امام حسين عليه السلام رسول اڪرم ص جي نظر ۾
2025/03/03تحرير: نظير احمد بهشتي
امام حسين عليه السلام جي ولادت وقت، پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله و سلم کين جهولي ۾ کنيو ۽ سندس ڪنن ۾ آذان ڏني (1) ۽ خدا جي حڪم سان سندس نالو حسين رکيو، کيس پنهنجي زبان چوسرائي.
رسول اڪرم(ص) فرمايو: ٻچڙا خدا جي لعنت هجي انهن مٿان جيڪي تو کي شهيد ڪندا. پاڻ سڳورن(ص) امام حسين(ع) جي ڄمڻ کانپوءِ ستين ڏينهن ٻه رڍون عقيقو ڪيون جن جي هڪ ران دائي کي ڏني، بي سهارن کي ڍوءَ ڪرايو ۽ امام حسين(ع) جي مٿي جا وار لهرائي انهن جي وزن جيتري چاندي صدقي طور ڏني (2)
امام حسين(ع) کي پنهنجي جهولي ۾ ويهاري فرمايو: تنهنجو شهيد ٿيڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي ۽ ڏاڍو رنا ۽ فرمايائون: پنهنجي ٻچڙي لاءِ روئان ٿو، کيس ڪافرن ۽ ظالمن جو ٽولو شهيد ڪندو (3)
امام حسين(ع) پنهنجي ننڍپڻ جا 6 سال نبي ڪريم(ص) سان گڏ گذاريا.
معاويه کان پوءِ سندس پٽ يزيد حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ مديني جي گورنر ڏانهن خط لکيو ته امام حسين(ع) کان منهنجي لاءِ بيعت وٺ.
امام حسين(ع)، يزيد جي بيعت کان انڪار ڪيو ۽ مڪي وڃڻ جي ارادي سان مدينو ڇڏيو ۽ يزيد جي حڪومت کي نندڻ شروع ڪيو.
ڪوفي وارن جي خطن ۽ دعوتن تي امام حسين(ع) پنهنجي سڀني گهر ڀاتين ۽ ڪجھ صحابين سان ڪوفي ڏانهن روانو ٿيا، ڏهين محرم تي پنهنجي صحابين سان گڏ شهيد ٿيا (4) ان وقت کان وٺي اڄ تائين ۽ اڄ کان وٺي قيامت تائين سندس راه ۽ فڪر جي حقانيت سج جي ڪرڻن کان به وڌيڪ روشن رهي آهي ۽ رهندي.
محرم الحرام جي مناسبت سان شهيدن جي سالار کي پيغمبر اڪرم(ص) جي گفتار ۽ ڪردار ۾ جاچيون ٿا.
1_ امام حسين(ع) جي ڪنن ۾ پيغمبر(ص) جي آذان
ابي رافع ۽ سندس پٽ عبيد الله کان روايت آهي ته “جڏهن حضرت فاطمه(س) جي گهر امام حسين(ع) جي ولادت ٿي ته نبي ڪريم(ص) سندس ڪن ۾ آذان ڏني”.
هن حديث کي احمد بن حنبل، ابو داوود ، ترمذي ۽ حاڪم نيشاپوري ۽ اهڙي ريت محب الدين شافعي ذخائر العقبى ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ابو داوود ۽ ترمذي هن حديث کي صحيح ڄاتو آهي (5)
2_ پيغمبر اڪرم(ص)، حسنين ڪريمين لاءِ عقيقو ڪيو
عبد الله پٽ بريده ۽ بريده سندس پيءُ کان روايت ڪئي آهي ته “ رسول خدا(ص)، امام حسن(ع) ۽ امام حسين(ع) جي ڄمڻ وقت ٻه رڍون عقيقي طور ذبح ڪيون”.
هن حديث کي احمد بن حنبل، ابو داود، نسائي ۽ ٻين نقل ڪيو آهي (6)
رسول خدا(ص) پاران امام حسين(ع) جو عقيقو ڪرڻ، پاڻ سڳورن(ص) جي ساڻن محبت ۽ امام حسين(ع) جي وٽس عزت ۽ عظمت جو چٽو ثبوت آهي، ڇو ته عام طور تي عقيقو پيءُ انجام ڏيندو آهي.
3_ پيغمبر اڪرم(ص)، امام حسن(ع) ۽ امام حسين(ع) لاءِ تعويذ (دعا) لکندا هئا
ابن عباس کان روايت آهي ته پيغمبر اڪرم(ص)، امام حسن(ع) ۽ امام حسين(ع) لاءِ دعا لکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته توهان جو بابو (ابراهيم) اسماعيل ۽ اسحاق کي هنن لفظن سان دعا ڏيندو هو: مڪمل ڪلمن جي ذريعي خدا کان هر شيطان ۽ بري نظر رکڻ واري ۽ نقصان ڏيندڙ جي پناھ ٿو گهران.
هن حديث کي احمد بن حنبل، بخاري، ترمذي، ابن ماجه ۽ ٻين ذڪر ڪيو آهي (7)
هن حديث مان چڱي نموني ڄاڻ ملي ٿي ته جهڙي ريت حضرت ابراهيم حاسدن جي نظر کان بچڻ لاءِ پنهنجي پٽن اسماعيل ۽ اسحاق کي تعويذ ڏيندا هئا، نبي ڪريم(ص) به حسنين(عليهماالسلام) لاءِ اهو ئي ڪم انجام ڏنو.
4_ حسين(ع) جي روئڻ تي پيغمبر اڪرم(ص) جو بيچين ٿيڻ
يزيد پٽ زياد کان نقل ٿيو آهي ته: “پيغمبر اڪرم(ص)، عائشه جي گهران نڪتو ته سندس گذر حضرت فاطمه(س) جي گهران ٿيو. امام حسين(ع) جي روئڻ جو آواز ٻڌي پنهنجي نياڻي فاطمه(س) کي فرمايائون: ڇا توهان نٿيون ڄاڻيو ته حسين(ع) جو روئڻ مون کي غمگين ڪري ٿو؟”
هن حديث کي ابن عساڪر، هيثمي ۽ ٻين ذڪر ڪيو آهي (8)
سندس شهادت کي رسول اڪرم(ص) ڪئين برداشت ڪيو هوندو؟ اها به اهڙي شهادت جو تاريخ ۾ اڄ تائين اهڙي ٻئي شهادت واقع ناهي ٿي.
5_ پيغمبر اڪرم(ص) جي زبان حسنين(عليهماالسلام) جي اڃ ختم ڪرڻ لاءِ
ابو هريره چيو:“شاهدي ٿو ڏيان ته اسان رسول خدا(ص) سان گڏ ڪجھ گهٽين مان گذرندا هئاسين، (هڪ ڏينهن)پاڻ سڳورن امام حسن(ع) ۽ امام حسين(ع) جي روئڻ جو آواز ٻڌو جڏهن ته اهي پنهنجي ماءُ سان گڏ هئا، رسول خدا(ص) کي فرمائيندي ٻڌم:“ منهنجي پٽن کي ڇا ٿيو آهي جو روئن ٿا؟ سائڻ فاطمه(س) وراڻيو: اڃ سبب روئن ٿا! پاڻ سڳورا(ص) پنهنجي ٻچن لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ لڳا ان حال ۾ جو پاڻي اڻلڀ هئو ۽ ماڻهو پاڻي جي ڳولها ۾ هئا، پاڻ سڳورن(ص) وڏي آواز سان پڇيو: ڇا توهان منجهان ڪنهن وٽ پاڻي آهي؟ ڪنهن وٽ به پاڻي جو ذرو به نه هو! پاڻ سڳورن(ص) سائڻ فاطمه(س) کي چيو انهن منجهان هڪ منهنجي حوالي ڪر، حضرت فاطمه(س) هڪ کي رسول اڪرم(ص) حوالي ڪيو پاڻ سڳورن(ص) کيس سيني سان لاتو، ٻار فريادون پئي ڪيون، پاڻ سڳورن(ص) پنهنجي زبان سندس وات ۾ وڌي، ، نبي ڪريم(ص) جي زبان چوسيندي، ننڍڙي آرام ۽ سڪون محسوس ڪيو، پاڻ سڳورن(ص) ٻئي فرزند سان به ائين ڪيو ۽ اهو به سڪون ۾ اچي ويو”.
اها حديث تهذيب التهذيب، مجمع الزوائد ۽ ٻين ڪتابن ۾ به نقل ٿي آهي (9 )
پيغمبر اڪرم(ص) حسنين(عليهما السلام) جي اڃ ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پاڻي جي ڳولها ٿو ڪري ۽ جڏهن پاڻي نه ٿو ملي ته پنهنجي زبان پٽن کي چوسرائي ٿو ته جئين سڪون حاصل ڪن.
6_ حسين(ع) جي چپن تي بوسو ڏيڻ
ابو هريره نقل ڪيو آهي:“ پيغمبر اڪرم(ص)،
حسين(ع) جي ننڍپڻ ۾ سندس لاءِ پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍندو هو، ننڍڙو سندس زبان جي ڳاڙهاڻ کي ڏسي شوق ۽ محبت سان ڏانهنس ايندو هئو. عينيه (بدر جو پٽ) جو اها حالت ڏٺي تعجب ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو: پيغمبر اڪرم(ص) کي پيو ٿو ڏسان ته هن ٻار سان ڇا ٿو ڪري؟ الله جو قسم! مون وٽ به اولاد آهي مون اڄ تائين انهن جي چهري تي چمي ناهي ڏني. رسول خدا(ص) کيس فرمايو: جيڪو به رحمدل نه هوندو مٿس رحم نه ڪيو ويندو (10)
7_ حسين(ع) جو پيغمبر اڪرم(ص) جي سيني تي سوار ٿيڻ
معاويه پٽ ارزد پنهنجي پيءُ کان نقل ڪيو آهي :“ ابو هريره کان ٻڌم ته چيائين پئي ته : اکين سان ڏٺم ۽ ٻنهي ڪنن سان رسول خدا(ص) کان ٻڌم، ان حال ۾ جو پيغبر اڪرم(ص)، حسين(ع) جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليا هئا ۽ سندس ننڍڙا پير رسول اڪرم(ص) جي پيرن جي مٿان هئا فرمايائين پئي ننڍڙا ننڍڙا مٿي آءُ، پوءِ ننڍڙو مٿي آيو ايستائين جو رسول(ص) جي سيني تي اچي پير رکيائين. ان کان پوءِ رسول خدا(ص) فرمايو: پنهنجا چپ کول پوءِ پاڻ سڳورن(ص) سندس چپن تي چمي ڏني ۽ فرمايو: اي الله! هن سان محبت ڪر ان ڪري جو مان هن سان محبت ڪريان ٿو”.
اها حديث ٿورڙي فرق سان ابن حجر عسقلاني جي ڪتاب الاصابه ۽ طبراني جي ڪتاب معجم ڪبير ۽ ٻين ڪتابن ۾ ذڪر ٿي آهي (11)
8_ حسين(ع) مون منجهان آهي ۽ آءُ حسين منجهان
يعلى جي پٽ مره کان روايت آهي ته چيائين:“ ڪجھ ماڻهو پيغمبر اڪرم(ص) سان گڏ ماني کائڻ لاءِ ويندا هئا، انهي موقعي تي حسين(ع)، گهٽي ۾ راند پئي کيڏيو، پيغمبر اڪرم(ص) اڳتي وڌي ننڍڙي حسين(ع) لاءِ پنهنجي جهولي وڇائي، حسين(ع) هيڏي هوڏي پئي ڊوڙيو، پيغمبر اڪرم(ص) کليو پئي ، نيٺ حسين(ع) کي پڪڙي هڪ هٿ مٿي تي ۽ ٻيو کاڏيءَ هيٺان ڏئي کيس چمي ڏني ۽ فرمايو: حسين مون منجهان آهي ۽ آءُ حسين منجهان آهيان! حسين منهنجي پٽن منجهان هڪ پٽ آهي جيڪو ساڻس محبت ڪندو، خدا کيس محبوب رکندو.
هن حديث کي ابن ماجه پنهنجي سنن ۾ ذڪر ڪيو آهي (12) ۽ انهي ئي مضمون جي ٻئي حديث ٿورڙي فرق سان سنن ترمذي، مسند احمد بن حنبل، اسد الغابه، ۽ بيهقي جي سنن ڪبرى وغيره ۾ ذڪر ٿي آهي (13)
9_ حسين(ع) جي زيارت رسول اڪرم(ص) جي زيارت
فخر رازي تفسير ڪبير ۾، آيه شريفه“ وعلم آدم الاسماءَ کلها” جي ذيل ۾ چيو آهي هڪ اعرابي امام حسين(ع) وٽ آيو سلام ڪيائين ۽ پنهنجي حاجت بيان ڪيائين چيائين: اوهان جي جد رسول خدا(ص) کان ٻڌم فرمايائين: اگر حاجت هجَيو ته چئن ماڻهن سان بيان ڪريو. يا شريف عرب سان، يا ڪريم مولا سان، يا قرآن جي حافظ سان يا ان سان جنهن جو چهرو نوراني هجي. اوهان ۾ اهي سڀ صفتون موجود آهن، عرب هجڻ جي لحاظ کان پنهنجي جد رسول اڪرم(ص) جي ڪري شريف آهيو، ڪرامت، عظمت ۽ ادب اوهان جي سيرت آهي ۽ خدا جو ڪلام توهان جي گهر ۾ نازل ٿيو آهي ۽ مون رسول اڪرم(ص) کان ٻڌو ته فرمائيندا هئا: اگر منهنجي زيارت ڪرڻ چاهيو ته حسن ۽ حسين جي زيارت ڪريو”.
10_ حسين(ع) جي رسول ڪريم(ص) سان مشابهت
انس بن مالڪ کان روايت ٿي آهي ته“ حسين(ع) جو سر عبيد الله بن زياد لاءِ آندائون حسين(ع) جي مبارڪ سر کي ٿالھ ۾ رکيائين، مٿس چَهبُڪ پئي هنيائين! ۽ ان جي خوبصورتي متعلق پنهنجي پاڻ سان سرگوشي پئي ڪيائين! انس چيو آهي ته امام حسين(ع) جو چهرو سڀني کان وڌيڪ رسول اڪرم(ص) سان شباهت رکندو هئو ۽ سندس ڏاڙهي مبارڪ وسمه سان خضاب ٿيل هئي”.
مٿين ڳالھ صحيح بخاري، سنن ترمذي ۽ مسند احمد بن حنبل وغيره ۾ تفصيل سان روايت ٿي آهي (14)
مجمع الزوائد ۾ ابو بڪر هيثمي ۽ اهڙي ريت معجم ڪبير ۾ طبراني وغيره روايت ڪئي آهي ته محمد پٽ ضحاڪ پث عثمان چيو آهي:“ حسين(ع) جو بدن رسول خدا(ص) جي بدن سان شباهت رکندڙ هيو (15)
11_ حسنين(عليهما السلام) پيغمبر(ص) جا گل
نسائي پنهنجي سنن ۾ اهڙي ريت هيثمي مجمع الزوائد ۾ روايت ڪئي آهي ته انس بن مالڪ چيو: ڪيترن ئي موقعن تي رسول خدا(ص) جي خدمت ۾ پئي پهتس ۽ ڏٺم پئي ته امام حسن(ع) ۽ امام حسين(ع) پاڻ سڳورن(ص) جي شڪم مبارڪ تي راند پئي رهيا ۽ رسول اڪرم(ص) پئي فرمايو: هن امت منهجان اوهان منهنجا جنتي گل آهيو (16)
…لابن عمر….و سمعت النبي(ص) يقول: “هما ريحانتاي من الدنيا (17)
هي حديث متعدد ۽ مختلف طريقن سان اهل سنت جي مختلف ڪتابن جيئن سنن ترمذي، خصائص نسائي، مسند احمد بن حنبل وغيره ۾ ذڪر ٿي آهي (18)
12_حسنينHپيغمبر1جي ڪلهن تي
حضرت عمر کان روايت آهي ته چيائين: حسن(ع) ۽ حسين(ع)، رسول اڪرم(ص) جي ڪلهن تي سوار هئا کين چيم ته ڏاڍي سٺي سواري هٿ ڪئي اٿو، رسول اڪرم(ص) فرمايو: هي ٻئي سوار به ته سٺا آهن.
هي حديث ڪنز العمال وغيره ۾ به ذڪر ٿي آهي (19) اهڙي ريت هن حديث جو مضمون سنن ترمذي ۽ مستدرڪ علي الصحيحين وغيره ۾ به آيو آهي (20)
13_ حسين(عليه السلام) سان محبت رسول(ص) سان محبت آهي
بيهقي سنن ڪبرى ۾ ذڪر ڪيو آهي: حبيش جي پٽ زر چيو: هڪ ڏينهن رسول اڪرم(ص) ماڻهن سان گڏ نماز پڙهي رهيا هئا، حسن(ع) ۽ حسين(ع) ڏانهس آيا، ۽ سجدي مهل سندس پٺي تي سوار پئي ٿيا، ماڻهن چيو ته ٻنهي ننڍڙن کي کانئس جدا ڪريو، پيغمبر اڪرم(ص) فرمايو: کين پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو، منهنجا پيءُ ماءُ مٿن قربان، جيڪو مون سان محبت ڪري ٿو کيس ٻنهي سان محبت ڪرڻ کپي.
ترمذي پنهنجي سنن ۾ روايت ڪئي آهي ته: اسامه بن زيد روايت ڪئي آهي: (ته پيغمبر اڪرم(ص) فرمايو:) هي ٻئي_ حسن(ع) ۽ حسين(ع)_ منهنجا پٽ آهن ۽ منهنجي نياڻي جا پٽ آهن. اي الله آءُ هنن سان محبت ڪريان ٿو، بس تون به هنن سان محبت ڪر ۽ هر ان ماڻهو سان محبت ڪر، جيڪو هنن ٻنهي سان محبت ڪندو هجي (21)
هي حديث خصائص نسائي، ڪنزالعمال ۽ اهل سنت جي ٻين ڪتابن ۾ به آئي آهي (22)
ابو هريره کان روايت ٿي آهي ته رسول اڪرم(ص) فرمايو: جنهن به حسن(ع) ۽ حسين(ع) سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن به انهن سان دشمني ڪئي ان مون سان دشمني ڪئي، هيءَ حديث سنن ابن ماجه، مسند احمد بن حنبل ۽ تاريخ بغداد وغيره ۾ ذڪر ٿي آهي (23)
14_ ڪربلا ۾ شهادت جي خبر ڏيڻ ۽ حسين(ع) جي مدد ڪرڻ
انس پٽ حارث پنهنجي پيءُ کان_ جيڪو نبي جي صحابين ۽ اصحاب صفه منجهان آهي_ روايت ڪئي آهي: ان حال ۾ جو حسين(ع) رسول اڪرم(ص) جي جهولي ۾ هئا، پاڻ سڳورن(ص) کان ٻڌم منهنجو هي پٽ_ حسين(ع) ڏانهن اشارو ڪري فرمايائون_ ان سرزمين تي شهيد ڪيو ويندو جنهن کي عراق چيو وڃي ٿو.
۽ جڏهن حسين(ع) ڪربلا ڏانهن روانا ٿيا انس(پٽ حارث) ساڻن گڏ هليو ۽ سندس حمايت ۾ شهادت ماڻي (24)
هن حديث کي ابن اثير،اسدالغابه ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ اهڙي ريت ابن حجر عسقلاني، انس بن الحارث جي باب ۾ چيو آهي ته: “فخرج انس بن الحارث الى کربلا فقتل بها مع الحسين(ع) (25) ان حديث جي مضمون لاءِ ڪنزالعمال ۽ ذخائرالعقبى (26) ڏانهن رجوع ڪيو وڃي.
15_ رسول اڪرم(ص) طرفان ڪربلا جي مٽي ام سلمه وٽ رکڻ
عمر پٽ ثابت، اعمش کان ۽ ان، شفيق کان روايت ڪئي آهي ته، ام سلمه چيو: حسن(ع) ۽ حسين(ع) منهنجي گهر پيغمبر اڪرم(ص) سان راند کيڏي رهيا هئا جبرائيل نازل ٿيو ۽ پيغمبر اڪرم(ص) کي چيو: اي محمد(ص) تو کان پوءِ تنهنجي امت تنهنجي هن پٽ کي شهيد ڪندي ۽ پنهنجي هٿ سان حسين(ع) ڏانهن اشارو ڪيو، رسول اڪرم(ص) روئي ڏنو ۽ پنهنجي حسين(ع) کي سيني سان لاتو، پوءِ جبرائيل چيو: هي تربت توهان وٽ رکان ٿو، رسول اڪرم(ص) اها مٽي سونگهي ۽ فرمايو: ڪربلا جي بوءِ ٿي اچي، اي ام سلمه، جنهن وقت هي مٽي، خون ۾ تبديل ٿي وڃي سمجهجانءِ ته منهنجو پٽ شهيد ڪيو ويو آهي، ام سلمه اها مٽي هڪ شيشي ۾ وڌي ۽ هر روز ان کي ڏسندي هئي ۽ چوندي هئي: جنهن ڏينهن اها مٽيءَ خون ۾ تبديل ٿيندي اهو وڏي مصيبت وارو ڏينهن هوندو (27)
هي حديث ابن حجر عسقلاني، تهذيب التهذيب ۾ ذڪر ڪئي آهي ۽ ان حديث جو مضمون ابن حجر عسقلاني، مجمع الزوائد ۾، طبراني معجم ڪبير ۾ ۽ ٻين به پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي (28)
ان مان معلوم ٿيو ته رسول اڪرم(ص)، امام حسين(ع) جي شهادت جون نشانيون بيبي ام سلمه سان ذڪر ڪيون هيون ۽ انهن منجهان ان مٽي جو رت ۾ تبديل ٿيڻ آهي جيڪا امام حسين(ع) جي ولادت وقت جبرائيل سندس شهيد ٿيڻ واري جاءِ تان کڻي اچي پيغمبر اڪرم(ص) جي حوالي ڪئي هئي.
16_ امام حسين عليه السلام جي شهادت وقت ام سلمه ۽ ابن عباس جو پيغمبر اڪرم(ص) کي خواب ۾ ڏسڻ
ترمذي پنهنجي سند سان ام سلمى کان روايت ڪئي آهي ته: ام سلمى جي خدمت ۾ پهتس ته هن روئڻ شروع ڪيو، کانئس روئڻ جو سبب پچيم ته وراڻيائين: مون رسول اڪرم(ص) کي (خواب ۾) ڏٺو ، سندن چهرو، ڏاڙهي ۽ مٿو مٽي سان ڀريل هئو، کيس عرض ڪيم، اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ پاڻ سڳورن(ص) فرمايو: تازو هن مهل پنهنجي (ٻچڙي) حسين(ع) کي شهيد ٿيندي ڏٺو اٿم (29) ترمذي اها حديث پنهنجي سنن ۾ ذڪر ڪئي آهي ۽ اهڙي ريت ان حديث جو مضمون،حاڪم نيشاپوري، ابن اثير، بيهقي، شافعي، ابن حجر عسقلاني، ۽ ٻين تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي (30)
ابن عباس کان روايت ٿي آهي: منجهند جي وقت پيغمبر اڪرم(ص) کي خواب ۾ ڏٺم، پريشان ۽ خاڪ آلود هئا، وٽس خون سان ڀريل شيشي هئي، مون عرض ڪيو: اي الله جا رسول(ص) هي ڇا آهي؟ پيغمبر اڪرم(ص) جواب ڏنو: هيءُ حسين(ع) ۽ سندس صحابين جو خون آهي، جيڪو اڄ لڳاتار ان شيشي ۾ جمع ڪيو اٿم.
ابن عباس چيو، ان ڏينهن جو حساب لڳايم ۽ درج ڪيم، پوءِ معلوم ٿيو ته حسين(ع) ان کان هڪ ڏينهن اڳ شهادت ماڻي هئي (31)
حاڪم نيشاپوري ان حديث کي پنهنجي ڪتاب ۾ ابن عباس کان نقل ڪيو آهي ۽ اهڙي ريت ساڳيو ئي مضمون، مسند احمد بن حنبل، اسدالغابه، الاستيعاب، الاصابه ۽ ٻين ڪتابن ۾ به لفظن ۽ سند جي ٿوري فرق سان ذڪر ٿيو آهي (32)
17_ بني اميه مبغوض رسول(ص) ۽ شجره ملعونه
سعد جي پٽ راشد کان روايت ٿي آهي ته ابوذر چيو: رسول اڪرم(ص) کان ٻڌم: جڏهن بني اميه وارن جي تعداد 40 ٿي ويندي ته خدا جي ٻانهَن کي پنهنجو غلام، خدا جي مال کي پنهنجي لاءِ بخشش ۽ عطيو ۽ خدا جي ڪتاب کي رانديڪو قرار ڏيندا (33)
ان حديث کي حاڪم نيشاپوري، المستدرڪ على الصحيحين ۽ متقي هندي، ڪنزالعمال ۾ ذڪر ڪيو آهي.
ابو برزه اسلمي جو چوڻ آهي ته: رسول اڪرم(ص) جي نزديڪ سڀ کان وڌيڪ منفور ۽ مبغوض ساهوارا، بني ثقيف، بني حنيف ۽ ثقيف هئا (34)
تنهن ڪري بني اميه، اهو پليد وڻ آهي جنهن هميشه الله جي ٻانهَن کي غلام ٺاهڻ، سندس مال کي پنهنجي لاءِ بخشش ۽ تحفو قرار ڏيڻ، سندس دين کي راند روند قرار ڏيڻ ۽ غير انساني سلوڪ سبب سندس سرزمين تي پليد ترين جاندارن وانگر زندگي گذاري آهي.
نتيجو :
جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو، ان مان رسول اڪرم(ص) وٽ امام حسين(ع) جو مقام ۽ مرتبو چٽي نموني واضح ٿيو، پيغمبر اڪرم(ص) سڀ کان پهريان امام حسين(ع) جي ڪنن ۾ توحيد جو آواز پهچايو، سندس عقيقو ڪيو ۽ سندس وارن جي وزن جيتري چاندي صدقي طور ڏني ۽ مختلف موقعن تي ساڻس بيمثال محبت ۽ گهري تعلق جو اظهار ڪيو، سندس ننڍي هوندي کيس خوش ڪرڻ لاءِ ساڻس راند کيڏيو، کيس پنهنجي برڪت ڀريل ڪلهن تي سوار ڪيو، کيس پنهنجي زبان چوسرائي، سندس چپن تي چميون ڏنيون، کيس جهولي ۾ ويهاريو ۽ ڪڏهن به ان جي بيچيني برداشت نه ڪئي، حسين(ع) جو روئڻ ۽ اڃ، سندن لاءِ قابل برداشت نه هئي، هميشه حسين(ع) لاءِ ۽ ساڻس محبت ڪرڻ وارن لاءِ دعا گهري ۽ کين الله ۽ رسول اڪرم(ص) سان محبت ڪرڻ وارو ڪوٺيو ۽ ساڻس دشمني ڪرڻ وارن کي الله ۽ سندس رسول(ص) جو دشمن ڪوٺيو، حسين(ع) سان محبت جو اجر جنت قرار ڏنو ۽ ساڻس دشمني ڪرڻ جي سزا جهنم قرار ڏني. حسنين ڪريمين کي دنيا ۾ جنتي گل، جنتي جوانن جي زينت ۽ سردار ڪوٺيو ۽ حسنين(عليهما السلام) به ساڻس گهڻي هڪجهڙائي رکندا هئا.
پاڻ سڳورن(ص) امام حسين(ع) جي شهادت ۽ شهيد ٿيڻ واري جڳهه جو پتو ٻڌايو، مٽي جي خون ۾ تبديل ٿيڻ کي سندس شهادت جي نشاني طور بيان ڪيو ۽ آخرڪار واقعي واري ڏينهن، رسول اڪرم(ص) جي گل جون ٽاريون ڪٽيائون ۽ سندس شهيد ٿيڻ واري جڳهه بلڪه ائين کڻي چئجي ته پوري ڪائنات رت ۾ رنڱجي وئي.
حوالا
[1] _ ابن شهر آشوب، مناقب آل ابي طالب،ص 155، نجف ڇاپو حيدريه، 1386، المستدرک على الصحيحين، ج 3، ص 179
2 _ المستدرک على الصحيحين، ج 3، ص 179، بيهقي، سنن الڪبرى، ج 9، ص 304
3_ شيخ طوسي، امالي، ص367_3689
4 _ شيخ مفيد، ارشاد، ص 131، بي جا، دارالمفيد، موسسه آل البيت، بي تا
5_ مسند احمد، ج 6، ص 392،، سنن ترمذي، ج3، ص 36، المستدرڪ على الصحيحين، ج3، ص 179، ذخائرالعقبى، ص 120
6_ مسند احمد، ج5، ص 355، سنن ابي دائود، ج 1، ص 648 ۽ 57، سنن نسائي، ج 7، ص 164
7 _ مسند احمد، ج1، ص 236، صحيح بخاري، ج 4، ص 119
8_ مجمع الزوائد، ج 9، ص 201
9_ تهذيب التهذيب، ج 2، ص 258، مجمع الزوائد، ج 9، ص 180، معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 50، ح 2656
10 _ مسند احمد، ج 2، ص 455، ح 7081
11 _ معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 49، ح 6653، الاصابه، ج 1، ص 329، رقم 1719
12 سنن ابن ماجه، ج 1، ص 51، ح 144
13 _ مسند احمد، ج5، ص 182، ح 17111، ۽ ج 3، ص 180، ح 4772، سنن ترمذي، ج 5، ص 617، ح 3775، اسدالغابه، ج 2، ص 20، رقم 1173، ۽ ج 5، ص 525، رقم 5644، المستدرڪ على الصحيحين، ج 3، ص 194، ح 48205،
14 _ صحيح بخاري، ج 3، ص 1370، ح 3538، سنن ترمذي، ج 5، ص 618، ح 3778، مسند احمد بن حنبل، ج 4، ص 160، ح 1337، ڪنزالعمال، ج 7، ص 110
15 _ مجمع الزوائد، ج 9، ص 185، معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 115، ح 2845
16 _ الخصائص للنسائي (ضمن السنن)، ج 5، ص 150، ح 8529، مجمع الزوائد، ج 9، ص 181
17 _ صحيح بخاري، ج 5 ص 2234، ح 5648، ۽ ج 3، ص 1373، ح 3543
18 _ سنن ترمذي، ج 5، ص 615، ح 3770، الخصائص للنسائي (ضمن السنن)، ج 5، ص 150، ح 8530، مسند احمد، ج 2، ص 208، ح 5543، ۽ ص 222، ح 5642، ۽ ص 259، ح 637، مسند ابي دائود الطياليسي، ج8، ص 260، حليه الاولياء، ج 5، ص 170، فتح الباري، ج 7، ص 79
19 _ ذخائر العقبى، ص 123، ڪنزالعمال، ج 13، ص 658، ح 37670
20 مستدرڪ على الصحيحين، ج 3، ص 170، طبع حيدرآباد، اسد الغابه، ج 2، ص 12، طبع مصر، سنن ترمذي، ج 2، ص 308، مطبعه بولاق
21 . سنن ترمذي، ج 5، ص 614، ح3769
22. خصائص نسائي (ضمن السنن)، ج 5، ص 149، ح 8524، ڪنزالعمال، ج 13، ص 671، ح 37711، تاريخ دمشق، ص 58، ح 103
23 _ سنن ابن ماجه، ج 1، ص 51، ح 431، مسند احمد، ج 2، ص 561، ح 7816، تاريخ بغداد، ج 1، ص 141، رقم 3
25 _ الاصابه، ج 1، ص 68، رقم 266
26 _ ذخائر العقبى، ص 146، ڪنزالعمال، ج 12، ص 126، ح 34314
27 _ تهذيب التهذيب، ج 2، ص 300، رقم 615
28 _ مجمع الزوائد، ج 9، ص 189، معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 108، ح 2817، الصواعق المحرقه، ص 193
29 _ سنن ترمذي، ج 5، ص 615، ح 3771
30 _ المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 20، ح 6764
31 _ المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 439، ح 8201
32 _ مسند احمد، ج 1، ص 466، ح 2549
. 33 المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 525_526، ح 8475_8476
34. المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 258، ح 8482،