ام المومنين حضرت خديجه ڪبرى سلام الله عليها
2025/01/27ام المومنين حضرت خديجه ڪبرى سلام الله عليها
حضرت خديجه سلام الله عليها هڪ اهڙي عظيم عورت هئي جنهن نه فقط رسول خدا (ص) تي دل سان ايمان آندو، پر انهي سان گڏوگڏ هن رسول خدا (ص) جي مشڪلاتن ۽ مشرڪن جي تهمتن آڏو پڻ مدد ڪئي. جيستائين زنده هئي تيستائين رسول خدا (ص) تي مشرڪن طرفان ڪابه تڪليف ۽ مصيبت نه سٺائين. جڏهن به رسول خدا (ص) تي ڪا به مصيبت يا مشڪل آئي ته خديجه (س) ان کي دلداري ڏيندي هئي ۽ ان جي پريشاني کي دور ڪري ڇڏيندي هئي.
حضرت خديجه (س) جي ملڪيت، اسلام جي شروعات ۾ ئي اسلام جي خدمت، ترقي ۽ پکيڙ لاءِ وسيلو ثابت ٿي ايتري تائين ته حضرت خديجه (س) جي آخري ملڪيت اميرالمومنين جي توسط سان خرچ ٿي جيڪا هن هجرت جي سفر دوران مديني ۾ صرف ڪئي. مسلمانن جا اڪثر سفر ان جي دولت ۽ ملڪيت جي ڪري ئي ممڪن ٿيا.
هن عظيم عورت کي تاريخ ۾ ڪئين ياد ڪيو ويو آهي اچو ته مختصر نظر وجهون
ولادت
حجاز جهڙي پاڪ فضا ۽ ستارن سان ڀريل آسمان جي هيٺيان، شهر مڪي جي معزز گهراڻي ۾ هڪ نياڻي پيدا ٿئي ٿي. جنهن جي زندگي جي تاريخ، بنياد ۽ پاڙ، آب زمزم جيان ۽ بلندي آبشارن وانگر روشن ۽ چمڪندڙ آهي.
هن جي ولادت کان پوءِ هن جي خاندان زماني جي رسم (نياڻين کي زنده پورڻ) تي عمل نه ڪندين هن جي ولادت تي تمام گهڻا خوش ٿيا. هن جي پيءَ ۽ ماءُ خويلد ۽ فاطمه هڪ سادي رسم کان پوءِ هن جو نالو خديجه رکيائون.
حضرت خديجه (س) جي ولادت پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت کان پندرنهن سال اڳ ۾ ٿي. يعني بعثت کان 55 سال پهرين عربستان جي ڌرتي ۾ ٿي.[1]
حضرت خديجه سلام الله عليها خويلد بن عبدالعزي بن قصي بن ڪلاب جي ڌيءَ هئي، جيڪي پاڻ سڳورن (ص) جي پيڙهي مان چوٿين نمبر تي آهن. رشتي جي حساب سان حضرت خديجه (س) ڪجهه واسطن سان پاڻ سڳورن (ص) جي چاچي جي ڌيءَ (سئوٽ) ٿين ٿيون ۽ خاندان جي حوالي سان هڪ ئي خاندان مان آهن. ان بنا تي حضرت خديجه (س) جو سلسله نسب حضرت اسماعيل ۽ ابراهيم ع سان جيڪي 28 ۽ 29 نمبر تي آهن وڃي ٿو پهچي. [2]
سائڻ خديجه سلام الله عليها جن جا لقب
حجاز ڄائي جو سڀن کان عظيم ۽ بهترين لقب ”طاهره“ آهي، ڇوته حضرت خديجه سلام الله عليها هڪ اهڙي ماحول ۾ پئي زندگي ڪئي جتي ممڪن نه هو ته پاڪ ۽ طاهر رهي سگهجي، حضرت خديجه سلام الله عليها پاڻ سڳورن (ص) جي ملڻ کان پهريان هڪ وڏي واپاري مرڪز جي اڳواڻي ڪري رهي هئي جتي ڪيترائي مرد هن جي ئي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهيا هئا پر هو ڪنهن سان به ضرورت کان وڌيڪ نه ڳالهائيندي هئي. هو پنهنجي عزت جو خيال رکندي هئي. ۽ هو رات جو ڪنهن گناهه آلوده محفل ۾ شرڪت نه ڪندي هئي، ڪنهن به حوالي سان هو عرب جاهليت جي ريتن ۽ رسمن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نه ڏيندي هئي.
هن وٽ جڏهن به ڪا عورت ڪمال ۽ معنويت حاصل ڪرڻ لاءِ ايندي هئي ته ان کي سهڻي نموني درس ڏيندي هئي.
اهل سنت جو هڪ عالم حضرت خديجه سلام الله عليها جي باري ۾ لکن ٿو:
«و کانت تدعی فی الجاهلیة بالطاهرة لشدة عفافها»
”جاهليت جي زماني ۾ به هن جو سليقو پاڪ ۽ پاڪيزه هو ۽ اها طاهره سڏبي هئي“ [3]
لقبن مان سندن جو هڪ لقب ”سيده النساء القريش“ (قريش جي عورتن جي سردار)
هڪ لقب ”مبارڪه“ (برڪتن واري) پڻ هو
سانئڻ کي ”صديقه“ سچار عورت ۽ ”زڪيه“ پاڪ ۽ پاڪيزه جسم، روح ۽ فڪر جي لحاظ سان
راضيه ( خدا جي تقدير ۽ تدبير تي راضي ٿيڻ واري
”مرضيه“ هڪ اهڙي هستي جنهن کان خدا راضي آهي[4]
ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي نالا آهن جئين: ”ام اليتامي“ ۽ ”ام المومنين“ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي.
حضرت خديجه عليها السلام جن جي شادي
تاريخ ۾ مشهور اهو ئي آهي ته حضرت خديجه سلام عليها جن جي شادي پاڻ سڳورن (ص) کان پهريان به ٻه دفعا عقد ٿيل هو. پهرين ٻن شوهرن جا نالا ”ابوهاله بن زراه تميمي“ ۽ ”عتيق بن عائذ مخزومي“ جيڪي ٻئي وفات ڪري ويا هئا جنهن مان قاسم، عبدالله، زينب، فاطمه ۽ رقيه نالي اولاد پڻ هو [5]
پر علامه مجلسي بحارالانوار جي ڇهين جلد ۾ لکي ٿو ته: احمد لاذري ۽ ابوالقاسم ڪوفي پنهنجي ڪتاب ۽ سيد مرتضي پنهنجي ڪتاب شافي ۾ ۽ ابو جعفر تلخيص ۾، روايت ڪن ٿا ته:
پاڻ سڳورن (ص) جڏهن حضرت خديجه سلام عليها سان شادي ڪئي ته ان وقت هو ڪنواري (باڪره يا دوشيزه) هئي اها روايت وري هن ڳالهه جي تاڪيد ٿي ڪري جيڪا ڪتاب ” انوار البديع“ ۾ ذڪر ٿيل آهي. ان ڪتاب ۾ لکيل آهي ته رقيه، ۽ زينب اهاله جون ڌيئرون هيون جيڪا حضرت خديجه (س) جي ڀيڻ آهي. اهو ئي صحيح آهي [6]
اهڙي ريت ڪتاب ”استغاثه“ ۾ آيو آهي ته حضرت خديجه سلام الله عليها کي حضرت فاطمه سلام الله عليها کانسواءِ ٻيو ڪوبه اولاد نه هو ٻيو جيڪي اولاد ذڪر ڪيو ويو آهي اهو هاله جيڪا حضرت خديجه جي ڀيڻ هئي ان جو آهي، اهو ان ڪري جو هاله هڪ گمنام عورت هئي ۽ حضرت خديجه سلام الله عليها هڪ مشهور شخصيت هيون ان ڪري ان جي طرف نسبت ڏني ويئي آهي.[7]
حضرت خديجه (س) جن جو ڪردار
حضرت خديجه (س) جي مالي مدد جي ڪري نبي ڪريم (ص) غني ٿيو، رسول خدا (ص) هميشه اهو فرمائيندا هئا ته ” ڪنهن به ملڪيت مونکي ايترو فائدو نه پهچايو جيترو حضرت خديجه (س) جي ملڪيت مونکي پهچايو[8] اسلامي روايات مطابق حضرت خديجه (س) جي ملڪيت جي ڪري ئي قرضدارن ۽ يتيمن جي آزادي ۽ غريبن جي مدد ڪئي ويئي.
شعب ابي طالب واري ماجره ۾ اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته حضرت خديجه (س) جي ملڪيت ئي بني هاشم جي حمايت ۾ خرچ ٿي، روايت ۾ ايتري تائين ملي ٿو جو حضرت ابوطالب ۽ خديجه سلام الله عليها پنهنجي سڄي ملڪيت اسلام جي حفاظت خاطر خرچ ڪري ڇڏي.[9]
شعب ابي طالب واري واقعي ۾ اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته حڪيم بن حزام خديجه (س) جو ڀائيٽو اُٺن کي آڻيندو هو جيڪي ڪڻڪ، ۽ کجور سان حمل ٿيل هوندا هئا تمام گهڻي خطري هجڻ جي باوجود به بني هاشم کي سامان رسائيندو هو. اها سخاوت ايتري ته بهترين ۽ خالص هئي جو الله تعالي هن عظيم ڪم جي ڪري کيس کوڙ ساريون نعمتون عطا ڪيون انهن سڀني کان وڏو تحفو جيڪو عطا ڪيائين اهو حضرت محمد (ص) جي لاءِ هن کي انتخاب ڪيائين، حضرت رسول خدا (ص) پڻ هن جي ايثار ۽ سخاوت کي وڏي عظمت سان ياد ڪندا هئا.[10]
پهرين مسلمان عورت
ابن اسحاق چيو آهي ته: خديجه (س) پهرين عورت هئي جنهن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو ۽ جيڪي به رسول خدا (ص) پيغام پهچايو ان جي تصديق ڪيائين. پوءِ الله تعالي ان جي ايمان جي ڪري ئي رسول اڪرم (ص) جي ڏکن ۾ گهٽتائي آندي. جڏهن به حضرت رسول خدا (ص) پنهنجي ڏکن کي ان جي اڳيان دل جي گهرائي سان ذڪر ڪندا هئا ته خديجه (س) ان جي ڏک کي گهٽ ڪندي هئي ان جي تصديق ڪندي هئي ۽ ان جي لاءِ آساني پيدا ڪندي هئي.[11]
وفات حضرت خديجه عليها السلام
حضرت خديجه 65 سالن جي ڄمار ۾ هجرت کان ٽي سال پهرين رمضان جي مهيني ۾ وفات ڪيائين، جڏهن هن جان ڏني ته پاڻ سڳورا (ص) اندر داخل ٿيا ۽ فرمايائون:
”مونکي اهو ڏسڻ مناسب نٿو لڳي پر شايد خدا ان نا مناسب ۾ ڪو خير رکيو آهي“
۽ جئين حضرت خديجه (س) وفات ڪئي ته حضرت فاطمه سلام الله عليها روئيندي رسول خدا (ص) کان پڇا ڪئي ته منهنجي امڙ ڪٿي آهي؟ پوءِ حضرت جبرئيل نازل ٿيو ۽ فرمايائين: اي رسول خدا فاطمه کي چؤ ته الله تبارڪ وتعالي ان جي ماءُ لاءِ جنت ۾ هڪ گهر ٺاهيو آهي جنهن جي بنا دُرن ۽ گوهرن سان ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪا به تڪليف ۽ ڏکيائي ناهي هو حضرت مريم ۽ آسيه سان گڏ آهي.[12]
بيشڪ خديجه (سلام الله عليها) واقعي اهڙي پاڪ و پاڪيزه عورت هئي.
[1] _ مطهربن طاهر مقدسي، البدء والتاريخ، بيروت، دارالجنان، ج 5، ص 10
[2] _ الاصفهاني، ابي الفرج؛ مقاتل الطالبين، قم، موسسه دارالڪتاب، چاپ دوم، ص29.
[3] _ ڪرمي فريدني؛ علي، جلوههايي از فروغ آسمان حجاز؛حضرت خديجه، انتشارات دليل ما، ج پهريون، ص 14.
[4] _ القاب الرسول وعترته، قم، ڪتابخانو آيت الله مرعشي نجفي، ص 29.
[5] _ تاريخ الائمه، قم، ڪتابخانو آيت الله مرعشي نجفي، ص 15 – 20.
[6] _. علي محمد علي دفيل، خديجه عليها السلام ترجمه ڊاڪٽر فيروز حريرچي، تهران، سپهر،1362، ص 11.
[7] _ مجمع احياء الثقافه، ج1، ص 70 –64.
[8] _ بحار الانوار ج 19، ص163.
[9] _ ساڳيو ج 19، ص 16.
[10] _ الاستيعاب ج 4، ص 1817.
[11] _ .محمدبن جرير طبري، تاريخ طبري، ترجمه ابوالقاسم پانه ، ج3، ص 843.
[12] _ الامالي، قم، انتشارات دار الثقافه، 1414قمري.ص 175.