جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جو پنهنجي خاندان سان سلوڪ

فونٽ جو اندازو :
2025/02/23

ليکڪ: مظهر علي مطهري

 خلاصو:

هن مقالي ۾ هڪ مقدمو، ڪجهه مهم لفظن جي لغوي ۽ اصطلاحي تعريفن کي بيان ڪيو آھي هتي حضرت زهرا س جو پنهنجي خاندان سان ٿيل سھڻي سلوڪ کي مختصر طور بيان ڪيو ويو آهي، سڀ کان پهريان سانئڻ پنهنجي گھرواري جي چونڊ لاءِ جيڪي شرط ۽ اصول رکيا هئا انهن ۾ ايمان، تقوا، پرهيزگاري، اخلاقيات، خانداني ھجڻ ۽ پاڻ ۾ عشق ومحبت جو هجڻ ضروري آهي، ان کان پوءِ سانئڻ پنهنجي گھر واري سان زندگي گذارڻ جي طريقيڪار کي بيان ڪيو آهي. مثال: گھرواري جو احترام ڪرڻ، ان سان نياز و نوڙت سان پيش اچڻ، انجي اطاعت ڪرڻ.

مهاڳ: هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آھي ته حضرت فاطمه الزهرا س جي پنهنجي خاندان سان طرز زندگي تي لکيو وڃي. معصومين علهيم السلام جو سڄو وجود هر اعتبار کان اسان جي لاءِ درس ۽ نصيحت آهي انهيءَ منهجان هڪ حضرت فاطمه الزهرا س به آهن جنهن جي زندگي جا مختلف پهلو آهن ۽ هر پهلوءَ تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو ويو آهي ۽ بيان ڪيو ويو آهي هن مختصر مضمون ۾ فقط بيبي دو عالم جي پنهنجي خاندان سان رھڻي ڪھڻي کي بيان ڪيو وڃي ڇو جو اسان اهڙي معاشري ۾ زندگي گذاريون ٿا جنهن ۾ خبر ناهي ڪهڙن ماڻهن کي پنهنجي لاءِ آئيڊيل ۽ نموني طور انتخاب ڪريون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته هن تحرير ۾ اهڙي شخصيت جي سيرت کي بيان ڪيون جيڪي، هميشه رهڻ واري آهي ۽ هڪ اھڙي ته مضبوط رسي آهي جيڪا ھر انسان جو ڀرجھلو آھي ان ڪري ئي ان مضبوط رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو وڃي ڇو جو ان رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻ جو حڪم الله جي نبي ڏنو آهي. هن موضوع جي اھميت ان ڪري آھي، ڇو جو هر معاشري ۾ تعليم ۽ تربيت جو ھجڻ ضروري آھي ليڪن ھر معاشري ۾ تعليم ۽ تربيت جو طريقيڪار مختلف آھي، هن مقالي ۾ اهڙي شخصيت کي نمونه طور پيش ڪيو ويو آھي جنهن جي لاءِ الله ربّ العزت جو موڪليل نبي جيڪي خود سڀني انسانن لاءِ آئيڊيل آهن، اھي پاڻ، حضرت فاطمه الزهرا س جي لاءِ ارشاد فرمائن ٿا ته: منهنجي ڌيءُ فاطمه الزهرا س سڄي جهان جي عورتن جي لاءِ نمونه عمل آهن، ڇو جو هڪ پاڪ دامن عورت جي لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي لاءِ اهڙي شخصيت کي نمونه طور انتخاب ڪري جيڪا خود پاڪ ۽ طاهر هجي، ان جو ڪامل مصداق حضرت فاطمه الزهرا س کان علاوه ٻيو ڪير به نه ملندو.

ڪجهه لفظن جي معنا:

الف) سلوڪ: لغت ۾ رويو، طريقو، يا زندگي جو انداز، رهڻي ڪهڻيءَ ”طرز زندگي“ کي چيو ويندو آهي.[1]

اصطلاح ۾ ان جون مخلتف تعريفون بيان ٿيل آهن، علوم اجتماعي ۾ سلوڪ، يعني ماڊل يا جيڪو رهڻي ڪهڻي ۾ رهنمايي ۽ مدد ڪري. سلوڪ هڪ اهڙي روش آهي جيڪا ثقافت مان پيدا ٿئي ٿي، ۽ ماڻھو عمل ڪرڻ وقت طبيعي طور ان سلوڪ کان ڪم وٺن ٿا ۽ پنهنجي عملن کي ان نموني جي مطابق تطبيق ڏين ٿا.[2]

سلوڪ ھڪ ٻي اصطلاح ۾: سلوڪ ھڪ اھڙو ڊسيپلين جيڪو تيار ٿيل هجي ته ان کي عملي جامو پهرايو وڃي يا اهڙي سوچ يا مڪتب جيڪو معاشري جي ماڻھن لاءِ مفيد هجي.[3]

 ب) خاندان: لغت ۾ گهرا وارا، اهل البيت، ۽ مائٽن جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي.[4]

خاندان: اصطلاح ۾ انهن ماڻھن کي چيو ويندو آهي جيڪي هڪ گهر جي ڇت جي هيٺيان رهندا هجن پوءِ اهي چاهي سببي هجن يا نسبي هجن.

خاندان جي ٻي تعريف: خاندان اجتماع ۽ معاشره ۾ ننڍي مان ننڍو گهراڻو، جيڪو پيءُ، ماءُ، ۽ اولاد تي مشتمل هجي، شامل آهي ۽ ڪڏهن وري ان کان وسيع معنا جي لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪي پري پري جي مائٽن کي به شامل ٿيندو آهي.[5]

ج) حضرت فاطمه الزهرا س فاطمه جي لغت ۾ معني: جيڪو تمام براين کان ڪٽيل هجي.

زهرا لغت ۾ چوندا آهن چمڪندڙ شيءَ کي، جيڪا نور وانگر ٻرندڙ ھجي.[6]

 اصطلاح ۾: حضرت فاطمه الزهرا س پيغمبر خدا ص ۽ حضرت خديجه س جي نياڻي آهي حضرت زهرا س جي لاءِ هڪ افتخار هي آهي جو ان جو بابا رسول خدا ص آهي جنهنجي جي صدقي الله سائين هن ڪائنات کي وجود بخشيو ۽ اشرف المخلوقات آهي جيڪو مجسم قرآن آهي جنهن پنهنجي پوري زندگي ۾ قرآن جي تمام حڪمن تي عمل ڪيو، جيڪي خود آئيڊيل ۽ نمونه عمل آهن جنهن جي مبعوث جو هدف، اخلاق کي ڪامل ڪرڻ آهي. ” إِنَّمَا بُعِثْتُ لِأُتَمِّمَ مَكَارِمَ الْأَخْلَاق‏ “.[7]

۽ حضرت زهرا س جي ماءُ، حضرت خديجه س آهي جنهن جي لاءِ رسول خدا ارشاد فرمايو: خديجه س تمام عورتن کان برتر آهي. ۽ اها خاتون آهي جنهن سڀني کان پهريان مون تي ايمان آندو ۽ اسلام قبول ڪيائين ۽ پنهنجي تمام ثروت کي خدا، ان جي رسول ص جي راه تي خرچ ڪري ڇڏيائين.

حضرت زهرا س جو پنهنجي شوھر سان رھڻ جو سلوڪ تعليم ۽ تربيت جي مهمترين سلوڪن مان ھڪ اھم سلوڪ ۽ طريقو آھي ان سلوڪ کي انسان پنهنجي زندگي لاءِ ھڪ نمونو بڻائي پنهنجي لاءِ آئيڊيل قرار ڏئي، اسلام به انسان جي تربيت ۽ تعليم لاءِ تاڪيد ڪئي آهي، ۽ انسان جنهن کي پنهنجي لاءِ نمونه عمل قرار ڏئي ٿو،ڄڻ اهو ان کي هدايت ڪري ٿو ۽ سندس ان جي اخلاق کي پرورش ڏي ٿو.

قرآن مجيد صحيح نموني ڏيڻ وارن کي معين ڪيو آهي ۽ ان جي پيروي جي سفارش ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف کان نموني جي ضرورت، انسان جي طبيعي اعتبار کان به آهي جيڪا انسان کي پابند ڪري ٿي ته پنهنجي هدف تائين پهچڻ جي لاءِ ھڪ نموني جي تلاش ڪري.

پيغمبر خدا ص حضرت زهرا س لاءِ ڪئين مرتبه ارشاد فرمايائون: ” فَاطِمَةُ بَضْعَةٌ مِنِّي‏“.[8]  فاطمه س منهنجي جسم جو ٽڪڙو آهي.

امام محمد باقر ﻉ فرمائن ٿا: ” وَ لَقَدْ كَانَتْ طَاعَتُهَا مَفْرُوضَةً عَلَى‏ جَمِيعِ‏ مَنْ‏ خَلَقَ‏ اللَّهُ‏ مِنَ الْجِنِّ، وَ الْإِنْسِ، وَ الطَّيْرِ، وَ الْبَهَائِمِ‏، وَ الْأَنْبِيَاءِ، وَ الْمَلَائِكَة…“.[9] حضرت زهرا س جي اطاعت تمام مخلوقات تي واجب آهي چاهي جنن منجهان، يا انسانن،يا پکين منجهان، يا چوپان منجهان، يا انبياء منجهان، يا ملاڪن منجهان هجن.

امام مهدي ع حضرت زهرا س جي لاءِ فرمائن ٿا: ” وَ فِي ابْنَةِ رَسُولِ اللَّهِ ص لِي‏ أُسْوَةٌ حَسَنَة“.[10]  رسول خدا ص جي نياڻي منهنجي لاءِ بهترين الگو، نمونو ۽ آئيڊيل آهي.

پهريون حصو: حضرت زهرا س جو همسر جي انتخاب ۾نمونو

 هڪڙي مهمترين شي يا محافظ جيڪو دين کي بچائي ٿو، شادي ڪرڻ آهي، جلدي شادي ڪرڻ ۾ گهڻائي فائده آهن ۽ دير سان شادي ڪرڻ جا ڪئي نقصان آهن، اڄ ڪلهه معاشره ۽ اجتماع ۾ تمام گهٽ عامل ۽ اسباب ڏسندو جيڪي جنسي انحرافات جيترو نقصان ڏيڻ وارا هجن، جنسي انحراف معاشره ۽ جامعه کي وڏو نقصان پهچائي ٿو خاص ڪري نوجوان ۽ جوانن جي نسل کي تباهي جي حدّ تائين پهچائي ٿو.

جڏهن چيو ويو ته شادي ڪرڻ جا گهڻا فائدا آهن ۽ شادي ڪرڻ لازم ۽ ضروري آهي ته پوءِ ڏٺو وڃي ته هڪ ڀلي همسرجي انتخاب جا معيار ڪهڙا آهن؟  

حضرت زهرا س جي سيرت ۾ سٺي شريڪ حيات جا معيار

هن جڳهه تي ڪجهه ملاڪ ۽ معيار بيان ڪجن ٿا جيڪي حضرت فاطمه الزهرا س جي شوهر ۾ موجود هئا، يقيناً امام علي ﻉ جو انتخاب حضرت زهرا س جي لاءِ مهم هو. جيڪو انسان شادي ڪري ٿو ان جي لاءِ ڪجهه اصول هوندا آهن انهن منجهان هڪ مهم اصول، ڪفويت ( برابري ) جو هجڻ آهي، مرد ۽ خاتون هر اعتبار کان ڪفو ۽ برابر هجن، مگر هيءُ اصول خاص ڪري ايمان ۽ اخلاص جي اعتبار کان مهم آهي نه ڪي طبقاتي ۽ اقتصادي اعتبار کان، اگر جي ان جو به لحاظ ڪيو وڃي ته بهتر آهي

1_ ايمان: دين جو مهمترين حصو، خدا تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي عبادت ڪرڻ آهي، توحيد ۽ خدا پرستي سبب ٿئي ٿي ته انسان جي سوچ ۽ هدف معنا دار بڻجي وڃي، ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ کي خدا جي رضايت ۽ تسليم جي طرف ڇڪي. اهڙي طرح جيڪو فرد خدا کي پنهنجو حاضر ناظر سمجهي، ان جو پنهنجي گهر واريءَ ۽ گهر جي ٻين افرادن سان ۽ پنهنجي گهر وارن جي ذميوارين کي انجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نٿو ڪري، ڇو جو ان جو مقصد خدا جي رضايت کي مد نظر رکڻ آهي. پوءِ ڪڏهن به اهو انسان ٻين جي حقوق جي پايمالي نه ڪندو. حضرت زهرا س ايمان، اخلاص، تقوا، ۽ پرهيزگار جي اعلي درجي تي فائز هيون، تنهن ڪري اميرالمومنين علي ﻉ کان علاوه ٻيو ڪير حضرت زهرا س جو ڪفو نه پيو بڻجي سگهي.

 اڪثر مورخن لکيو آھي ته جڏهن حضرت زهرا س شادي جي عمر تي پهتي، عربن جا معتبر ماڻهو پيغمبر ص جي خدمت ۾ بيبي سان شادي جي درخواست کڻي آيا، الله جو نبي سڀنن کي جواب ڏنو، ليڪن حضرت علي ﻉ جي شادي جي لاءِ ارشاد فرمايو: ” لَوْ لَا أَنَّ اللَّهَ تَعَالَى خَلَقَ فَاطِمَةَ لِعَلِيٍّ مَا كَانَ لَهَا عَلَى وَجْهِ‏ الْأَرْضِ‏ كُفْوٌ آدَمُ فَمَنْ دُونَه‏“.[11]  اگر هيءُ نه هجي ها، الله تعالي فاطمه س کي پيدا ڪيو آهي علي ﻉ جي لاءِ، اگر علي ﻉ نه هجي ها ته روي زمين تي ڪير به فاطمه س جو ڪفو ۽ برابر نه هجي ها.

شاديءَ جي ڪامياب ۽ موفق ٿيڻ جو هڪ مهمترين علت، زوجين جو هم ڪفو ۽ برابر هجڻ آهي، جيئن الله تعالي قرآن ۾ارشاد فرمائي ٿو: ” وَ الطَّيِّباتُ لِلطَّيِّبينَ وَ الطَّيِّبُونَ لِلطَّيِّبات “.[12] ۽ چڱيون زالون چڱن مردن لاءِ ( مناسب ) آهن ۽ چڱا مرد چڱين زالن لاءِ آهن. شادي هڪ مهم رشتو آهي جيڪو سڄي عمر تائين مڙس ۽ زال هڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ٿا. ڇو جو مڙس ۽ زال هڪ خاندان جو اساس ۽ جڙ آهن، تنهن ڪري مڙس اهڙي خاتون سان ۽ خاتون اهڙي مرد سان شادي ڪري جيڪو ان جو همسفر ٿي سگهي. تنهن ڪري شاديءَ جو پهريون معيار ۽ ملاڪ ، ايمان ۽ تقوا کي قرار ڏنو ويو آهي. احاديث جي روشني ۾ فاسق شخص سان شادي ڪرڻ منع آهي.

پاڻ سڳورا ص ارشاد فرمائن ٿا: ” انْكِحْ وَ عَلَيْكَ بِذَاتِ الدِّين“.[13]‏ دين دار شخص سان شادي ڪر.

امام محمد باقر ﻉ فرمائن ٿا: ” مَنْ‏ خَطَبَ‏ إِلَيْكُمْ‏ فَرَضِيتُمْ دِينَهُ وَ أَمَانَتَهُ فَزَوِّجُوه‏“.[14] جيڪو خواستگاري جي لاءِ آيو، ۽ تون ان جي دين ۽ امانت داري کان راضي آهين ته ان سان شادي ڪريو.  شادي ۾ برتري ۽ فضيلت جو ملاڪ، ايمان، عفت ۽ پاڪدامني آهي:” إِنَّ خَيْرَ نِسَائِكُمُ الْوَلُودُ الْوَدُودُ الْعَفِيفَة“.[15] تحقيق توهان جون ڀليون عورتون اهي آهن جيڪي گهڻا ٻار ڄڻن ۽ پاڪدامن هجن.

2_ ڀلو اخلاق: شادي جو هڪ ٻيو معيار ۽ ملاڪ، ايمان کان علاوه، اخلاق جو ڀلو هجڻ آهي، شادي اهڙي فرد سان ڪجي جيڪو ڀلو ۽ پسنديده اخلاق جو مالڪ هجي، جيڪو بد اخلاق آهي ان کان پرهيز ڪيو وڃي، ڇو جو ڀلو اخلاق، الفت، محبت، انس ۽ خاندان کي محڪم ڪري ٿو، ليڪن بد اخلاق شخص خاندان کي خراب ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جو اخلاق سٺو ناهي، ان جي ايمان جي ڪمزور هجڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو.

امام رضا ﻉ کان بد اخلاق شخص جي شاديءَ جي باري ۾ پڇا ڪيو ويو ته امام ﻉ فرمايو: ” كَتَبْتُ إِلَى أَبِي الْحَسَنِ الرِّضَا ع أَنَّ لِي قَرَابَةً قَدْ خَطَبَ إِلَيَّ وَ فِي خُلُقِهِ شَيْ‏ءٌ فَقَالَ لَا تُزَوِّجْهُ‏ إِنْ كَانَ سَيِّئَ الْخُلُقِ“.[16] بد اخلاق شخص سان شادي نه ڪريو. حضرت فاطمه الزهرا س به هن صفت کي نظر ۾ رکيو ۽ اهڙي شخصيت کي انتخاب ڪيو جيڪو بهترين صفات ۽ فضائل اخلاقي جا مالڪ آهن. ابن ابي الحديد معتزلي حضرت اميرالمومنين علي ﻉ جي اخلاق جي باري ۾ چوي ٿو: علي ﻉ عابد ترين، زاهد ترين، عالم ترين ۽ خوش اخلاق ترين فرد هو.

3_ بهترين خاندان: شريڪ حيات جي انتخاب جو هڪڙو ٻيو معيار، ڀلي خاندان مان هجڻ آهي، ڇو جو اگر خاندان اصلي آهي ته ان جي اولاد به اصلي، شجاع، دلير، سخي ۽ ڪريم ٿيندو ۽ هيءُ صفتون ٻن طريقن سان اولاد جي اندر ۾ اچي سگهن ٿيون، هڪ خاندان جي وراثت سان ۽ ٻي معاشري ۽ ماحول سان. تنهن ڪري احاديث ۾ به هن موضوع تي گهڻي توجه ڏني ويئي آهي.

پيغمبر خدا ص فرمائن ٿا: ”اخْتَارُوا لِنُطَفِكُمْ‏ فَإِنَّ الْخَالَ أَحَدُ الضَّجِيعَيْن“.[17] همسر جي چونڊ ۾ خاندان جي اصلي هجڻ جو خيال ڪريو. حضرت زهرا س به ان بهترين خاندان جو خيال ڪيو پنهنجي لاءِ ان همسر جو انتخاب ڪيو جنهن جي والده حضرت فاطمه بنت اسد آهي جيڪا نمونو آهي عورتن جي لاءِ ۽ جنهن جي لاءِ ڪعبه جي ديوار شگاف ٿي

4_ رضايت: شادي جو هڪڙو معيار هي به آهي ته شوهر ۽ گهرواري هڪٻئي کان راضي هجن، ليڪن اگر ٻنهي منهجان هڪ به راضي نه هجي ته ان شادي جي بنياد مضبوط نه هوندي، ڇو جو شادي جي لاءِ خاندان جو سالم هجڻ، محڪم ۽ ماڊل هجڻ ۽ هم زبان هجڻ ضروري آهي.

جڏهن حضرت علي ﻉ رسول خدا ص وٽ سندن نياڻي جي رشتي لاءِ آيا ته، پيغمبر خدا ص سڀ کان پهريان پنهنجي نياڻي کان پڇا ڪئي ۽ حضرت زهرا س صورت مبارڪ کي هيٺ ڪيائون، ته الله جو نبي فرمايو: منهنجي ڌيءُ سڪوت اختيار ڪيو آهي ۽ سڪوت رضايت جي نشاني آهي.

ٻي روايت ۾ آهي ته سيده هي جمله فرمايا: ” رَضِيتُ‏ بِمَا رَضِيَ‏ اللَّهُ‏ وَ رَسُولُه‏…“.[18] مان ان تي راضي آهيان جنهن تي خدا ۽ ان جو رسول ص راضي آهن.

ٻيو حصو: حضرت زهرا س جي شوھر داري جو طريقيڪار:

هڪ خاتون جي لاءِ زندگي ۾ گهڻي مان گهڻي اهميت ۽ موفقيت هي آهي ته پنهنجي شوهر کي خوش ۽ راضي رکي ۽ هر اهڙو ڪم يا عمل جنهن سان شوهر ناراض ٿئي ان کان پرهيز ڪري.

پيغمبر خدا ص فرمائن ٿا: عورت جو جهاد، سٺي طريقي سان شوهرداري ڪرڻ آهي.[19] جيڪا عورت چاهي ٿي ته هن جهاد ۾ ڪامياب ٿئي ان جي لاءِ ضروري آهي ته ڪوشش ڪري گهر کي مرد جي لاءِ آرام ۽ سڪون جي جڳهه بڻائي. حضرت زهرا س ڪڏهن به پنهنجي شوھر کي تڪليف نه ڏني بلڪه هميشه ڀلائيءَ سان پيش اينديون ھيون ۽ پنهنجي شوھر جي لاءِ خدا جي عبادت ۾ هڪ بهترين مددگار هيون.

 1_ شريڪ حيات کي احترام سان سڏڻ

جيڪڏھن شريڪ حيات هڪ ٻئي کي احترام سان سڏين ته انهن جي درميان محبت وڌندي آھي، حضرت زهرا س هميشه پنهنجي شوهر کي احترام سان ياد ڪنديون هيون. ڪڏهن ”ابوالحسن“ ته ڪڏهن ” يا بن عم“ ته ڪڏهن ”يا اميرالمومنين“ سان پڪاريندا هئا.

حضرت علي ﻉ فرمائن ٿا: پنهنجي خطاب ۽ سخن کي سٺو ڪيو ته جيئن توهان کي جواب سٺو ملي.

2_ شريڪ حيات جي سامهون تواضع ۽ انڪساري ڪرڻ

 مرد ۽ زال جو هڪٻئي سان ڀلو اٿڻ ۽ ويهڻ خاندان کي محڪم ۽ مضبوط ڪري ٿو ۽ ڀلي اٿڻ ۽ ويهڻ جو مهم سبب تواضع ۽ انڪساري آهي. زال جو پنهنجي مڙس سان مهربان هجڻ سان مرد کي وڌيڪ لذت ملي ٿي ۽ مرد، زال کان ان وقت گهڻو فائدو حاصل ڪري ٿو جڏهن زال پنهنجي مرد جو احترام ٿي ڪري.

بس مرد جو زال جي مٿان، حاڪم ٿيڻ هن شي جو سبب بڻجي ٿي ته زال پنهنجي مرد سان خاضعانه طور پيش اچي ۽ مرد جو پنهنجي زال سان دلسوزي سان پيش اچي.[20]

3_ همسر سان رهڻي ڪھڻي محبت واري هجڻ

 مرد ۽ زال کي فقط محبت جي ڳالهين جي خبر هجڻ ڪافي ناهي، بلڪي ٻئي هڪٻئي کان زباني صورت ۾ محبت جون ڳالهيون ٻڌن ته جيئن انهن جي زندگي ڪامياب بڻجي ۽ هي محبت، پيار جا الفاظ مرد ۽ زال ٻنهي طرفن کان چون.[21]

پيغمبر خدا ص فرمائن ٿا: مرد جڏهن پنهنجي گهرواريءَ سان محبت جو اظهار ڪندو آھي ۽ چوندو آهي ته ” مان توسان محبت ڪيان ٿو“ ته مرد جا هي جملا ڪڏهن به عورت جي دل کان خارج نٿا ٿين.[22] ۽ عورت به پنهنجي شوهر سان ابراز محبت ڪري. مثال طور حضرت زهرا س جهڙي شخصيت موجود آهي، جڏهن بيبي دو عالم بيماري جي بستر تي هئي ته ان وقت مولاي ڪائنات علي ﻉ اچي ڪري سيده جو شڪريو ادا ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا اي فاطمه جان تنهنجي مصيبت کان وڌيڪ ٻي ڪائي مصيبت، منهنجي لاءِ نه هئي. پوءِ ٻئي روئڻ شروع ڪندا هئا، پوءِ وري بيبي زهراء س فرمائنديون هيون: اي علي جان، منهنجو روح ۽ جان توتان قربان ٿئي.[23]

حضرت زهرا س جو پنهنجي شوھر سان محبت جي هڪ جهلڪ هي آهي ته بيبي پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪڏهن به علي ع کان اهڙي ڪابه شي ناهي گهري جيڪا علي ﻉ کي رنج ۽ تڪليف ۾ وجهي. حضرت زهرا س جو پنهنجي شوهر علي ﻉ سان ايڏو پيار ۽ محبت هو جو هڪ ڏينهن بيبي روئن ٿيون ته مولا علت پڇا ڪئي، بيبي جن فرمائن ٿيون اي منهنجا آقا مان پنهنجي مرڻ کان پوءِ تنهنجي باري ۾ سوچان ٿي ته توتي ڪيڏيون مصيبتون اينديون. [24]

4_ شوهر جي فرمانبرداري ۽ ان جي عزت جي حفاظت ڪرڻ

 جڏهن حضرت زهرا س بستر جي بيماري تي هئي ۽ پهريون ۽ ٻيو خليفو بيبي جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ آيا ته حضرت اجازت نه ڏني، وري انهن حضرت علي ﻉ کي وسيلو بڻايو، حضرت زهرا س کي جڏهن مولاي ڪائنات فرمايو: بيبي هنن کي اجازت ڏيو ته بيبي فرمائي ٿي: اي منهنجا آقا هيءُ گهر توهان جو آهي ۽ مان توهان جي ڪنيز آهيان.[25]

5_ شريڪ حيات جي روحي تقاضائن جو خيال ڪرڻ

 زال ۽ مڙس جي درميان هڪ مهم شي جيڪا انهن جي رابطي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي، اها هڪٻئي جي روح کي سمجهڻ آهي، ۽ مهم شي جيڪا محبت کي آڻي ٿي اها معرفت ۽ سڃاڻپ آهي زال مڙس کي ۽ مڙس زال کي صحيح طريقي سان سڃاڻي، حضرت زهرا س به پنهنجي همسر کي روحي اعتبار سان سڃاڻن پيا. هڪ ڏينهن مولا جو ڪو صحابي مولا جي پويان رات جي ٽائم نڪتو، ڏٺائين ته علي ﻉ هڪ جڳهه تي عبادت ۾ مصروف ٿي ويا ايتري قدر جو بيهوش ٿي ويا اهو شخص جلدي حضرت جي گهر اچي ڪري ٻڌائي ٿو مولا ظاهرا هن دنيا ۾ ناهن رهيا، ان وقت سيده جيڪا مولا جي روحي اعتبار کان واقف هئي فرمائن ٿيون: ته علي مولا خدا جي خوف ۾ بيهوش ٿي ويا هوندا اها علي ﻉ جي هڪ ڏينهن جي ڳالهه ناهي.[26]

6_توان ۽ قدرت ۾نه هجڻ واري شيءَ جي گهرڻ کان پرهيز ڪرڻ

مشترڪ زندگي ۾ انسان هڪٻئي جي روح ۽ روان کان واقف هجي، حضرت علي ﻉ جيتوڻيڪ هڪ انسان ڪامل آهي ان جي باوجود گهر جي اقتصادي ذميداري مولا تي آهي، ان جي باوجود ڪڏهن به حضرت زهرا س مولاي ڪائنات کان اهڙي شيءِ جي گُهر ناهي ڪئي جيڪا مولا جي توان ۽ قدرت ۾ نه هجي، ڇو جو جنهن انسان وٽ ڪابه شيءَ موجود نه هجي اگر ان جا گهر وارا ان شيءَ جي ان کان تقاضا ڪندا ته ان شخص جي روح کي صدمو پهچندو.

 نتيجو:

 سيده زهرا س جي رهڻي ڪھڻي پنهنجي خاندان سان، مسلمان عورتن جي لاءِ هڪ نمونو ۽ آئيڊيل آهي جنهن جي زندگي جي طرف ڏسي ڪري اسان به پنهنجي زندگي کي انهن جي ڪيل زندگي وانگر گذاريو، سيده اها شخصيت آهي جنهن جو بابا رسول خدا ص آهن جيڪو خود هڪ نمونه عمل آهن ۽ انهن جي والده گرامي حضرت خديجه به مسلمان عورتن جي لاءِ نمونو آهي، هن مقالي ۾ فقط حضرت زهرا س جي پنهنجي همسر جي انتخاب جا اصول، معيار ۽ طريقيڪار کي بيان ڪيو ويو آهي ته سيده جو پنهنجي شوهر سان اٿڻ ويهڻ جو طريقيڪار ڪهڙو هو، تاڪي اسان مسلمانن جون عورتون به پنهنجي زدگي کي سيده جي زندگي وانگر گذاري سگهن.


[1] _ علي اڪبر، دهخدا، فرهنگ دهخدا، ج 1، ص 221 .

[2] _ دهخدا، ساڳيو، شهاب الدين ارجمندي، فرهنگ معين، ج 1، ص 574 .

[3] _ محقق ارزگاني، قربانعلي؛ فاطمه الزهرا س الگوي بي همتا، انتشارات وحدت، چاپ پهريون، قم، 1384 ش.

[4] _ ستوده، غلام رضا، فرهنگ معين، ص 471.

[5] _ بهشتي، احمد، خانواده در قرآن، ص 32.

[6]  _ ارجمندي، شهاب الدين، فرهنگ معين، ج 1، ص 298 .

[7] _ مجلسي، محمد باقر، بحارالانوار، ج 68، ص 382.

[8] _ ابن بابويه، محمد بن علي، ‏امالي الصدوق، ناشر: ڪتابچي ، ص 104. تهران‏، سال : 1376 ش‏.  

[9] _ طبري آملي صغير، محمد بن جرير بن رستم‏, دلائل الإمامة، ص 106، ناشر: بعثت‏، ايران؛ قم‏، سال 1413 ق.

[10] _ طوسي، محمد بن الحسن‏، الغيبة، ص 286، ناشر: دار المعارف الإسلامية، ايران؛ قم‏، سال 1411 ق‏.

[11] _ ابن بابويه، محمد بن علي‏، من لا يحضره الفقيه‏، ج 3، ص 393، دفتر انتشارات اسلامي قم‏، سال 1413 ق‏.

[12] _ سوره نور، آيه 26.

[13] _ ڪليني، محمد بن يعقوب، الڪافي، ج 5، ص 332، ناشر: دار الڪتب الإسلامية، تهران‏، سال 1407 ق‏.

[14] _ ڪافي، ڪليني، محمد بن يعقوب، ج 5، ص 347 .

[15] _ ڪافي، ساڳيو، ج 5، ص 324.

[16] _ ڪافي، ساڳيو، ج 5، ص 563 .

[17] _ ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه، ترجمه مرحوم محمد دشتي،  ص 95 .

[18] _ بحار الانوار، ج 43، ص 150.

[19] _ بحار الانوار، ج 43، ص 98 .

[20] _ عذرا انصاري، جلوه هاي رفتاري حضرت زهرا س، ص 14. 

[21] _ مستقيمي، مهديه سادات، آرمان پذيري خانواده در مڪتب فاطمي، ص 109.

[22] _ وسائل الشيعه، حرّ عاملي، ج 43، ص 192 .

[23] _ مجلسي، محمد باقر، ج 43، ص 192 .

[24] _ علي رفيعي، در آمدي بر سيره ي فاطمي، ص 125.

[25] _ ذبيح الله محلاتي، رياحين الشريعه، ترجمه بانوان دانشمندان شيعه، ص 50.

[26] _ مجلسي، محمد باقر، ج 43، ص 109.