرمايو: جيڪو ڪجهه خداوند متعال فرمايو آهي اهو به بلڪل صحيح آهي پر توکي خبر هئڻ گهرجي ته امام حسين ( عليه السلام) جي قاتلن جي اولاد پنهنجي وڏن جي ڪردار ( قتل امام حسين عليه السلام) تي خوش ۽ راضي هئي ۽ ان ڳالهه تي ناز ڪندي هئي ۽ جيڪو انسان ڪنهن ڪم مان راضي هجي ته اهو شخص انهيءَ انسان وانگر آهي جنهن شخص ان ڪم کي انجام ڏنو هجي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص مشرق ۾ قتل ٿئي ۽ ٻيو انسان جيڪو مغرب ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ان قتل تي راضي هجي ته اهو انسان ان قاتل جي گناه ۾ شريڪ آهي ۽ اها ڳالهه ته قائم پنهنجي ظهور کانپوءِ امام حسين عليه السلام جي قاتلن جي اولاد کي قتل ڪندو ان جو سبب اهيو آهي ته اهي پنهنجي وڏن جي ڪم (قتل امام حسين عليه السلام) تي راضي آهن.[8]

3. امام مهدي عليه السلام جي لشڪر جو نعرو:

ابن مشهدي پنهنجي ڪتاب ” المزار“ ۾ زيارت جامعه آئمه نقل ڪندي امام مهدي عليه السلام تي هن سلام کي بيان ڪن ٿا:

” السلام على الامام العالم، الغائب عن الابصار، والحاضر في الأمصار، والغائب عن العيون، الحاضر في الأفكار، بقية الأخيار، الوارث ذا الفقار، الذي يظهر في بيت الله الحرام ذي الأستار، وينادي بشعار “يا لثارات الحسين، انا الطالب بالأوتار…“.[9]

منهنجو سلام هجي ان عالم امام تي جيڪو اکين اوجهل آهي ۽ شهرن ۾ حاضر آهي.

منهنجو سلام هجي ان امام تي جيڪو اکين کان غائب آهي پر ذهنن ۾ حاضر آهي.

منهنجو سلام هجي ان امام تي جيڪو پاڪ نسلن جو باقي رهيل آهي ذوالفقار جو وارث آهي.

منهنجو سلام هجي ان امام تي جيڪو ڪعبة الله ۾ ظاهر ٿيندو ۽ ” يالثارات الحسين“ جي نعري سان سڏيندو ۽ فرمائيندو: آءٌ آهيان ناحق وهيل خون جو بدلو ۽ انتقام وٺڻ وارو.

۽ محدث نوري بيان ڪن ٿا:

” ان شعار اصحاب المهدي يالثارات الحسين “ [10]

بيشڪ امام مهدي عليه السلام جي اصحاب جو نعرو ” يالثارات الحسين“ هوندو.

4. امام مهدي عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جي عزاداري:

علامه سيد بحر العلوم جي وصفن منجهان هڪ وصف سندن امام حسين عليه السلام سان تمام گهڻي محبت ۽ عشق هيو. پاڻ نو (9) ۽ ڏهه (10) محرم واري ڏينهن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا هئا ۽ عزاداري ۾ شريڪ ٿيندا هئا.

هڪ سال عاشورا جو ڏينهن هيو ۽ ڪنڊ ڪڙڇ مان زوار ڪربلا ڏانهن اچي رهيا هئا، سيد بحرالعلوم پڻ ڪجهه شاگردن سان گڏ زوارن ۽ عزادارن جي استقبال لاءِ ڪربلا مان نڪتا. ڪجهه فاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ جڏهن ” طويرج“ نالي جڳهه تي پهتا ( هيءَ جاءِ اڄ به طويرج جي نالي سان ڪربلا کان ٻاهر موجود آهي) اچانڪ علامه ان علمي مقام ۽ منزلت جي باوجود جو ان دور جا مجتهد اعظم هئا پنهنجي ان ڪُراڙپ جي باوجود پنهنجو عمامو، عباء ۽ قبا لاهي سينو کولي ماتمين ۽ عزادارن سان گڏ سينه زني ۽ ماتم ڪرڻ لڳا.

شاگردن روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سيد بحرالعلوم عزاداري ۾ مشغول ٿي ويو زور زور سان ماتم ڪري رهيو هيو، علامه بحرالعلوم کي ڏسي ٻيا به ماتم ڪرڻ لڳا. جڏهن عزاداري ۽ ماتم بس ٿيو، سيد بحرالعلوم پنهنجو عمامو، عبا ۽ قبا پاتي ۽ واپس گهر وريا.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ عالم دين سيد بحرالعلوم کان پڇيو: ان عاشورا واري ڏينهن اوهان کي ڇا ٿي ويو هو جو اچانڪ بي اختيار عزاداري ڪرڻ لڳا هئا؟ سيد بحرالعلوم جواب ڏنو: جيئن عزادارن جو دستو پهتو ته اچانڪ منهنجي اک وڃي قبله دل پنهنجي محبوب آقا ۽ امام زمانه عليه السلام تي پئي جيڪي مٿي ۽ پيرن اگهاڙي انهن عزادارن جي وچ ۾ زور زور سان ماتم ڪري رهيا هئا ۽ پوءِ مون کان به رهيو نه ٿيو.[11]


[1] : زيارت ناحيه؛ بحار الانوار، علامه مجلسي ج 101، ص 3210.

[2] : ڪمال الدين، شيخ صدوق ج2، ص 420؛ معجم احاديث الامام المهدي ع، علي ڪوراني ج4، ص 25.

[3] : ارشاد ، شيخ مفيد ص 251، مناقب ابي طالب، ابن شهر آشوب، ج 2، ص 85، بحارالانوار، علامه مجلسي ج 45، ص 89 ۽ 292.

[4] : معجم مقائيس اللغه ابن فارس ماده وتر

[5] : شرح زيارت عاشورا، احمد مير خاني، ص 240.

[6] : معجم احاديث المهدي، علي ڪوراني، ج3، ص 181.

[7] : سوره انعام، آيت 164، سورت اسراء، آيت 15، سوره فاطر، آيت 18، سوره زمر آيت7.

[8] : علل الشرائع، شيخ صدوق ج1، ص 219، عيون اخبار الرضا ع، شيخ صدوق ج 1، ص 273، بحار الانوار، علامه مجلسي ج 52، ص 313.

[9] : المزار، ابن مشھدي ص 70.

[10] : مستدرڪ الوسائل، محدث نوري ج 11، ص 14.

[11] : عبقري الحسان، علي اڪبر نهاوندي، ج1، ص 119.

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸