انسان قرآن جي نظر ۾
2025/05/28آية الله جعفر سبحاني دامت برڪاته
قانون 1:
انسان، جسم ۽ روح جي ٻن عنصرن سان سرجيل آهي مرڻ کان پوءِ توڙي جو جسم مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويندو آهي پر سندس روح امر آهي . موت انساني ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ناهي سو ان لحاظ سان انسان قيامت تائين برزخ ۾ زندگي گذاري ٿو. انساني زندگيءَ جا مختلف مرحلا، خاص طور تي سندس آخري مرحلو جيڪو انساني روح جي ٻيهر بدن ۾ ڦوڪجڻ واري روپ ۾ ظاهر ٿيڻ سان شروع ٿئي ٿو اهو مرحلو قرآن ۾ هن ريت بيان ٿيو آهي .
ثُمَّ أَنشَأْنَاهُ خَلْقًا آخَرَ (1)
“ پوءِ اسان کيس هڪ ٻئي خلقت واري روپ ۾ سرجيو”
ان کانسواءِ قرآن مجيد جي ٻين آيتن ۾ انسان جي برزخي زندگي ڏي پڻ اشارا موجود آهن مثال طور : وَمِن وَرَائِهِم بَرْزَخٌ إِلَى يَوْمِ يُبْعَثُونَ (2)
“سندن اڳيان ۽ سندن وري جيئڻ جي ڏينهن تائين برزخ (پردو) آهي
برزخ واري جهان لاءِ ايتريون ته آيتون ذڪر ٿيون آهن جو انهن کي هتي بيان ڪرڻ سولو ناهي .
قانون 2:
هر انسان کي توحيد واري پاڪ فطرت جي قانون تحت جوڙيو ويو آهي سو ان لحاظ سان تڪامل ۽ اوسر جا درجا طي ڪندو وڃي، ٻاهريان ۽ ڌاريا سبب رڪاوٽ نه بڻجن ته پڪ ساڻ پنهنجي حقيقي منزل ماڻي وٺندو .
ڪوبه انسان ڄمندي ئي گنهگار ۽ ڏوهاري ناهي هوندو بلڪه ٻاهريان ۽ ڌاريا سبب کيس پليدي ۽ اوڳڻن سان وڪوڙي ڇڏيندا آهن .انسان جون
خانداني بريون وصفون ۽ سوچون به اهڙيون اثرائتيون ناهن جو انسان کان ارادي جي قوت
کسي ڇڏن البته رائج عيسائيت جو نظريو آهي ته “ گناھ ۽ پاپ اولاد آدم جي فطرت جو جزو آهي پر اها ڳالھ بلڪل بي بنياد آهي قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا فِطْرَةَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا (3)
پوءِ تون پنهنجي مهاڙ دين لاءِ هڪ طرفي ڪري بيهار ،الله جو دين اهو آهي جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس .
پاڻ سڳورن8 جي حديث پاڪ ۾ آيل آهي
“ مامِن مولُود الا يُولد على الفطرة (4)
ڪوبه ڄمندڙ ٻار (رب پاڪ جي توحيد واري) فطرت کانسواءِ ناهي ڄمندو .
قانون 3:
انسان پنهنجي ارادي جو مالڪ ، صاحب اختيار ۽ قدرت وارو آهي يعني انسان پنهنجي عقل مطابق هر ڪم جي جاچ پڙتال ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق انجام ڏئي ٿو يا انجام نٿو ڏئي ، ٻين لفظن ۾ چئجي ته هر انسان پنهنجي راز جو راڻو آهي وڻيس ته ڪو ڪم انجام ڏئي ، وڻيس ته انجام نه ڏئي . قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي
إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًا وَإِمَّا كَفُورًا (5)
بيشڪ اسان هن کي سنئين واٽ ڏيکاري هاڻ شڪر ڪري يا ڪفر ڪري ( سندس مرضي).
۽ ٻي جاءِ تي ارشاد آهي ته
وَقُلِ الْحَقُّ مِن رَّبِّكُمْ فَمَن شَاء فَلْيُؤْمِن وَمَن شَاء فَلْيَكْفُرْ (6)
۽ چئه ته هي سچو دين توهان جي رب وٽان آيل آهي ،سو جنهن کي وڻي ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي سو ڪافر ٿئي .
قانون 4:
انسان صحيح فطرت ۽ عقل جو صاحب آهي تنهنڪري چڱي ۽ مدي جي پرک ڪري سگھي ٿو ۽ اهو به چئي چڪا آهيون انسان صاحب اختيار ۽ پنهنجي راز جو راڻو آهي سو ان لحاظ سان انسان تربيت ۽ تهذيب پرائي سگھي ٿو ، انسان لاءِ هر گھڙي تڪامل، اوسر ۽ رب پاڪ جي طرف اچڻ جو مرڻ گھڙيءَ تائين دروازو کليل آهي .
البته مرڻ گھڙيءَ مهل توبه قبول نه پوندي . مٿين ڳالھ جو نتيجو اهو نڪرندو ته نبي سڳورن8 جي دعوت پوري انسانيت لاءِ هوندي آهي ايستائين جو فرعون جهڙا ماڻهو به ان پيغام مان لاڀ پرائي سگھن پيا ( پر پنهنجي بدبختيءَ ڪري محروم رهيا)
قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي .
فَقُلْ هَل لَّكَ إِلَى أَن تَزَكَّى وَأَهْدِيَكَ إِلَى رَبِّكَ فَتَخْشَى (7)
پوءِ چوينس ته “اٿئي ڪو گناهن کان پاڪ ٿيڻ جو ارادو” ۽ آئون توکي تنهنجي رب جو رستو ڏيکاريان ته من تون کائنس ڊڄين .
انسان کي ڪڏهن به ٻاجھاري نپائڻهار جي ٻاجھ ۽ بخشش کان مايوس نه ٿيڻ گھرجي ان بابت قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي .
لَا تَقْنَطُوا مِنْ رَحْمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغْفِرُ الذُّنُوبَ جَمِيعًا (8)
الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، بيشڪ الله سڀ گناھ بخشي ٿو .
قانون 5:
انسان عقل ۽ اختيار جهڙن نعمتن جو مالڪ آهي تنهن ڪري انسان هڪ ذميدار ۽ جوابدار مخلوق آهي، هي خدا ، نبي سڳورن ،الاهي اڳواڻن ، پنهنجي انسانيت ، دنيا جي ٻين انسانن ۽ پوري ڪائنات جي آڏو جوابدار آهي ، قرآن مجيد انسان جي ان حيثيت بابت ڪيترن ئي آيتن ۾ وضاحت ڪئي آهي جهڙوڪ :
وَأَوْفُواْ بِالْعَهْدِ إِنَّ الْعَهْدَ كَانَ مَسْؤُولاً (9)
پنهنجي قول قرار کي پورو ڪريو ، بيشڪ قول قرار جي پڇا به ٿيڻي آهي .
ٻي جاءِ تي ارشاد آهي :
إِنَّ السَّمْعَ وَالْبَصَرَ وَالْفُؤَادَ كُلُّ أُولـئِكَ كَانَ عَنْهُ مَسْؤُولاً (10)
بيشڪ ڪنن، اکين ۽ دل ، انهن سڀني کان پڇاڻو ٿيندو .
وڌيڪ ارشاد آهي : أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَن يُتْرَكَ سُدًى (11)
ڇا انسان سمجھي ٿو ته کيس ائين ئي ڇڏي ڏبو.
قانون 6:
ڪنهن به انسان کي ٻئي انسان تي ڪا برتري ۽ فضيلت ناهي سواءِ ان جي ته روحاني ڪمال ، حاصل ڪري ، زندگي جي هر شعبي ۾ فضيلت ۽ برتري جو معيار ۽ ميزان تقوى ۽ پرهيزگاري آهي .
قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي .
يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن ذَكَرٍ وَأُنثَى وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ .(12)
اي انسانؤ بيشڪ اسان اوھان کي مڙس ۽ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان جون ذاتيون ۽ پاڙا ٺاهيا ته جئين ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان وڏي عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي
ان بنياد تي اسلامي نظرئي مطابق نسل ، جاگرافيائي خصوصيتون ۽ ٻيا هٿرادو بڻايل معيار فضيلت ۽ برتري جو معيار ۽ ميزان نه آهن
قانون 7 :
اخلاقي اقدار در حقيقت انسانيت لاءِ سنهرا اصول آهن ۽ انساني فطرت سان جڙيل آهن اهي اصول ابدي ۽ امر آهن ، زماني جا رنگ ۽ سماجي تبديليون انهن کي مٽائي نه ٿا سگھن مثال طور واعدي جي وفاداري ۽ قول پاڙڻ يا نيڪيءَ جو بدلو نيڪي ، اهڙا ابدي ۽ امر اصول آهن جيڪي ڪڏهن به مٽجي نه ٿا سگھن ، جيسين آدمَ ڄائو ڌرتيءَ تي آباد آهي هي اصول تيسين موجود هوندا ، اهڙيءَ ريت خيانت ۽ ويساھ گھاتي يا واعدي خلافي اهڙا ڪُڌا ڪرتوت آهن جن ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي . سو ان لحاظ سان چئي سگھجي ٿو ته عقل واري نظرئي موجب ، انساني سماج ۾ اهڙا اصول ۽ قانون موجود آهن جيڪي انساني فطرت ۽ جبلت سان ڳنڍيل آهن ۽ اهي اصول پختا ۽ پائيدار آهن . البته انهن اخلاقي اصولن ۽ قاعدن کان علاوه به ڪي اهڙيون ريتون ۽ رسمون آهن جيڪي زماني ۽ مڪان جي تبديليءَ سان تبديل ٿي وينديون آهن ، سو انهن ريتن رسمن جو اخلاقياتي امر اصولن سان ڪو واسطو ناهي . قرآن انهن امر اصولن مان ، ڪن اصولن ڏي اشارا هيٺين آيتن ۾ ڪيا آهن .
هَلْ جَزَاء الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ (13)
چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي
مَا عَلَى الْمُحْسِنِينَ مِن سَبِيلٍ (14)
نيڪن تي ڪو ڏوراپو نه آھي.
فَإِنَّ اللّهَ لاَ يُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ (15)
بيشڪ الله نيڪن جو اجر نه ٿو وڃائي .
إِنَّ اللّهَ يَأْمُرُ بِالْعَدْلِ وَالإِحْسَانِ وَإِيتَاء ذِي الْقُرْبَى وَيَنْهَى عَنِ الْفَحْشَاء وَالْمُنكَرِ وَالْبَغْيِ (16)
بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو
قانون : 8
توڙي جو انسان کي سندن عملن جو اجورو ٻئي جهان ۾ ملندو پر دنيا ۾ به کيس چڱائيءَ ۽ مدائيءَ جا نتيجا سامهون اچن ٿا ، سو چئي سگھجي ٿو ته دنياوي آفتون به ڪنهن قدر سندس ڪئي جو ردِعمل آهن اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن جي رُخ تي پيل حجاب کي ، وحي پنهنجي لافاني پيغام سان ، هٽايو آهي ۽ انساني علم به پنهنجي وس آهر ان کان باخبر ٿيو آهي ، قرآن مجيد ۾ ان سلسلي بابت کوڙ آيتون موجود آهن ، اسان رڳو ٻه آيتون پيش ڪريون ٿا .
وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ الْقُرَى آمَنُواْ وَاتَّقَواْ لَفَتَحْنَا عَلَيْهِم بَرَكَاتٍ مِّنَ السَّمَاء وَالأَرْضِ وَلَـكِن كَذَّبُواْ فَأَخَذْنَاهُم بِمَا كَانُواْ يَكْسِبُونَ (17)
جيڪڏهن هي وسندين وارا ايمان آڻن ها ۽ نيڪ ٿين ها ته اسين آسمان ۽ زمين جي برڪتن کي مَٿن کولي ڇڏيون ها پر هنن ايمان نه آندو ، پوءِ اسان (به) سندن ڪمن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي .
حضرت نوحA ، پنهنجي قوم کي اها ڳالھ ياد ڏياريندي فرمايو : الله جي نافرمانيءَ تان هٿ کڻڻ به ان جي ٻاجھ ۽ رحمت جي دروازي جي کلڻ جو باعث ۽ سبب آهي قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي
فَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ إِنَّهُ كَانَ غَفَّارًا يُرْسِلِ السَّمَاء عَلَيْكُم مِّدْرَارًا وَيُمْدِدْكُمْ بِأَمْوَالٍ وَبَنِينَ وَيَجْعَل لَّكُمْ جَنَّاتٍ وَيَجْعَل لَّكُمْ أَنْهَارًا (18)
۽کين چيم ته پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گھرو بيشڪ هو بخشڻهار آهي هو اوهان تي آسمان مان لڳاتار مينهن وسائيندو ۽ اوهان کي مال ۽ پُٽ وڌائي ڏيندو ۽ اوهان لاءِ باغ ۽ نديون وهائيندو .
قانون 9 :
ڪن ٻاهرين سببن ۽ ڪارڻن کي ڇڏي، باقي قومن ۽ ملتن جي ترقي ۽ پستي جا ڪارڻ، خود انهن قومن ۽ ملتن جي عقيدي، اخلاق ۽ ڪردار سان واڳيل آهن، البته ان ڳالھ جو مقصد اهو ناهي ته اسان تقدير واري عقيدي کان هٿ ڌوئي ڇڏيون، ڇا ڪاڻ ته اهو قانون بذات خود الهي تقدير جي مجموعي مقصدن جو هڪ جلوو ۽ تجلو آهي. ٻين لفظن ۾ هئين چئجي ته، رب پاڪ جي مشيت ۽ منشا جو دارومدار به ان ڳالھ سان آهي ته قومون ۽ ملتون پنهنجي عقيدي ۽ عمل سان پنهنجي تقدير ۽ قسمت رقم ڪن، مثال طور جيڪڏهن ڪو سماج پنهنجا رشتا، ناتا، عدل ۽ انصاف وارن اصولن تي قائم ڪري ته اهو سماج امن، آشتي ۽ چين سڪون واري زندگي گذاريندو ۽ جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجا رشتا، ناتا، ان جي ابتڙ قائم ڪري ته سندن قسمت ۾ نڀاڳ، ڪرود ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نه ملندو.
اهو ئي اهو قانون آهي جنهن کي قرآن واري اصطلاح ۾ ”الهي سنتون“ چيو ويو آهي. قرآن سڳوري ۾ ارشاد آهي:
“فَلَمَّا جَاءهُمْ نَذِيرٌ مَّا زَادَهُمْ إِلَّا نُفُورًا اسْتِكْبَارًا فِي الْأَرْضِ وَمَكْرَ السَّيِّئِ وَلَا يَحِيقُ الْمَكْرُ السَّيِّئُ إِلَّا بِأَهْلِهِ فَهَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا سُنَّتَ الْأَوَّلِينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبْدِيلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحْوِيلًا ”(19)
جڏهن منجهن خبردار ڪرڻ وارو آيو ته، نفرت کانسواءِ ڪنهن به شي ۾ واڌارو نه ٿين ڇا ڪاڻ ته ڌرتي تي وڏائي ۽ ٺڳي ڪندا هئا، جڏهن ته ٺڳ ٺڳيءَ جو شڪار ٿيندا آهن ته پوءِ اهي گذريل امتن واري حشر کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي اوسيئڙي ۾ آهن، الله جي طريقي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ايندي، ۽ نه ئي اهو مٽجي سگهي ٿو.
۽ ٻئي جاءِ تي ارشاد آهي:
” وَأَنتُمُ الأَعْلَوْنَ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ… وَتِلْكَ الأيَّامُ نُدَاوِلُهَا بَيْنَ النَّاسِ…“(20)
جيڪڏهن ايمان دار آهيو ته سوڀ اوهان ئي ماڻيندؤ ( ڪاميابي ۽ ناڪامي کي) ماڻهن جي وچ ۾ مٽائيندا سٽائيندا رهندا آهيون.
قانون 10 :
بشريت جو مستقبل ۽ ايندڙ زمانو روشن ۽ ٻهڪندڙ آهي، اها ڳالھ پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته انساني زندگي گهڻي ڀاڱي، نا انصافين ۽ اڻ وڻندڙ حالتن جو شڪار آهي پر اهي حالتون پائيدار ۽ امر نه آهن، بلڪه نيٺ اها ڏاڍ ۽ جبر واري رات ختم ٿيندي ۽ عدل ۽ انصاف جو سج اڀرندو، قرآن ان ڳالھ پٽاندڙ فرمايو آهي ته هڪ ڏينهن ڌرتي جي حڪمراني صالح ۽ نيڪ ٻانهن کي ملندي.
” وَلَقَدْ كَتَبْنَا فِي الزَّبُورِ مِن بَعْدِ الذِّكْرِ أَنَّ الْأَرْضَ يَرِثُهَا عِبَادِيَ الصَّالِحُونَ“(21)
اسان ذڪر کان پوءِ زبور ۾ لکي ڇڏيو آهي ته اسان جي ڌرتي جا وارث نيڪ ٻانها ئي آهن.
ٻئي جاءِ تي ارشاد آهي:
” وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا مِنكُمْ وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّهُم فِي الْأَرْضِ كَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ.“(22) پاڪ الله توهان مان، ايمان وارن ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آهي ته کين ڌرتي تي ائين جانشين بڻائيندو جئين کائن اڳي ماڻهن کي جانشين بڻايائين.
ان لحاظ سان، حق ۽ ناحق واري مسلسل لڙائي ۾ سوڀ حق جي ئي ٿيندي، پوءِ اها لڙائي جيتري به ڊگهي ٿئي.
“ بَلْ نَقْذِفُ بِالْحَقِّ عَلَى الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهُ فَإِذَا هُوَ زَاهِقٌ”(23)
بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو(سچ) ڪوڙ کي ڀورَ ڪري ڇڏيندو آھي، پوءِ اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي.
قانون 11 :
قرآن جي نظر ۾ انسان وڏي مانائتي مخلوق آهي، ايستائين جو فرشتا به انسان آڏو سجدي ۾ ڪري پيا، قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: وَلَقَدْ کَرَّمْنَا بَنِی آدَمَ وَحَمَلْنَاهُمْ فِی الْبَرِّ وَالْبَحْرِ و َرَزَقْنَاهُم مِنَ الطَّیِّبَاتِ وَفَضَّلْنَاهُمْ عَلَی کَثِیرٍ مِمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِیلاً،(24)
بيشڪ اسان اولاد آدم کي ڪرامت ۽ عظمت عطا ڪئي ۽ کين خشڪي ۽ تري ۾ سوارن تي سوار ڪيو ۽ پاڪ روزي عطا ڪئي ۽ پنهنجي خلقت مان ڪيترين ئي شين تي فضيلت عطا ڪئي.
انساني زندگيءَ جي پيڙھ، سندس عظمت ۽ شان جي حفاظت تي رکيل آهي، تنهنڪري هر اهو ڪم جيڪو ان نعمت کي داغ دار ڪري، اسلام ان کان روڪيو آهي، ان ڳالھ جو مقصد هي آهي ته هر طرح جو ناجائز قبضو ڄمائڻ ۽ ناجائز قبضو قبولڻ، شريعت ۾ منع ٿيل آهن.
امير المومنين علي عليه السلام ان باري ۾ فرمائن ٿا: وَلا تَكُن عَبدَ غَيرِكَ وَ قَد جَعَلَكَ اللهُ حُرّاً (25) ڪنهن ٻئي جو غلام نه ٿجانءِ، ڇا ڪاڻ ته پالڻهار تو کي آزاد بنايو آهي. ڪائنات جي والي ٻئي جاءِ تي فرمايو اهي «اِنَّ اللّه تَبارَکَ وَ تَعالی فَوَّضَ اِلَی المُؤمِنِ اُمُورَهُ کُلَّها وَ لَم یُفَوِّض اِلَیهِ أَن یَذِلَّ نَفسَهُ».(26)
برڪتن ڀري ۽ بلند مالڪ، مومن جي هٿ ۾ هر شي ڏيئي ڇڏي آهي سواءِ پنهنجو پاڻ کي خوارخراب ڪرڻ جي.
البته ان ڳالھ سان الاهي ۽ شرعي حڪومتن واري قانون جو ٽڪراءُ ڪونهي، ان جي وضاحت اڳتي ڪبي.
قانون 12:
اسلامي تعليمات مطابق انسان جو عقلي ۽ ويچاروارو جياپو وڏي اهميت ٿو رکي ڇاڪاڻ ته انسان جو امتياز ٻين جانورن جي بنسبت انهيءَ عقل جي آڌار آهي. انهيءَ ڪري انسان کي ڪيترن ئي آيتن ۾ سوچ ، ويچار ۽ ڳڻ ڳوت جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ طبيعت ۽ خلقت جي نمونن ۾ ويچار ڪرڻ کي عقلمنديءَ جي علامت ڄاڻايو ويو آهي . قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي :
الَّذِينَ يَذْكُرُونَ اللّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَىَ جُنُوبِهِمْ وَيَتَفَكَّرُونَ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هَذا بَاطِلاً سُبْحَانَكَ فَقِنَا عَذَابَ النَّارِ (27)
جيڪي ماڻهو اٿندي ويهندي الله کي ياد رکن ٿا ۽ آسمانن۽ زمين جي خلقت ۾ ويچار ڪن ٿا ۽ (چون ٿا) اسان جا نپائڻهار هي سڀ ڪجھ اجايو ڪين جوڙيو اٿئي.
طبيعت ۽ خلقت جي نمونن ۾ ويچار بابت تمام گھڻيون آيتون آهن اسان رڳو مثال طور هڪ آيت بيان ڪئي آهي ۽ انهن ئي آيتن جي بنياد تي ابن ڏاڏن جي انڌي تقليد ۽ پيرويءَ کان منع ٿيل آهي .
قانون 13
اسلام ۾ اقتصادي،سياسي ۽ ٻين مسئلن ۾ انفرادي آزاديءَ جي حدن کي ان ڳالھ سان مشروط ڪيو ويو آهي ته اها آزادي ، اخلاقياتي ۽ روحاني عظمتن ۽ اقدار سان نه ٽڪرائي ۽ اهڙيءَ ريت اها آزادي ٻين جي مصلحتن ۽ حقن کي به نه لتاڙي، سچ پڇو ته اسلام ۾“فرائض” ان ڪري ئي رکيا ويا آهن ته جيئن انسان جي انفرادي عظمت ۽ سماجي مصلحتن کي بچائي سگھجي .اسلام ۾ بت پرستي، شراب واپرائڻ ۽ اهڙي طرح جي، ٻين ڪمن کان روڪڻ جي رمز به اها ئي آهي ته انسان جي عظمت ۽ مانُ پائمال نه ٿئي ۽ اتان ئي اسلامي تعزيراتي سرشتي جو فلسفو به پڌرو ٿئي ٿو قرآن مجيد قصاص واري قانون جي نفاذ کي انسان جي حياتيءَ جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي :
وَلَكُمْ فِي الْقِصاصِ حَياةٌياأُولِي الْأَلْبابِ لَعَلَّكُم ْتَتَّقُونَ(28)
۽ اي عقلمندؤ !قصاص توهان جي لاءِ جياپو آهي
يا پاڻ سڳورن 7 فرمايو : ان المعصيةاذا عمل بها العبد لم يضر الا عاملها فاذا عمل بها علانية و لم يغير اضرت بالعامةجيڪڏهن ڪو انسان لڪ ۾ گناھ ڪري ته ان جو نقصان سندس ذات تائين محدود آهي پر جيڪڏهن کلم کلا گناھ ڪري ۽ ڪير جھليس به نه ، ته ان جو نقصان پوري عوام تائين پهچندو.
ان حديث کي بيان ڪندي امام صادق D فرمايو : ذالک انه يذل بعمله دين الله و يقتدي به اهل عداوةالله ان ڳالھ جو سبب هي آهي ته کلم کلا گناھ ڪرڻ وارو رب پاڪ جي دين کي پائمال ڪري ٿو ۽ خدا جا دشمن سندس پيروي ڪن ٿا .
قانون 14
اسلامي انفرادي آزاديءَ جوهڪ نمونو هي به آهي ته دين قبولڻ ۾ ڪابه زور زبردستي ناهي ارشاد آهي : لا إِكْراهَ فِي الدِّينِ قَدْ تَبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ (29) دين ۾ ڪابه زور زبردستي ڪانهي گمراهيءَ کان نيڪي چٽي ٿي پئي آهي.
ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ دين مان مراد ايمان ۽ دل سان ويساھ رکڻ آهي ۽ اهي اهڙيون شيون ناهن جيڪي زور زبردستيءَ سان ڪنهن جي دل ۾ وجھي ڇڏجن بلڪه انهن جو دارومدار ڪن شرطن جي حاصل ٿيڻ تي آهي ان شرطن منجھان اهم شرط حق ۽ باطل جو چٽو ٿيڻ آهي ۽ اها پڌري ڳالھ آهي ته حق جي چٽي ٿيڻ کان پوءِ عام حالتن ۾ انسان حق جو ئي انتخاب ڪندو آهي.
جيتوڻيڪ اهاڳالھ درست آهي ته “جهاد” هڪ اهم اسلامي فرض آهي پر ان جو مقصد ڪڏهن به اهو ناهي ته ٻين ماڻهن کي اسلام قبولڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي بلڪه جهاد جو مقصد هي آهي ته الاهي پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن تن کي هٽائجي ته جيئن ” تبين الرشد“ جي حقانيت پڌري ٿي سگھي ۽ اها ڳالھ به پڌري آهي ته زر ۽ زور زبردستيءَ جا سوداگر پنهنجي مادي ۽ شيطاني مقصدن جي حاصلات لاءِ دين جي آزاديءَ واري پيغام لاءِ سدائين رڪاوٽ ٿيندا آهن .
نبوت جو فلسفي يعني بشر تائين آسماني هدايت ۽ رهنمائي جي پهچائڻ جو به اهو تقاضو آهي ته مجاهد رستي تي سڀني رڪاوٽن کي ڊاهي چٽُ ڪن ته جيئن الاهي پيغام ماڻهن تائين پهچي سگھي .
حوالا
1. ( مؤمنون 14)
2. ( مؤمنون آيت 100 )
3. (روم آية30)
4. (توحيد صدوق ص 331)
5. ( سوره انسان آية 3)
6. (سوره کهف29)
7. (سوره نازعات آية 18۽ 19)
8. ( زمر 53)
9. (اسراء 34)
10. (اسراء36)
11. (القيامة36)
12. ( الحجرات 13)
13. (رحمٰن60)
14. ( توبه91)
15. ( يوسف 90)
16. (نحل 90)
17. (اعراف ،آيت96)
18. (نوح آيت 10کان 12 )
19. سورت فاطر، آيت 42، 43
20. سورت آلعمران، 139، 140
21. سورت انبيا، آيت 105
22.سورت نور، آيت 55
23سورت انبياء، آيت 18
24. سورت اسراء، آيت 70
25. نهج البلاغه، خط نمبر 38
26. وسائل الشيعه، ج11، ص424، ڪتاب امر بالمعروف باب 12
27. آل عمران 191
28. بقره 179
29. بقره 256