امام زمانه عليه السلام جي خاص اصحاب ۽ مددگارن جون خاصيتون
2025/06/06سنڌيڪار: نظير احمد بهشتي
مهاڳ:
دنيا مان ظلم جي پاڙ پٽڻ، ڪفر، استڪبار، شرڪ ۽ نفاق جا بنياد ختم ڪرڻ، ۽ دنيا ۾ توحيد ۽ عدالت جي حاڪميت واري سپني کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ هڪ لائق ۽ معصوم رهبر جي ضرورت سان گڏو گڏ، آگاھ ۽ لائق پيروڪارن ۽ مقدمات جو فراهم ٿيڻ ضروري آهي. اهڙا پيروڪار جيڪي پنهنجي رهبر جي خواهشن کي معاشري ۾ عملي جامو پارائڻ جي صلاحيت رکندا هجن، نيڪ ۽ باڪردار هجن. هي مقالو امام زمانه عليه السلام جي خاص اصحاب ۽ مددگارن جون خاصيتون جي عنوان سان آهي جنهن ۾ امام جي خاص مددگارن جي خاصيتن تي گفتگو ڪئي ويندي.
اڄ انسان روشن سج جي ڪرڻن جي انتظار ۾ آهي دير ناهي جو انتظار جون گهڙيون ختم ٿينديون ۽ دل لڀائيندڙ ظهور سان بشر جي زندگي بهار بڻجي ويندي، انسانن ۾ خوشي، سک ۽ سڪون جي لهر ڇانئجي ويندي.
جڏهن امام مهدي عليه السلام ايندو ته دنيا جي سياسي نظام ۽ حڪومتن کي تبديل ڪري ڇڏيندو. ظلم، استڪبار، ڪفر، شرڪ ۽ نفاق کي پاڙان پٽي ڇڏيندو. دنيا ۾ محمدي آئين ۽ مذهب کي رائج ڪندو، پوري دنيا کي توحيد جي پرچم هيٺان سعادتن تي رسائيندو. عالمي سطح تي امن برقرار ڪندو، دنيا جي اقتصادي نظام کي تبديل ڪندو، پوري دنيا ۾ زمين جو اهڙو ٽڪڙو باقي نه رهندو سواءِ ان جي جو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو ۽ هر جاءِ تي خير ۽ برڪت ڦهلجي ويندي. بلڪه هڪ معصوم رهبر جي اڳواڻي سان گڏوگڏ هڪ وسيع ۽ عالمي منصوبابندي، علمي ۽ ثقافتي ترقي، دنيا جي انسانن کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪندي جو زمين انسانن جي ڪنٽرول ۾ هوندي ۽ جهان جا دروازا انهن لاءِ کليل هوندا.
واضح آهي ته باطل مٿان حق جي ڪاميابي ۽ اهي سڀ بنيادي تبديليون ڪنهن معجزي يا ڪرامت سان وجود ۾ نه اينديون بلڪه هڪ معصوم اڳواڻ ۽ ان جي وسيع ۽ عالمي منصوبابندي ۽ لائق ۽ سگهاري سٿ سان عالمي سطح تي اهڙو انقلاب آڻي سگهبو ۽ امام علي عليه السلام جي تعبير مطابق: اَفـْلَحَ مـَنْ نـَهـَضَ بـِجـَنـاجٍ، ڪاميابي اهو ماڻيندو جنهن جا مددگار هوندا.
هاڻي مختصر نموني امام زمانه عليه السلام جي منتظرن ۽ مددگارن جون خاصيتون بيان ڪري رهيا آهيون.
امام زمانه عليه السلام جا اصحاب ۽ مددگار
امام زمانه عليه السلام جا اصحاب ۽ مددگار ڪجھ قسمن تي مشتمل آهن.
انهن مان هڪ ٽولو امام جي خاص مددگارن تي مشتمل آهي جن وٽ اڳواڻي جون واڳون آهن ۽ اهي ڪمانڊر آهن، انهن جو تعداد 313 آهي. ۽ اهي ساڳيا ماڻهو آهن جن کي قرآن مجيد جي سورت هود جي آيت نمبر 8 ۾ امت معدوده جي عنوان سان ياد ڪيو ويو آهي.
جڏهن ظهور جو وقت ويجهو ايندو ته الله سائين گهٽ عرصي ۾ مڪي ۾ اهو تعداد ظاهر ڪندو ۽ انهن جي گڏ ٿيڻ کان بغير امام مهدي عليه السلام جو قيام شروع نه ٿيندو.
ٻيو ٽولو اهو آهي جيڪو انهن ڪمانڊرن جي گڏ ٿيڻ کان پوءِ انهن سان اچي ملندو، روايتن مطابق اهي 10 يا 12 هزار ماڻهو هوندا، جڏهن اهي سڀ گڏبا ته تحريڪ ۽ قيام جو آغاز ٿيندو.
ٽيون ٽولو انهن مومن مددگارن تي مشتمل هوندو جيڪي قيام شروع ٿيڻ کان پوءِ انهن سان گڏجڻ شروع ٿيندا ۽ هر لحظي انهن جي تعداد ۾ واڌارو ايندو ويندو.
1_ خاص مددگارن جي اصليت
حضرت امام مهدي جا خاص مددگار ڪهڙي اصليت جا مالڪ هوندا؟ ڪير هوندا؟ انهن جون ڪهڙيون خصوصيتون هونديون؟ ۽…
روايتن مطابق امام زمان عليه السلام جي خاص مددگارن جو نالو، نسب، ڌنڌو، ٻولي ۽ لقب هڪ صحيفي ۾ لکيل آهن جيڪو امام زمانه عليه السلام وٽ موجود آهي.
امام جواد عليه السلام پنهنجي ابن ڏاڏن کان نقل ڪندي فرمائي ٿو: قائم (ع) وٽ هڪ مهر لڳل صحيفو آهي جنهن ۾ سندس مددگارن جا نالا، انهن جون خصوصيتون، شهر، خوبصورتي ۽ انهن جي ڪُنيَت لکيل آهي.
سندس خاص مددگارن جو تعداد، اصحاب بدر ۽ اصحاب حضرت طالوت جي تعداد جيترو يعني 313 ذڪر ٿيو آهي. جڏهن امام عليه السلام قيام ڪندا ته اهي سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندا. اِذا قامَ تَجْتَمِعُ اِلَیْهِ اَصـْحـابـُهُ عـَلی عـِدَّةِ اَهـْلِ بـَدْرٍ وَ اَصـْحـابِ طـالُوتَ، وَ هـُمْ ثـَلاثـَمـِاءَةٍ وَ ثـَلا ثـَةَ عـَشـَرَ رَجُلاً… الله سائين دنيا جي ڏورانهين علائقن کان سندس مدد لاءِ اهي افراد گڏ ڪندو.
ڪجھ روايتن ۾ انهن جي شهرن جا نالا به ذڪر ٿيا آهن. امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: ٽي سئو ۽ ڪجھ ماڻهو، بدر وارن جي تعداد جيترا (يعني 313) رڪن ۽ مقام جي وچ تي قائم (ع) جي بيعت ڪندا، جن ۾ مصر جا نجيب ۽ پاڪيزه افراد، شام جا بهادر انسان ۽ عراق جا نيڪ ماڻهو شامل هوندا.
هڪ ٻي روايت ۾ آيو آهي ته انهن مان پنجاه 50 ماڻهو ڪوفي جا هوندا ۽ ٻيا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هوندا، جيڪي هڪٻئي کي نه سڃاڻيندا هوندا ۽ پهريان ڪيل انجام کان بغير اچي گڏبا.
روايتن ۾ امام عليه السلام جي خاص مددگارن کي مختلف لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي جيئن: رِجالُ الهيون، رِجال مُسَوَّمَه، اصحاب الالويه، اُمَرَاء، وُزَرَاء، خَيرُ الاُمة، ذُخَر الله، نُقَباء، خَواص، اُولي قُوَّة، حُکّامُ اللهِ في اَرضِه عَلى خَلقه، الحُکّام على الناس ۽…
رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم فرمائن ٿا:
ان جا طالقان ۾ خزانا آهن جيڪي سون ۽ چاندي نه آهن بلڪه تمام گهڻا خوبصورت گهوڙا ۽ ڄاڻو ۽ ڪم وارا ماڻهو: وَلَهُ بِالطّالِقانِ کُنُوزٌ لا ذَهَبَ وَ لا فِضَّةِ، اِلاّ خُیُولٌ مُطَهَّمَةٌ، وَ رِجالٌ مُسَوَّمَةٌ…
امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:
الله وارن ماڻهن جو هڪ ٽولو ان جي چوڌاري گڏ ٿي ويندو جيڪو سندس دعوت کي قبول ڪندو ۽ سندس مدد ڪندو، اهي سندس وزير هوندا جيڪي سنگين ملڪي مسائل پنهنجي ذمي کڻندا، ۽ الله سائين ان مٿان جيڪا ڳري ذميداري رکي آهي ان ۾ سندس مدد ڪندا: وَ لَهُ رَجالٌ اِلٰهُیّون یـُقـیـمـُونَ دَعْوَتَهُ وَ یَنْصُرُونَهُ، هُمْ الوُزَراءُ لَهُ، یَتَحَمَّلُونَ اَثْقُالَ المَمْلَکَةِ عَنْهُ، وَ یُعینُونَهُ عـَلی مـا قـَلَّدَه اللّهُ.
امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: اهي ڪمانڊر، قاضي، حاڪم شرع ۽ دين جا فقيھ هوندا: وَ هُمُ النُّجَباءُ وَ الْقُضاةُ وَ الْحـُکـّامُ وَ الفُقَهاءُ فِی الدّیِن … منتخب الاثر، لطف الله صافي، ص 485، چاپ تهران 373 ھ.
اهي اهڙا علمدار هوندا جيڪي الله جي پاران زمين تي سندس ٻانهَن مٿان حڪومت ڪندا: هُمْ اَصـْحـابُ الاَلْوِیـَةِ، وَ هـُمْ حـُکـّامُ اللّهِ فـی اَرْضِهِ عَلی خَلْقِهِ.
ٻي روايت مطابق: اهي امت جا بهترين افراد آهن ۽ اهل بيت جي نيڪ انسانن سان گڏ هوندا: اُولئِکَ هُمْ خِیارُ اَلاُمَّةِ مَعَ اَبْرارِ اِلعِترَةِ…
ڪجھ روايتن مطابق انهن منجهان پنجاھ 50 عورتون هونديون.
خلاصو اهو ٿيو ته ذڪر ٿيل روايتن ۾ غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهي افراد معمولي انسان نه هوندا، بلڪه الله وارا، سگهارا، لائق، ڪم کان آگاھ، بهادر ۽ امام زمانه عليه السلام جا رازدار اصحاب هوندا.
امام عليه السلام جي خاص مددگارن جي ذميداري
امام زمانه عليه السلام جي اصحاب ۽ مددگارن جي حقيقت ۽ اصليت کان آگاھ ٿيڻ ۾ جيڪا شي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي اها اهڙين روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ آهي جن ۾ امام زمانه عليه السلام جي عالمي حڪومت ۾ سندس مددگارن جون ذميداريون بيان ٿيون آهن، انهن ذميدارين منجهان ڪجھ هيٺ پيش ڪجن ٿيون.
ظالمن سان جنگ
امام عليه السلام جي اصحاب ۽ مددگارن جي پهرئين ذميداري دنيا جي مستڪبرن سان هر محاذ تي جنگ آهي، جنهن کي امام عليه السلام جي عظيم انقلاب جي شروعات ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. امام عليه السلام جا خاص صحابي ۽ مددگار ان جنگ ۾ سوچ جي مرحلي ۾ وڏا انقلابي ۽ عملي ميدان ۾ امام زمانه عليه السلام جي رڪاب ۾ وڙهندڙ دلير سپاهي ۽ سندس مطيع آهن.
جڏهن سندس مددگارن جو ٽولو 313 کان پوءِ مڪمل ٿيندو ته قيام شروع ٿيندو ۽ دنيا جي ظالمن ۽ ڏاڍن سان مقابلو ڪري انهن جو خاتمو آڻيندا، اهڙي ريت جو الله سائين خوش ٿئي.
امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: قائم آل محمد (ع) پنجن پيغمبرن سان شباهتون رکي ٿو…ان جي پنهنجي جد (پيغمبر اڪرم (ص)) سان شباهت اها آهي ته تلوار سان قيام ڪندو ۽ الله ۽ پيغمبر جي دشمنن کي قتل ڪندو، گڏو گڏ ظالمن ۽ سرڪشن کي به قتل ڪندو. تلوار (جي طاقت) ۽ خوف (جيڪو ظالمن جي دلين ۾ پيدا ڪيو ويندو) وسيلي سندس مدد ڪئي ويندي.
امام جواد عليه السلام فرمائن ٿا: جڏهن (حضرت جي مورد نظر) اصحاب جو تعداد 10 هزار مڪمل ٿيندو ته الله سائين جي اذن سان قيام فرمائيندو ۽ بغير ڪنهن تاخير جي الله ( ۽ ان جي دين) جي دشمنن کي قتل ڪرڻ شروع ڪندو ته جيئن الله سائين خوش ٿئي.
الله سائين انهن جي هٿان طاغوت ۽ ظالمن کي نابود ڪندو ۽ دنيا جي مغرب توڙي مشرق تي کين مسلط ڪندو.
امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: ڄڻ ته قائم (ع) جي اصحاب ۽ مددگارن کي ڏسي رهيو آهيان ته دنيا جي مشرق توڙي مغرب تي مسلط ٿي ويا آهن ۽ ڪا به شيءِ نه آهي سواءِ ان جي جو انهن جي حڪم تحت آهي.
دين ۾ تحريف، ان کان منحرف ٿيڻ ۽ ان کي ابتو سمجهڻ خلاف مقابلو
انقلاب جي شروعات ۾ امام زمانه عليه السلام جي خاص مددگارن جي ٻي ذميداري، انحراف سان مقابلو ڪرڻ آهي، دين ۽ مذهب کي ابتو سمجهڻ ۽ ان ۾ تحريف ڪرڻ سان مقابلو آهي. بنيادي طور تي ان انحراف کي وجود ۾ آڻيندڙ ٽي ٽولا آهن. مالدار ۽ وڏيرا، ظاهري طور اسلامي پر حقيقت ۾ غير اسلامي حڪومتون ۽ درباري ۽ دنيا پرست عالم. حقيقت ۾ مالدار افراد ۽ غير اسلامي حڪومتون دين جي غلط تفسير جو مطالبو ڪندا آهن ۽ درباري عالم ان کي عملي جامو پارائيندا آهن.
امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: قيام جي وقت قائم (ع) جيڪو آزار آخري زماني جي جاهلن کان ڏسندو اهو انهن سڀني آزارن کان وڌيڪ سخت هوندو جيڪي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جاهليت جي دور جي ماڻهن کان ڏٺا. راوي چئي ٿو: اهو ڪيئن ٿيندو؟ امام فرمايو: پيغمبر ماڻهن وٽ آيو ان حال ۾ جو اهي پٿر، ڀتر ۽ گهڙيل ڪاٺين يعني بتن جي پوڄا ڪندا هئا، ليڪن جڏهن اسان جو قائم قيام ڪندو ته سڀ ماڻهو الله جي ڪتاب مان ان کي دليلون ڏيندا ۽ قرآن مجيد جي آيتن جي تاويل ۽ توجيه ڪندا!
اهڙي ريت فرمائن ٿا: ليڪن قائم (مخالفن سان) پنهنجي جنگ ۾ اهڙيون سختيون ڏسندو جيڪي پيغمبر به نه ڏٺيون هونديون، ان ڪري جو جڏهن پيغمبر آيو ته ماڻهو پٿرن ۽ گهڙيل بتن جي پوڄا ڪندا هئا (۽ انحرافي تعليمات ۾ مبتلا نه هئا) ليڪن قائم (پنهنجي قيام مهل) اهڙن ماڻهن جي سامهون ايندو جيڪي ان جي اڳيان به قرآن جون آيتون پڙهندا ۽ انهن جي دل گهري تاويل ۽ تفسير بيان ڪندا تنهن ڪري ئي امام سان جنگ لاءِ اٿي بيهندا!
ان مرحلي تي حضرت جي خاص مددگارن جي ذميداري اها آهي ته انحرافي رستي ۽ منحرف فڪر کي واضح ۽ چٽو ڪن، انهن کي منطقي ۽ مستدل جواب ڏين، ديني تعليمات کي صحيح طريقي سان بيان ڪن ۽ انهن سان جنگ ڪن جيڪي انحرافي فڪر کان هٿ نه ٿا کڻن ۽ اسلام جي خالص ۽ حق هجڻ کي قبول نه ٿا ڪن.
امام مهدي عليه السلام جا خاص مددگار پنهنجي امام جي تعليمات جي روشني ۾ اهڙي معرفت حاصل ڪري ٿا وٺن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو انحراف نه هجي. اهي الله جي دين ۽ پنهنجي امام جو رستو منظم طريقي سان اڻ ڄاڻ ٽولي اڳيان واضح ڪن ٿا ۽ وڏي چاه سان اسلام جي پاڪ تعليمات کي نشر ڪن ٿا، اهي ڪم کي سنڀالڻ جي حوالي سان بيپناھ صلاحيتن جا مالڪ هجڻ سان گڏ دين جي ڄاڻ ۽ اسلام جي مسئلن کان آگاهي ۾ تخصُّص ۽ خاص مهارت رکن ٿا ۽ سچا اسلام شناس ۽ فقيه آهن.
امام صادق عليه السلام فرمايو: اهو ٽولو جنهن سان گڏ پنهنجي قيام مهل قائم ڪم ڪندو اهي اهڙا پاڪ، قضاوت ڪرڻ وارا، حاڪم شرع، فقيه ۽ دين جي معرفت رکڻ وارا هوندا جن سان الله سائين جي عنايت ۽ برڪت شامل حال هوندي، اهڙي طرح جو انهن لاءِ ڪو به حڪم اشتباه ۽ مونجهاري جو سبب نه هوندو.
ملڪن کي آباد ڪرڻ ۽ عدالت برقرار ڪرڻ
خاص مددگارن جي هڪ ذميداري اها هوندي ته حضرت امام مهدي عليه السلام جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ امام طرفان انهن کي ملڪ جا معاملات هلائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو، انهن مان هر هڪ کي ڪنهن علائقي ڏانهن موڪليو ويندو ۽ اهي هڪ عاليشان مهدوي حڪومت جو مضبوط بنياد رکندا ۽ ملڪن کي آباد ڪندا ۽ اسلامي عدالت کي رائج ڪندا.
جڏهن قائم عليه السلام قيام ڪندو ته دنيا جي هر ملڪ لاءِ هڪ حڪمران چونڊيندو ۽ ان کي فرمائيندو: تنهنجو دستور العمل تنهنجي هٿ جي تريءَ ۾ آهي، جڏهن توسان ڪو اهڙو واقعو پيش اچي جنهن جي تو کي معلومات نه هجي ۽ ان بابت فيصلو نه ڪري سگهين ته ان مهل پنهنجي هٿ جي تريءَ تي نگاھ ڪجان اتي جيڪو ڪجھ نظر اچئي ان مطابق عمل ڪجان: اِذا قـامَ القـائِمُ بـَعـَثَ فی اَقالیمِ الاَرْضِ، فی کُلِّ اِقلیمٍ رَجُلاً ثُمَّ یَقُولُ لَهُ: عـَهـْدُکَ فـی کـَفِّکَ، فـَاِذا وَرَدَ عـَلَیـْکَ مالا تَفْهَمُهُ وَ لا تَعْرِفُ القَضاءَ فیهِ، فَانظُرْ اِلی کَفِّکَ وَ اعْمَل بِما فیه.
امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: حضرت مهدي پنهنجي اصحاب ۽ مددگارن کي (دنيا جي) سڀني شهرن ۾ ڦهلائي ڇڏيندو ۽ انهن کي حڪم ڏيندو ته عدل ۽ احسان کي پنهنجو شيوو بڻائن، امام عليه السلام انهن کي دنيا جي ملڪن جو حڪمران بڻائيندو ۽ کين حڪم ڏيندو ته اهي شهرن کي آباد ڪن. یُفَرِّقُ الْمَهْدِیُّ اَصْحابَهُ فـی جـَمـیـعِ الْبـُلْدانِ، وَ یـَاءْمـُرُهـُمْ بـِالْعَدْلِ وَ الاِحْسانِ، وَ یَجْعَلُهُمْ حُکّاما فِی الاَقالیمِ، وَ یـَاءْمـُرُهـُمْ بـِعـُمـْرانِ الْمـُدُنِ.
ٻئي جاءِ تي امام عليه السلام فرمائي ٿو: حضرت مهدي ع پنهنجي اصحاب کي حڪمران بڻائي شهرن ڏانهن موڪليندو ۽ کين حڪم ڏيندو ته اهي ماڻهن ۾ عدالت قائم ڪن. یـبـعـث الی امـرائه بـسـائر الامـصـار بالعدل بین الناس.
بغير ڪنهن شڪ جي جيڪي ذميداريون روايتن ۾ بيان ٿيون آهن انهن ۾ غور ڪرڻ سان امام مهدي عليه السلام جي خاص اصحاب ۽ حڪومت تشڪيل ڏيندڙ عملدارن جي حقيقت معلوم ٿئي ٿي ته اهو مولا دنيا جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ سڀ کان ڀلن انسانن جي چونڊ ڪندو ۽ عظيم عالمي حڪومت جي مضبوط بنيادن کي ان تي استوار ڪندو ۽ اهو تعداد رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي تعبير مطابق حضرت مهدي ع جي سڀ کان وڌيڪ خلوص وارن ۽ بهتر وزيرن جو آهي. وُزَراءُ الْمـَهـْدِیِّ… وَ هـُمْ اَخـْلَصُ الوُزَراءِ وَ اَفـْضَلَ الوُزَراءِ، اهي اهڙا ماهر افراد هوندا جن ۾ ملڪ هلائڻ جون بيپناھ صلاحيتون موجود هونديون ۽ سهڻي طريقي سان ملڪ هلائي سگهندا.
ھلندڙ….
نوٽ: ھي مقالو مرحوم نسيم عباس منتظري جي فرمائش تي سائين غلام قاسم تسنيمي صاحب جي تعاون سان لکيو ويو آھي. الله سائين مرحوم نسيم عباس جا درجات بلند فرمائي ۽ ڊاڪٽر غلام قاسم تسنيمي صاحب جي توفيقات خير ۾ اضافو فرمائي.
دیدگاهتان را بنویسید
برای نوشتن دیدگاه باید وارد بشوید.
دیدگاهتان را بنویسید
برای نوشتن دیدگاه باید وارد بشوید.
دیدگاهتان را بنویسید
برای نوشتن دیدگاه باید وارد بشوید.