جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

حجة الاسلام والمسلمين سيد محمد قاسم زيدي (رح) جي سوانح حيات

فونٽ جو اندازو :
2025/06/05

تحرير: مولانا هادي بخش چنه

پيدائش

پاڻ ضلعي ميرٺ يوپي رسول پور شهر جي مشهور ڳوٺ ڌولڙي ۾ 4 رمضان المبارڪ 1320 هجري قمري بمطابق 1902 عيسوي ڌاري سيد ولايت حسين زيدي جي ديني گهراڻي ۾ پيدا ٿيا.

ان ڳوٺ ۾ گھڻي قدر آبادي ڪاظمي سادات ۽ راجپوت قوم جي هئي، اتي اچي سيد ولايت حسين سڪونت اختيار ڪئي. الله سائين کين اهڙو نيڪ ٻچڙو عنايت ڪيو، جيڪو هزارين انسانن جي هدايت جو سبب بڻيو.

سائين جن جو گهراڻو

علامه سيد قاسم زيدي جي شجرو حضرت زيد شهيد سان ملي ٿو. اهو ياد هجڻ گهرجي ته حضرت زيد، امام زين العابدين عليه السلام جن جو فرزند آهي.

سندن ابتدائي تعليم

سائين جن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ منصبيه عربي ڪاليج ۾ داخلا ورتائون ۽ پوءِ مدرسه عربيه ناظميه لکنو ۾ داخلا ورتائون، انهيءَ ئي ڪاليج مان ممتاز الافاضل جي سند حاصل ڪيائون. مدرسه عربيه ناظميه جي طالبعلمن مان اهو اعزار صرف مولانا قاسم زيدي جن کي ئي حاصل هو، جيڪو شاگردي جي زماني ۾ ئي ڪاليج جو تنخواهه کڻندڙ استاد پڻ هو ۽ پاڻ شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي هيٺيان ڪلاس پڙهائيندا هئا. اهڙي نموني پنهنجيون علمي صلاحيتون وڌائيندي، شاگرديءَ جي دؤر ۾ ئي فاضل عربي جي سند لکنو يونيورسٽيءَ مان ۽ فاضل فارسي جي سند الله آباد يونيورسٽي مان حاصل ڪيائون. ياد رهي ته ممتاز الافاضل جا امتحان وٺندڙ، محقق ۽ مجتهد هوندا هئا، جن کي هيٺيون تعليمي صلاحيتون هجڻ کان پوءِ ممتاز الافاضل جي سَنَد ملندي هئي: علم نحو، علم صرف، علم منطق، فلسفو، علم ڪلام، علم معاني و بيان، علم هيئت، علم عروض و القوافي، علم ادب عربي، علم تفسير، علم حديث، علم درايه، علم رجال، علم فقهه، علم اصول فقه.

مدرسه ناظميه عربي ڪاليج ۾ تدريس جو سبب

مجتهد العصر نجم الملت  جن ان وقت مرحوم قاسم زيدي کي تدريس لاءِ چيو، جڏهن پاڻ مدرسه ناظميه کي ڇڏي مدرسه الواعظين وڃي رهيا هئا ته سرڪار نجم الملت جن محمد قاسم زيدي صاحب کي چيو ته درس ۽ تدريس پيغمبري پيشو آهي، جنهن ۾ ظاهري طور ته مال دولت ناهي هوندي، ليڪن دلي سڪون و اطمينان ۽ عزت هوندي آهي، جيڪڏهن توهان تدريس نه ڪندؤ ته ٻيو ڪير تدريس ڪندو؟ ڪوئي ته هجي جيڪو اسان جي مسند کي سنڀالي؟ انهيءَ وقت ئي نجم الملت جن چيو ته قرآن مجيد تان استخارو ڪيون ٿا، جيئن ئي استخارو ڪڍيائون انهيءَ وقت ئي اٿي ڪري مولانا محمد قاسم زيدي صاحب سان گڏ ويهي رهيا ۽ چيائون ته اڄ کان پوءِ توهان منهنجا جانشين آهيو.

سندن استاد

علامه زيدي صاحب جن استادن کان ڪسب فيض ڪيو انهن مان ڪجهه هي آهن:

علامه سيد ابراهيم، علامه دلدار علي، مفتي عباس قلي (نوّر الله مرقده) جيڪي لکنو ۾ علم معقول ۽ منقول جا هڪ بزرگ عالم سمجهيا ويندا هئا، انهن مثالي هستين اهڙا ته بي بها گوهر ملت اسلاميه کي ڏنا جن تي اسان کي قيامت تائين فخر رهندو.

علامه سيد مير حامد موسوي جيڪي ڪتاب مستطاب عبقات الانوار جا ليکڪ پڻ آهن حضرت علامه ناصر حسين (ناصر الملت) علامه نجم الحسن (نجم الملت) علامه ظهور حسين (ظهور الملت) علامه مفتي احمد علي ۽ علامه مفتي محمد علي جهڙا ان دور جا علم، اخلاق ۽ معنويت جا بي مثل نمونا هئا .

سندن شاگرد

سيد محمد قاسم زيدي صاحب جن هندوستان ۽ پاڪستان جي ٽن مدرسن ۾ گهڻو عرصو تدريس جا فرائض انجام ڏنا ۽ خاص طور پاڻ جامعه عربيه سلطان المدارس خيرپور ۾ گھڻو عرصو پرينسپل جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيندا رهيا، تنهنڪري ڪافي شاگرد سندن علم مان فيضياب ٿيا.

ثقه الاسلام محقق في علم الڪلام سيد بشير حسين انصاري فاتح ٽيڪسلا، علامه سيد ثمر حسين زيدي مشارع العلوم جا پرنسپل، علامه شبيه الحسنين، علامه سيد ناصر عباس زيدي الباردي، علامه عباس علي نجفي مدرسه دانشگاهه واگهريجهي جا پرنسپل، علامه حيدر علي جوادي صاحب مدرسه تحقيقات و تبليغات ڄامشورو جا پرنسپل، علامه حشمت علي (جوزر) جيڪي المعرفت رسالي جا مدير هئا، جيڪو حيدر آباد مان ڇپندو هو، علامه محمد سبطين فاضل ملتان، علامه ثابت علي نجفي مدرسه دارالحڪمت ٻٻرلوءِ جا پرنسپل، علامه ڌڻي بخش جامعه سلطان المدارس جا پرنسپل، علامه نذرالحسين محمدي ۽ علامه فخر الحسنين جيڪي علامه شبيه الحسنين جا فرزند هئا.

سندن دؤر جا علماء

علامه سيد علي نقي نقوي جيڪي نقن جي لقب سان مشهور هئا، يادگار فرزدق شاعر هند نسيم امروهوي، مولانا ابرار حسين هاروي، سيد الملت علامه ناصر المت جا پٽ ۽ مولانا ڪلب حسين جيڪي ڪبن سان مشهور هئا.

سندن تدريسي سفر

 سائين جن اٺاويھ سال منصبيه ڪاليج ميرٺ يوپي ۾ تدريس جا فرائض انجام ڏيندا رهيا. منصبيه ڪاليج کي ڇڏي پنهنجي وطن واپس موٽي آيا جتي جامعه عربيه خيرپور ۾ پرنسپل جي حيثيت سان فرائض انجام ڏيندا رهيا. جامعه مشارع العلو حيدرآباد ۾ به 8 سال تائين تدريس جا فرائض انجام ڏيندا رهيا. ان کان پوءِ وري ٻيهر خيرپور سلطان المدارس ۾ پرنسپل جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنائون. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ به بيماريءَ جي باوجود تدريسي خدمتن کي انجام ڏيڻ کان ڪين ڪيٻايائون.

قلمي ڪاوشون

1: ڪتاب عمران و آل عمران 2: ڪتاب حق نما (ٻي ايڊيشن 2013)

3: ڪتاب احسن العقائد شرح باب حادي عشر موضوع، علم الڪلام، توحيد، نبوت، امامت، قيامت جنهن جي پهرين ڇپائي 1969 ع ۾ ٿي.  4: قرآن مجيد جو تفسير

وڃڻ جون وايون

علامه سيد محمد محمد قاسم زيدي علم النحو ۽ فلسفه جي محقق 12 آڪٽوبر 1986 عيسويءَ ڌاري 82 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي رب جي امر کي لبيڪ چوندي آخرت جي سفر ڏانهن روانو ٿي ويا ۽ هزارين اکين کي پڻ آلو ڪري ويا. هن وقت جامعه سلطان المدارس ۾ باب القبله جي پاسي ۾ آرامي آهن.

سندن اولاد

الله سائين کين 4 پٽ ۽ 5 نياڻيون عطا ڪيون.

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸