حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها حضرت امام مهدي عليه السلام جي لاءِ اسوه حسنه
2025/02/23ليکڪ: محمود علي معصومي
حضرت بي بي فاطمه زهرا سلام الله عليها تخليق ۾ ھڪ عورت جي ناتي سان اھا واحد ۽ اڪيلي شخصيت آھي جنهن کي معصومين عليم السلام سندس درجي ۽ عالي مقام خاطر پنهنجي لاءِ اسوہ حسنه قرار ڏنو آھي ۽قا حضرت امام العصر (عج) انهن شخصيتن منجھان آھن جن سائڻ بتول کي پنهنجو پيشوا ۽ مقتدا سمجھندي سائڻ کي پنهنجي لاءِ اسوہ حسنه قرار ڏنو آھي ان بابت حضرت امام العصر (عج) کان ھڪ خاص روايت نقل ٿيل آھي جنهن جو مضمون ھي ته فاطمه زهرا (ع) منهنجي لاءِ اسوہ حسنه آھي اسان ان روايت بابت ڪجھ عوارض ۽ مطالب پيش ڪنداسون.: قال الامام المهدی (عجل الله تعالی فرجه الشریف)”اِنَّ لی فی ابنة رسولِ الله اُسوةٌ حَسَنَةٌ“ (الغیبه، للطوسی؛ ص 286)
حضرت امام مھدي (عج) جن فرمائن ٿا ته بيشڪ منهنجي لاءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻيءَ ۾ اسوہ حسنه آھي .
سوال : لفظ اسوہ جي معني ڇا آھي ؟
جواب: ان حديث شريف کي بهتر سمجھڻ خاطر اسوہ جي معني کي بيان ڪرڻ ضروري آھي. لفظ اسوہ جي لغوي معنائون ھن طرح آھن.
(۱) لفظ اسوہ لغت ۾ پيشوا ۽ سرمشق ۽ مقتدا جي معني ۾ آھي، لسانالعرب، ج۱، ص۱۴۷، «اسا».
(۲) جيڪو پيشوا جي لائق ھجي ان جي ھڪ خاص ۽ نيڪ خصلت ۾ اقتدا ڪرڻ جو نالو اسوہ آھي. (لغت نامه، ج۲، ص۲۱۹۶، «اسوه».)
(۳) ھڪ انسان جي پيروي ڪرڻ چاھي نيڪ خصلت ۾ چاھي بري ۽ بڇڙي خصلت ۾ .(المفردات، ص۷۶، «اسا»)
سوال : ھڪ انسان کي پنهنجي لاءِ اسوہ ۽ پيشوا سمجھڻ جا اسباب ۽ علتون ڪھڙيون آھن ؟
جواب : ڪنهن کي پنهنجو پيشوا سمجھڻ جون مختلف علتون ۽ اسباب آھن .
(۱) انسان جي زندگي اول کان وٺي آخر تائين ڏکن ۽ سختين سان ڀرپور ھوندي آھي اھڙين سختين کي آرام ڏيڻ خاطر انسان ھڪ راھنما ۽ مقتدا جي ضرورت ھوندي آھي ته جيئين سختين منجھ ان پيشوا جي اقتدا ڪندي پاڻ کي سڪون ڏئي سگھي.
(۲) انسان جي اھا خصلت رھي آھي ته تاثيرگذار ماڻھن کان اثر کي قبول ڪندو آھي ۽ اھڙن ماڻھن کان متاثر ٿيندي انهن کي پنهنجو پيشوا قرار ڏيندو آھي.
سوال :روايت شريف ۾ (في ابنة رسول) ذڪر ٿيل آھي ڇو امام عليه السلام روايت ۾ (في امي فاطمة اسوة حسنة) نه فرمايو ؟
جواب : روايت ۾ في ابنة رسول الله چئي ڪري ھڪ خاص نڪتي جي طرف اشارو ڪيو آھي اھو ھي ته حضرت امام زمان ثابت ڪرڻ چاھين ٿا حضرت فاطمة (ع) ماءُ ۽ امڙجي ڪري منهنجي لاءِ اسوہ ناھي بلڪي رسول الله جي نياڻي چئي ڪري اھو ثابت ڪيو ته بي بي فاطمہ جو اسوہ ھجڻ بعينه رسول الله جي اسوہ ھجڻ جي برابر آھي ڇو ته فاطمہ رسول الله جي وجود جو ادامو آھي ۽ فاطمہ (ع) رسولِ خدا جي دل جو ٽڪڙو آھي رسول الله جي اسوہ ھجڻ ۽ فاطمہ (ع) جي اسوہ ھجڻ ۾ ڪوبه فرق ناھي.
سوال : ڇا ھي روايت قرآن مجيد جي مخالفت ۾ نه آھي ؟ ڇوته قرآن مجيد رسول الله کي اسوہ حسنه بڻايو آھي (لقد کان في رسول الله اسوة حسنة…احزاب آيت نمبر ۲۱) ۽ جڏھن ته ھن روايت ۾ حضرت فاطمة (ع) کي اسوہ حسنه چيو ويو آھي.
جواب : اولاً: فقط حضرت امام زمان (عج) جن سائڻ بتول جن کي اسوہ حسنه قرار ناھي ڏنو بلڪي امام حسن عسڪري (ع) جي روايت (قال الامام العسكري عليه السّلام قال:نحن حجج اللّه علی خلقه، و جدّتنا فاطمة حجة اللّه علینا عوالم العلوم : ج۱۱ ص۱۰۳۰) مطابق حضرت فاطمة الزهراء (ع) سڀني امامن تي حجت آھي لذا سائڻ جي اتباع اڀني امامن تي واجب آھي.
ثانيا: قرآن مجيد فقط رسول الله کي اسوہ حسنه ناھي چيو بلڪي سورہ ممتحنه ايت نمبر ۶ (قد کانت لکم اسوة حسنة فی ابراهیم والذین معه…) حضرت ابراھيم ۽ سندس پوئلڳن کي پڻ اسوہ حسنه چيو آھي ان آيت منجھان معلوم ٿئي ٿو ته اسوہ حسنه ھجڻ رسولِ خدا جي ذات سان منحصر ناھي بلڪي ٻيا نيڪ ماڻھو بي اسوہ ٿي سگھن ٿا.
ٽالثا: جيئن اسان ذڪر ڪري آياسين ته رسول الله ۽ حضرت فاطمہ (ع) جي اسوہ ھجڻ ۾ ڪوبه فرق ناھي حضرت فاطمة الزهراء پاڻ سڳورن جي شبيھ آھي ۽ سندن دل جو ٽڪڙو آھن حضرت فاطمة الزهراء بعينه رسول الله وانگر اسوہ حسنه آھي. انهن ٻنهين ھستين ۾ اسوہ جي لحاظ کان ڪوبه فرق ناھي..
سوال : ھن روايت (ان لي في ابنة رسول الله اسوة حسنة) ۾ حرف (في) ڇو آيو آھي ؟جڏھن ته ان لي ابنة رسول الله اسوة حسنة به چئي سگھجي پيو؟
جواب :اولاً:ھن راويت ۾ متن جي اعتبار کان قرآن مجيد سان مطابقت ڪئي وئي آھي قرآن ۾ پڻ رسول الله کي اسوہ حسنه چوڻ وقت لفظ (في) جو ذڪر ڪيو آھي (لقد کان في رسول الله اسوة حسنة)
ثانيا: حرف (في) جو فلسفو قرآن مجيد ۽ روايت ۾ ھي آھي ته حرف(في) جي ذريعي اشارو آھي ته اوھين خاص صفتن ۾ رسول الله ۽ حضرت فاطمة الزهراء کي پنهنجو پيشوا ۽ اسوہ حسنه بڻائي سگھوٿا ڇوته رسول الله منجھ ڪجھ اھڙيون خصوصيتون آھن جن تائين اسان جي رسائي نٿي ٿي سگھي مثلا عصمت ۽ نبوت ۽ ۹ گھرين جو ھجڻ ۽ رسول الله جي لاءِ نماز تهجد جو واجب ھجڻ غيرہ نبوت ۾ اسان رسولِ خدا
کي اسوہ نٿا ڪري سگھون ڇوته اسان نبي نٿا ٿي سگھون ۽ عصمت وغيرہ ۾ به اسان رسول وانگر معصوم نٿا ٿي سگھون اھڙي طرح سائڻ فاطمہ به اھڙن عالي مقامات تي فائض آھن جو اتي ڪو پھچي نٿو سگھي ان ڪري لفظ (في) آڻي ڪري سمجھايو ويو آھي ته انسانيت ۾ اھاقدرت ناھي جو سائڻ بتول جي عالي درجات تائين پھچي سگھي لذا حرف (في) آڻيندي ان طرف اشارو ڪيو ويو آھي ته انسانيت ۽ بشريت ڪنهن خاص صفتن ۾ سائڻ کي اسوہ بڻائي سگھي ٿي۽ مطلق اسوہ بڻائڻ انسانيت جي بس ۽ وس کان ٻاھر آھي .
اھم ترين سوال: ھن روايت (ان لي في ابنة رسول الله اسوة حسنة) مطابق سائڻ زهرا (ع) ڪھڙين شين۾ حضرت صاحب آلزمان (عج) جي لاءِ اسوہ حسنه آھي ؟
جواب :حضرت امام الزمان (عج) خود پاڻ اسم اعظم خداوندي ۽ عصمت جا مالڪ ۽ خاتم الاوصياء آھن ليڪن ان ھوندي حضرت فاطمة الزهراء (ع) کي پنهنجي لاءِ اسوہ حسنه ٿاسمجھن ھتي سوال ھي آھي ته اھي ڪڙيون شيون آھن جن ۾ امام زمان (عج) سائڻ بتول کي پنهنجو اسوہ ٿا سمجھن ان سوال جا مختلف جواب آھن انهن منجھان ڪجھ مختصر جواب عرض ڪجن ٿا.
پھريون جواب: حضرت فاطمة الزهراء عليها السلام پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ ايترين سختين جي باوجود جو سندن گھر کي باھ ڏني وئي ۽ سائڻ جي ٻچڙي کي قتل ڪيو ويو ۽ سائڻ جي گھرتي حد اقل ۴۰ ماڻھن حملو ڪيو ۽ سائڻ کي تمام گھڻو ماريو ويو ليڪن جي باوجود وقت جي ظالم سان بيعت نه ڪيائون اھڙي طرح حضرت صاحب آلزمان (عج) سائڻ بتول کي پنهنجي لاءِ اسوہ بڻائيندي ڪنهن ظالم ۽ فاجر جي بيعت نه ڪندا.
ٻيو جواب: ايترين سختين جي باوجود حضرت فاطمة الزهراء عليها السلام امت اسلامي لاءِ بد دعا نه ڪئي بلڪي امت جي ھدايت لاءِ دعائون ڪنديون رھيون حضرت صاحب آلزمان (عج) پڻ ان خصلت ۾ سائڻ بتول جي اقتدا ڪندي ھزارين سال ٿي چڪا آھن ۽ اڪثر ماڻھن ته امام صاحب آلزمان عج جي وجود جو ئي انڪار ڪري ڇڏيو آھي ۽ مختلف چينلن تي ۽ جلسن ۽ انٽرنيٽ ۾ مولا صاحب آلزمان عج جي توھين ڪئي وڃي ٿي جيترا صاحب آلزمان عج کي ڏک ڏنا ويا آھن ايترو ڪنهن ٻئي امام کي ناھي ستايو ويو ليڪن ان جي باوجود ڪڏھن به سائڻ بتول وانگرسندن اقتدا ڪندي انسانيت ۽ خصوصا امت اسلامي خلاف بد دعا ناھي ڪئي بلڪي امت لاء خير جي دعا ڪندا رھن ٿا امام زمان (عج) جي دعا جي ڪري امت مسلمہ جو وجود باقي آھي ۽ دشمنان اسلام جي شر کان محفوظ آھي.
ٽيون جواب: سائڻ بتول پنهنجي حق کي ثابت ڪرڻ ياوٺڻ خاطر ڪڏھن به اسباب غير عادي يعني معجزي يا ڪرامت جو سھارو نه ورتو ۽ يقيناً اگر ڪرامت ڏيکارين ھان ته امت کي ساڪت ۽ چپ ڪرائي سگھن پيون ليڪن ائين نه ڪيائون اھڙي طرح امام زمان عج پڻ سائڻ بتول جي اقتدا ڪندا امت اسلامي ۽ انسانيت کي بيدار ڪرڻ خاطر ڪنهن ڪرامت ۽ معجزي جو سھارو ناھي ورتو بلڪي امت پاڻ بغير ڪنهن ڪرامت ۽ معجزي ڏسڻ جي امام حق کي سڃاڻين ۽ سندس اتباع ڪن. ٻيا به ڪيترائي جواب آھن ليڪن اختصار کي مدنظر رکندي انهن مذڪرہ جوابن تي اڪتفا ڪئي آھي .
