جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

مقالات :

امام مهدي عليه السلام جي انتظار جا سندس انتظار ڪرڻ وارن تي اثرات

فونٽ جو اندازو :
2025/02/23

ليکڪ: غلام رضا چانڊيو

خلاصو

امام زمانه عليه السلام جن جو انتظار ڪرڻ عبادت منجھان هڪ بهترين عبادت آهي. جيئن نبي ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم جن حديث آھي. “افضل الاعمال من امتي انتظار الفرج” ترجمو: امام زمانه جو انتظار منهنجي امت جي بهترين عملن منجھان آهي.

انتظار هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا الله پاڪ جي ايمان، دين اسلام جي بنيادي شين تي عقيدي رکڻ ۽ زماني جي امام (امام مهدي) جي ظهور سان مڪمل ٿئي ٿي جيئن هن دنيا تي خدائي حڪومت وجود ۾ اچي انڪري انتظار امام مهديء جو مطلب هڪ خوشحال مستقبل جي اميد آهي جنهن ۾ هر ماڻهون بدعنواني کان پاڪ هوندو.

ٻين عبادتن وانگر امام زمانه جو انتظار به اهڙا اثرات ٿو رکي جيڪي منتظرن جي زندگيء کي تبديل ٿو ڪري ڇڏي مثال جي طور تي هڪ روشن مستقبل جي اميد، ظهور جي لاءِ تياري ڪرڻ، خودسازي ۽ ٻيا به گھڻا ئي اثرات آهن جن جي ذريعي سان امام زمانه جو حقيقي منتظر جي دنيا ۽ آخرت تبديل ٿئي ٿي ۽ هن دنيا ۾ امن و امان وجود ۾ اچي ٿو.

ٻين لفظن ۾ انتظار هڪ جهڙو مبارڪ عمل آهي جيڪو زندگيءَ جي انفرادي ۽ معاشرتي ٻين لفظن ۾ زندگيءَ سڀني شعبن ۾ اثر رکي ٿو ۽ انسان جي زندگيءَ کي خدائي زندگيءَ ۾ رنگي ٿي ڇڏي. ۽ هي رنگ ڪيترو نه خوبصورت ۽ بهترين رنگ آهي.

مقدمو

هن دنيا ۾ موجود سڀئي مذهب هڪ اهڙي هستي جي انتظار ۾ آهن جيڪو اچي ڪري انهن کي ٻين مذهبن کان نجات ڏياري مسلمان به امام مهديءَ عليه السلام جي انتظار ۾ آهن. انتظار يعني ڪنهن جو منتظر رهڻ جڏهن ته هن مقالي ۾ انتظار منجھان اسان مراد امام مهدي عجل الله جو انتظار آهي. امام مهدي ع جو انتظار تمام گھڻي فضيلت ٿو رکي ايسيتائين جو رسول اڪرم ص جن امام مهدي ع جي انتظار کر ٻين سڀني کان افضل قرار ڏنائين. هن انتظار کي فقط لغوي معنيٰ ۾ نه وٺڻ گھرجي بلڪه هن جي اندريان تمام گھڻا مفهوم لڪيل آهن هي انتظار معاشرتي ۽ شخصي اثرات رکي ٿو. ۽ هن مقالي ۾ مون انهن اثرات کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

امام مهدي ع جو اجمالي تعرف

شيعيان حيدر ڪرار جي ٻارنهن امام ۽ رسول خدا ص جي ٻارنهن جانشين جو مبارڪ نالو رسول خدا ص وارو نالو ۽ سندس ڪنيت رسول خدا ص واري ڪنيت آهي (محمد ڪاظم قزويني،امام مهدي ولادت کان ظهور تائين، صفحو:18)

 امام ع جي ولادت 15 شعبان المعظم سن 255 هجري تي ٿئي. والد گرامي جو نالو امام حسن عسڪري ع ۽ والده گرامي جو نالو بيبي نرجس خاتون آهي.( محمد ڪاظم قزويني،امام حسن عسڪري ع جو زندگي نامو) پاڻ پنجن سالن جا ٿيا ته والد گرامي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو انڪري سال 260 هجريءَ تي پنجن سالن جي عمر ۾ امامت جي عهدي تي فائز ٿيا.( شيخ مفيد، الارشاد صفحو323)  ۽ غيبت صغريٰ شروع ٿئي جيڪا تقريبۡا 70 سالن تائين هلي. غيبت صغريٰ ۾ امام جا چار نائب ٿيا جن کي نواب اربع جي نالي سان مشهور آهن. انهن نواب اربع جا ترتيب سان نالا مبارڪ عثمان ابن سعيد، محمد ابن عثمان، حسين ابن روح ۽ علي ابن محمد سميري آهن. غيبت صغريٰ کان بعد غيبت ڪبريٰ ٿئي جيڪا هن وقت تائين جاري آهي.

منتظرن جا قسم

امام مهدي ع جي انتظار ڪرڻ وارن کي ٻن گروهن ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو.

حقيقي منتظر؛ امام مهدي ع جا اهي عاشق ۽ انتظار ڪرڻ وارا جيڪي منتظر هجڻ جي لحاظ سان انهن جون جيڪي به ذميواريون آهن انهن کي احسن طريقي سان انجام ڏيندي امام جي ظهور جي لاءِ زمين هموار ٿا ڪن

مجازي؛ اهي ماڻهون جيڪي فقط زباني چون ٿا ته اهي امام جا انتظار ڪرڻ وارا آهن.

امام مهدي ع جي انتظار جي فضيلت

رسول اڪرم ص جن فرمائن ٿا: اَفضَلُ الاَعمَلِ مِن اُمَّتِي اِنتِظَارُ الفَرَج.

ترجمو: منهنجي امت جو بهترين عمل فرج (امام زمانه ع) جو انتظار ڪرڻ آهي.( شيخ صدوق، ڪمال الدين و تمام النعمت، ص644)

امام علي ع هڪ حديث ۾ فرمائن ٿا: اَلمُنتَظِرُ لِاَمرِنَا ڪَالمُتَشَحِّطِ بِدَمِه فِي سَبِيلِ اللهِ.

ترجمو: جيڪو شخص اسان جي امر (امام زمانه ع) جي انتظار ۾ زندگي گذاري ٿو اهو ان انسان وانگر آهي جيڪو خدا جي راه ۾ پنهنجو خون ٿو وهائي. (شيخ صدوق، ڪمال الدين و تمام النعمت،ص 548)

هڪ حديث ۾ امام محمد باقر ع فرمائن ٿا: عنقريب ماڻهن ۾ اهڙو زمانو ايندو جڏهن انهن جو امام انهن کان غائب هوندو هن دور ۾ خوشنصيب ماڻهون اهي آهن اسان جي امامت تي ثابت قدم رهن انهن جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجر اهو آهي ته خدا تعاليٰ انهن جي لاءِ فرمائي ٿو: اي منهنجا پيارا ٻانها تو منهنجي راز ۽ غيب تي ايمان آندو انڪري آءٌ به توکي خوشخبري ڏيان ٿو ته مون تنهنجا گناه بخشي ڇڏيا، تنهنجي وجود جي برڪت سان رحمت کي نازل ٿو ڪريان، بلائن کي ٽاري ٿو ڇڏيان ۽ اگر تون ماڻهن جي درميان ۾ نه هجين ته انهن تي نافرماني جي ڪري عذاب نازل ڪيان ها.(علامه مجلسي، بحارالانوار، جلد 15، ص 145)

امام زمانه ع جي انتظار جي فضيلت جي باري ۾ ٻيون به گھڻيون ئي حديثون حديثن جي ڪتابن ۾ موجود آهن.

انتظار جا اثرات

روشن مستقبل جي اميد: انساني فطرت جي نوعيت اها آهي ته هو پنهنجو مستقبل روشن ڏسڻ چاهي ٿو انڪري ئي جڏهن سندس مشڪلاتون ۽ مصيبتون ڏسي ٿو ته هو پنهنجي مستقبل کان نااميد ٿي ٿو. امام زمانه ع جو انتظار اهڙين مايوس ۽ نااميد دلين ۾ اميد جي شمع جلائي ٿو ۽ انهن کي اهو دلاسو ڏئي ٿو ته اهي مايوس نه ٿين ته انهن جو مستقبل روشن نه آهي جيئن امام علي ع هڪ حديث ۾ فرمائي ٿو: اِنتَظِرُوا الفَرَجَ وَ لَا تَياَسُوا مِن رُوحِ اللهِ (شيخ صدوق، الخصال، ص: 616)

ترجمو: توهان فرج ( امام مهدي ع) جو انتظار ڪريو ۽ خدا جي رحمت کان مايوس ۽ نااميد نه ٿيو.

مٿين حديث ۾ اميرالمومنين امام علي ع جن روشن مستقبل جي اميد ۽ الله پاڪ جي رحمت کان مايوس نه ٿيڻ کي امام مهدي ع جي انتظار جي اثرات ۽ برڪتن جي عنوان سان ڄاڻائي ٿو.

امام مهدي ع جي ظهور جي لاءِ تياري ڪرڻ: امام مهدي ع جي انتظار جي اثرات ۽ برڪات مجھان هڪ اهو به آهي ته اهو انسان جيڪو امام مهدي ع جو انتظار ڪري ٿو اهو پاڻ کي امام جي ظهور جي لاءِ تيار ٿو ڪري ۽ ان ظهور جي آمادگي جي ڪري ئي هو پنهنجي ۽ هن معاشري جي اصلاح ڪري ٿو.(آيت الله جوادي آملي، امام مهدی موجود موعود، ص: 185)

خودسازي ۽ ديگر سازي ( پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح): اهوانسان جيڪو امام زمانه ع جو حقيقت ۾ انتظار ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو پاڻ صالح ۽ ٻين جي اصلاح ڪرڻ وارو هوندو آهي ان انسان وانگر جيڪو پنهنجي امام و آقا جي دعا جي اقتدا ڪندي الله پاڪ کان دعا گھرندو آهي: اِنَّا نَرغَبُ اِلَيڪَ فِي دَولَة ڪَرِيمَة،  تُعِزُّ بِهَا الاِسلَام و اهله و تذل به النفاق و اهله و تجعلنا فيها من الدعا و الي طاعتڪ و القادة في سبيلڪ.(مجلسي، ڪافي، ج: 3، ص: 424)

ترجمو: اي الله پاڪ اسان توکان هڪ ڪريم حڪومت گھرون ٿا جنهن جي ذريعي اسلام ۽ اهل اسلام(مسلمانن) کي عزت عطا ڪرين ۽ نفاق اهل نفاق( منافق) کي ذليل و خوار ڪرين

هي جملو ۾اهو ئي بلندي ۽ معنوي وارو مطلب سمايل آهي جنهن کي امام مهدي ع غيبت واري زماني ۾ ان طرح فرمائي ٿو: عَلَيڪُمُ الدُّعَا وَ اِنتِظَارُ الفَرَج.( علي ابن طاووس، مهج الدعوات، ص: 332) ترجمو: توهان تي دعا ۽ فرج ( امام مهدي ع) جي انتظار کي واجب ڪيو ويو آهي.

تنهنڪري جيڪڏهن دعا ۾ خودسازي وارو پهلو کي ڏٺو ٿو وڃي ته امام مهدي ع جو انتظار ته هر عبادت کان افضل آهي هن ۾ فردي ۾ معاشرتي ٻين لفظن ۾ پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح وارو پهلو آهن.

فضائل نفساني جي تخليق:  اهو انسان جيڪو امام مهدي ع کي موجود يعني زنده ۽ حاضر ڄاڻي ٿو ۽ ان کي ”و هو بڪل شيء عليم“(سوره بقره آيت: 29) ”و هو السميع البصير“(سوره اسراء، آيت: 1) ”وهو عليٰ ڪل شيء شهيد (سوره سبا، آيت: 47) جھڙن صفتن جو مالڪ سمجھي ڪري هميشه پاڻ کي الله پاڪ جي خليفي ۽ امام معصوم جي محضر ۾ حاضر سمجھندو آهي جھڙي طرح الله پاڪ کي حاضر ۽ ناظر سمجھندو آهي ان وقت هو قرآني تعليمات جي مطابق الله پاڪ ۽ امام جي سامهون پاڻ کي حقير سمجھي ڪري اهو محسوس ڪندو آهي امام ۽ الله پاڪ ان جون ظاهري ۽ باطني حالتون ڏسي رهيا آهن ۽ هو الله پاڪ ۽ امام معصوم کان حياءُ ڪندي هو گناه نه ٿو ڪري ۽ اهڙيءَ طرح سان انتظار منتظر جي تزڪيه روح جو سبب ٿو ٿئي ۽ ان جي دل نوراني ٿي وڃي ٿي.

اهل بيت ۽ امام زمانه ع وٽ خاص مقام حاصل ڪرڻ: اهو انسان جيڪو امام زمانه ع جو منتظر هوندو آهي اهو سٺي اخلاق جي اچڻ سان حرام جي ويجھو ناهين ٿيندو ۽ معصيت کي پنهنجي ويجھو اچڻ ناهي ڏيندو اهو هميشه اها ڪوشش ڪندو آهي واجبات کي انجام ڏيڻ ۽ معصيت کان دوري اختيار ڪرڻ جيڪو اسلامي تعليمات جي اهم تعليمات منجھان آهي ڪا ڪوتاهي نه ٿئي. واجبات کي انجام ڏيڻ ۽ حرام ڪمن کان بچڻ کان علاوه اهو هي به ڪوشش ڪندو آهي ته مستحب ڪمن کي انجام ڏئي ۽ مڪروه ڪمن کان بچي. اهو هي چاهيندو آهي ته پاڻ کي اهڙو بڻائي ۽ اهي ڪم انجام ڏئي جيڪي امام ان کان چاهي ٿو ۽ اهڙي طرح هو اهل بيت ۽ امام زمانه ع وٽ خاص مقام کي حاصل ڪري ٿو. 

اعتماد کي حاصل ڪرڻ: اهو انسان جيڪو امام مهدي ع جو منتظر هوندو آهي اهو الله پاڪ جي موجودگي ۽ پنهنجي زماني جي امام جي موجودگيءَ جو يقين رکندي جهاد اڪبر ۽ جهاد اصغر جي ميدان ۾ اندروني ۽ بيروني شيطان سان جنگ ۾ مصروف هوندو آهي هن ۾ اها طاقت پيدا ٿي وڃي جو هو ان درجي تائين پهچي وڃي جڏهن امام مهدي ع جن وٽ ان جي ايتري منزلت اچي جڏهن امام ع جن ٻين اصحابن جي سامهون انهن کي شوق ۽ رغبت ڏيارڻ جي لاٰءِ ان جي علم ۽ پرهيزگاري کي بيان ڪري ۽ ان تي امام ايسيتائين اعتماد ڪري جو ان کان ڪنهن قول کي نسبت ٻين جي سامهون بيان ڪري.(علي ابن طائوس،امام موجود موعود، ص: 188)

اهي ڪيترا ته امام زمانه ع جا  خوشنصيب صالح ۽ صادق منتظر آهن جن پنهنجي سڄي زندگي جهاد اڪبر ۽ اصغر ۾ گذارندي اهل بيت ع جي رحيم نظرن ۾ اعتماد کي حاصل ڪيائون.

پيشرفت ۽ ترقي جي لاءِ جاکوڙ: اهو انسان جيڪو امام مهدي ع جوانتظار ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو هميشه ان ڪوشش ۾ هوندو آهي ته خالص مهدوي ثقافت علم کان عينيت ۽ ان کي هن دنيا ۾ رائج ڪجي. اهو هن ڪوشش ۾ هوندو آهي ته هر فن جو ماهر جيڪو امام جي انتظار ۾ آهي اهو صحيح فڪر ۽ مهارت ۾ ناڪام نه ٿئي.

امام جعفر صادق ع جن فرمائن ٿا: ليعدن احدڪم لخروج القائم و لو سهما.(محمد ابن ابراهيم نعماني، الغنية، ص: 320) ترجمو: امام مهدي ع جا انتظار ڪرڻ وارو هڪ تير ئي هجي آماده رکي.

امام جعفر صادق ع جن هن قول ۾ هڪ مثال کي بيان ڪن ٿا اهو معين نه ٿا ڪن ته هڪ تير کي تيار رکن ڇو ته هڪ فوجي ماهر وٽ جنگي آمادگي جو ذمو، ترقي ۽ پيشرفت جي ماهر وٽ اسراف کان بچڻ جي ذميواري ۽ اهڙي ٻين عهدن تي موجود ماڻهن جي لاءِ پنهنجون پنهنجون ذميواريون هونديون آهن اهڙي طرح سان علماء ڪرام جهالت کي ختم ڪرڻ، ثقافتي يلغار جي ڀيٽ ۾ ۽ آخر ۾ عقيدي جي بنيادي ڳالهين کي واضح ڪرڻ آهي اهڙي طرح جڏهن هر ڪوئي پنهنجي ذميواريءَ کي نڀائيندو ته معاشرو پرامن ۽ ترقي ڪندو.

انساني ذهن ۽ فڪرن جي ترقي: ذهنن جي حڪمت جو ظهور ۽ انساني سوچ جي خزاني ۾ واڌ هن برڪت واري وقت جي وجود جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جيئن انهن ڪيترن ئي روايتن ۾ بيان ٿيل آهي جيڪي امام مهدي ع جي ظهور واري زماني کي بيان ڪن ٿيون ته انهن زماني جي ماڻهن جي شعور ۾ تمام گھڻو واڌاءُ ايندو ٻئي طرف فزڪس سائنس جي ماهرن جي ترقي علماء، صاحبان عقل ۽ ثقافت جون مسلسل ڪوششون سائنسي عنوانن، علم جي وسعت ۽ فڪرن جي نشونما جا بنيادي سبب آهن مڪتب تشيع ۾ هي سڀئي ڪاميابيون انهن عالمن جي ڪري آهن جيڪي يا ته امام جي اصحاب ۾ شامل هيا يا امام جا حقيقي لحاظ سان منتظر آهن هن فڪر جي سربلندي جي ڪري ئي هن دور جا اهي فتنه جن جي ڪري نادان مسلمان ۽ مومن گمراهي جي طرف وڃي رهيا آهن ناڪام ٿين ٿا.(جوادي آملي، امام مهدی موجود موعود، ص: 187)

آخر ۾ اها دعا آهي ته خداوند متعال اسان کي حقيقي اعتبار سان امام جو منتظر ٿيڻ جي توفيق عنايت ڪري ( آمين)