جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

رهبر معظم جي زندگي جا ڪجھ نمونا

فونٽ جو اندازو :
2025/06/10

سنڌيڪار: مولانا اسد رضا چانڊيو

مقدمو

حضرت آيت الله محمد يزدي جي گفتگو جو اهو حصو جيڪو رهبر معظم جي علمي ۽ فقهي خاصيتن تي مشتمل آهي قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪيون ٿا، اها ڳالھ بيان ڪرڻ به ضروري آهي ته آيت الله يزدي، امام خميني رحمه الله عليه جي انقلاب جي پهرئين ساٿين منجھان هيو ۽ انقلاب جي ڪاميابي کانپوءِ امام خميني رحمه الله عليه جيستائين قم ۾ هيا آيت الله يزدي جي گھر ۾ ئي ترسي لهيا، ۽ حضرت آيت الله صافي گلپائيگاني جي استعفى کانپوءِ امام خميني رحمه الله عليه جي طرفان گارڊين ڪائونسل جا ميمبر بڻيا  ۽ هن مهل ان ڪائونسل جي فقيھن  ۽ جامعه مدرسين حوزه علميه قم جا سيڪريٽري جنرل (دبير)  ۽ مجلس خبرگان رهبري جا سربراھ آهن سائين وٽ ٻين اهم عهدن جيئن قوه قضائيه جي سربراهي (چيفجسٽس) وغيرھ تي به فائز رهيو آهي.

آيت الله يزدي جي بارگاھ ۾ آهيون جنهن هن گفتگو کي قبول ڪيو، تنهن تي سندس ٿورائتا آهيون.

سائين توهان جي وڏي مهرباني جواسان جي هن گفتگو کي قبول ڪيو …

آيت الله محمد يزدي فرمايو: رهبر معظم انقلاب، تمام گهڻو مهربان، رئوف ۽ سماجي سوچ رکندڙ هيو ۽ آهي، ۽ منهنجي ابتڙ جو منهنجو حافظو ڀلو ناهي، هو تمام گھڻو ذهين ۽ قوي حافظو رکندڙ آهي. بندو  اساسي قانون (آئين) کي ٻيهر چڪاسڻ دوران سائين جي فضل، عمومي معلومات  ۽ انقلابي جذبي کان وڌيڪ آگاھ ٿيو هيس.

نوجوانن سان شفقت واري سلوڪ ذريعي رابطو بحال ڪرڻ

مشهد جا اهي نمازي جيڪي ان دور ۾ هئا ڄاڻن ٿا ته جنهن مسجد ۾ مان نماز پڙهندو هيم اها مسجد هميشه ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي. جن منجهان اڪثر نمازي، نوجوان هوندا هئا منهنجو مقصد به نوجوانن سان شفقت واري سلوڪ ذريعي انهن سان رابطو بحال ڪرڻ هيو.

هڪ ڏينهن هڪ نئين زماني جو نوجوان جنهن کي ابتي قميص پاتل هئي. جماعت جي پهرئين صف ۾ اچي ويٺو، تمام نمازي ان نوجوان ڏانهن اعتراض ڀريل نظرن سان نهارڻ لڳا. محترم حاجي بازاري هن نوجوان جي ڪن ۾ ڪجهه چيو جنهن سان اهو نوجوان ڪومائجي ويو.

مان سمجهي ويم ته حاجي هن نوجوان کي چيو هوندو ته هن حلئي سان جماعت جي پهرئين صف ۾ ويهڻ مناسب ناهي! مون کيس چيو: تون جماعت جي پهرئين صف لاءِ صفا مناسب آهين تون هتي ويهي نماز پڙهه. هن کان پوءِ مون حاجي کي چيو هن نوجوان کي پوئتي وڃڻ جو ڇو ٿو چئين؟ سڀن ماڻهن کي سمجهڻ گھرجي ته هن لباس سان نه صرف نماز جماعت جي پهرئين صف ۾ شرڪت جائز آهي بلڪه هن لباس سان هي نوجوان اسان کي نماز جماعت به پڙهائي سگھي ٿو.

(رهبر معظم انقلاب حضرت آيت الله خامنه اي)

شهيدن جي خاندان سان شفقت واري سلوڪ ذريعي رابطو بحال ڪرڻ

رهبر معظم مدظله العالي جنهن موقعي تي مشهد ۾ شهيدن جي خاندان سان ملاقات لاءِ آيا هڪ ڏينهن اهڙي خاندان کي آٿت ڏئي رهيا هئا جنهن جا چار پٽ شهيد ٿيا هئا. انهن شهيدن جا فوٽو آندا ويا انهن کي ڏسڻ کان پوءِ رهبر معظم مدظله العالي سڀني خاندان وارن جا نالا پڇيا، نالا معلوم ڪرڻ کان پوءِ سائين انهن سڀن کي  تحفا ڏيڻ لاءِ کين لقبن سان سڏي رهيا هئا. آخر ۾ شهيدن جي پيءُ ماءُ کي تحفو ڏنائون ايتري ۾ شهيدن جو هڪ ڀاءُ آيو جيڪو پاڻ به جانباز هيو هن اچڻ سان سائين جا هٿ چميا ۽ سائين سان ملاقات جي شوق ۾ روئڻ شروع ڪيو. رهبر معظم مدظله العالي ان کي آٿت ڏيڻ لڳا. شهيد جي پيءُ چيو: سائين ان جي گھرواريءَ لاءِ دعا گهرندا ڇو جو هو بيمار آهي ۽ ڊاڪٽرن علاج لاءِ تمام گھڻا پئسا گھريا آهن. رهبر معظم مدظله العالي فرمايو: پريشان نه ٿيو جيڪڏهن الله چاهيو ته سڀ پريشانيون حل ٿي وينديون. ٻئي ڏينهن ان جي گھروارِي کي رهبر معظم مدظله العالي جي حڪم تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ سمورو علاج مفت ۾ ڪيو ويو.

آخر ۾ سائين سموري خاندان کي انهن جي نالي سان سڏي رهيا هئا انهن کي مٺائي ڏئي رهيا هئا ۽ ٻارن کي پنهنجي هٿن سان مٺائي کارائي رهيا هئا.

(آقاي مجتبي سادات فاطمي مشهد)

معاشري جي حقيقتن کان باخبر هجڻ

رهبر معظم مدظله العالي مهانگائي بابت ملڪ جي وڏن عهديدارن کان سوال ڪري رهيا هئا. انهن جو چوڻ هيو سائين توهان وٽ صحيح خبرون نه ٿيون پهچن. رهبر معظماطمينان سان جواب ڏنو: مان ٻئي ڪنهن کان ناهي ٻڌو هي ٻين جو چوڻ ناهي، معاشري سان منهنجي پنهنجي اٿ ويهه آهي منهنجي گھر وارا پنهنجي روزاني ضرورت واريون شيون وٺڻ پاڻ بازار ويندا آهن ۽ انهن مسئلن ۾ مبتلا ٿيندا آهن.

(آقاي حسين صفار هرندي)

ارڙهن( 18)  ذريعن سان مون تائين خبرون پهچن ٿيون

هڪ ڏينهن مان رهبر معظم مدظله العالي جي بارگاه ۾ هيم، هڪ عالم اچي سائين کي چوڻ لڳو هي ڪهڙو طريقو آهي؟ هي صحيح ناهي غريبن ۽ مسڪينن تائين مدد نه ٿي پهچي. سائين جن فرمايو: توهان جو ڇا مشورو آهي؟ هن جواب ڏنو منهنجو مشورو هي آهي ته هر جڳھ تي شڪايت واريون پيتيون رکڻ گھرجن. سائين پنهنجي مٿي مبارڪ تي هٿ هڻي چيو مون کي هن ملڪ هلائڻ جو ويهن سالن کان تجربو آهي مون کي خبر آهي هي طريقو مشڪلن جو حل ناهي پوءِ جيڪي هن  شخص پنهنجي شهر ۽ علائقي جون مشڪلاتون ٻڌايون سائين انهن مشڪلاتن جي باري ۾ پنهنجي معلومات ٻڌائي ته اهو شخص حيران ٿي ويو ته رهبر معظمکي ايتري معلومات ڪٿان ملي؟ پوءِ سائين فرمايو مونکي 18 ذريعن سان خبرون ملن ٿيون مون وٽ اهڙيون خبرون به آهن جن کان دفتر وارا به اڻڄاڻ آهن.

(حجة الاسلام و المسلمين ڪعبي رڪن مجلس خبرگان رهبري)

علم حاصل ڪرڻ تي تاڪيد ڪرڻ

اسان پنهنجي ڌي جي نڪاح لاءِ رهبر معظمجي بارگاه ۾ پهتا سين. نڪاح کان پهريان رهبر معظمگھوٽ ۽ ڪنوار کي وڏي محبت ۽ شفقت سان ڪجهه نصيحتون ڪيون ۽ نڪاح کان پوءِ گھوٽ جي پيءُ عرض ڪيو: سائين اجازت هجي ته گھوٽ، امام زمانه عليه السلام جي شان ۾ قصيدو پڙهي؟ سائين فرمايو: ڪجهه ٽائيم گھوٽ، امام زمانه عليه السلام جي شان ۾ قصيدو پڙهي. سائين جن قصيدو پڙهڻ تي گهوٽ جي ساراھ ڪئي. سائين لاريجاني به اتي موجود هيو جيڪو ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي اداري جو سربراهه هيو ان مذاق ۾ گھوٽ کي چيو توهان تمام سريلا آهيو توهان کي دعوت ڏيون ٿا ته ريڊئي ۽ ٽيليويزن تي اچي قصيدا پڙهو. ايتري ۾ رهبر معظم، لاريجاني کي چتائي ڏسي چوڻ لڳا: اسان جي شاگرد کي اسان کان پري نه ڪر! پوءِ گھوٽ ڏي ڏسي فرمايائون: منهنجا پيارا پٽ محنت سان علم پراءِ ائين نه ٿئي جو ڪنهن جي چوڻ تي علم کي ڇڏي سُر جي چڪر ۾ پوين!

هي منهنجي لاءِ تمام گھڻو ڌيان جوڳو نڪتو هئو. ممڪن آهي هڪ ننڍڙي مذاق ڪنهن جو رستو مٽائي ڇڏي ان ڪري رهبر معظم مدظله العالي گھوٽ کي نصيحت ڪئي ته هينئر سڀن کان ضروري تنهنجو علم پرائڻ آهي صرف علم پرائڻ تي ڌيان ڌر.

(حجة الاسلام و المسلمين ڊاڪٽر آقاي تهراني موسسه آموزشي و پزوهشي امام خميني رحمة الله جي علمي ڪاميٽي جو رڪن)

حڪومت ۽ رهبر معظم جي ڪلام جو اثر

هڪ ڀيري عرب بادشاهه عبدالله، رهبر معظم سان ملڻ آيو ته سائين ان کي حڪم ڏيندي فرمايو: منى کي ٺهرايو ٻئي صورت ۾ اسان پنهنجا انجنيئر موڪلي منى کي ٺهرائيند اسين. امير عبدالله اکين تي هٿ رکي چيو: سيد توهان جو فرمان اکين تي. اڳئين سال مون کي حج جو شرف نصيب ٿيو ته مان ڏٺو منى تي نئون ڪم ٿيل آهي ۽ حاجين لاءِ گھڻيون نيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

(حجة الاسلام و المسلمين ڪاشانيگھروارن منجهان تهران)

جيڪڏهن شهيد نه هجن ها…

رهبر معظم کي هڪ مخصوص ٽائيم تي عالمن منجهان هڪ عالم جي گھر پهچڻو هيو سائين مقرر ٽائيم کان پندرھ منٽ دير سان پهتا هن عالم اشارن اشارن سان سائين کي سمجهايو ته توهان دير ڪئي آهي. سائين فرمايو: ها مان هڪ شهيد جي گھروارن سان ملڻ ويو هيم، جيڪڏهن هڪ گهٽي ۾ ڪجهه شهيدن جا گھر هوندا آهن اسان سڀن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا آهيون جنهن گهٽي ۾ اسان ويا سين اتي اسان جي اندازي مطابق شهيدن جا ٻه گھر هئا جڏهن ويا سين ته خبر پئي شهيدن جا ڪجهه ٻيا گھر به آهن جن سان ملاقات ۾ دير ٿي وئي. اهو شخص پوءِ به ڳالھ کي نه سمجهيو ۽ چوڻ لڳو اهي ڪم ماڻهن جي دلين ۾ جڳھ ڪرڻ لاءِ سٺا آهن يعني توهان اهي ڪم ماڻهن جي دلين ۾ جڳھ ڪرڻ لاءِ انجام ڏيو ٿا. رهبر معظمتيز آواز ۾ فرمايو: توکي جيڪو وڻي ان ڪم کي اهو نالو ڏي پر اي فلاڻا شخص جيڪڏهن اهي شهيدن جا خاندان نه هجن ها ۽ اها پاڪ رت نه هجي ها ته مون حقير جي مٿي تي  ۽ تنهنجي مٿي تي عمامو نه هجي ها.

(حجة الاسلام و المسلمين ڪاشاني گھروارن منجهان تهران)

سٺو نمونو

انقلاب کان پهريان رمضان جي مبارڪ مهيني جي هڪ رات حضرت آيت الله خامنه اي جي سامهون هڪ قرآني محفل جاري هئي جنهن ۾ ماڻهن جي تمام گھڻي تعداد شرڪت ڪئي. سائين سعيد طوسي جيڪو ان وقت ننڍو ٻار هو ان قرآن جي ڪجهه آيتن جي تلاوت جو شرف حاصل ڪيو. سائين ان ٻار کي سڏ ڪيو ۽ پنهنجي هٿن تي کڻي تمام ماڻهن کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو: هن ٻار کي ڏسو ڪيئن نه سهڻي انداز ۾ تلاوت ڪري رهيو هو هن ٻار کان قرآن پڙهڻ سکو بعد ۾ سائين ڪجهه رقم انعام طور سعيد طوسي کي ڏني.

(آقاي سيد مرتضي سادات فاطمي استاد قرآن مشهد)

سٺي تربيت

فوجي آپريشن بدر ۾ مان رهبر معظمجي فرزند سائين مصطفي کي سدائين اڳئين صف ۾ بسيجيان عارف سان گڏ ڏٺو. دفاع مقدس جي اٺن سالن ۾ اهو ڪيترا ئي ڀيرا لشڪر سيدالشهداء عليه السلام ۽ لشڪر محمد رسول الله صلى الله عليه وآله وسلّم ۾ نظر آيو. ميدان جنگ ۾ سائين جي پٽن جي دليري رهبر معظم مدظله العالي جي عزم ۽ سٺي تربيت جي نشاني آهي.

(سردار لشڪر سيد يحيي صفوي فرمانده ڪل سپاه)

ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪرڻ

جڏهن ايرانشهر ۾ ٻوڏ آئي، گھڻن ئي ماڻهن جا گھر ڊهي ويا. اسان ڪرمان جي رستي ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪرڻ لاء ايرانشهر ويا سين. جڏهن اتي پهتا سين ته اسان سوال ڪيو توهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ شهر واسين جواب ڏنو اهو سيد جيڪو پاڻي جي وچ ۾ آهي. جڏهن اسان ويجهو ويا سين ته ڏٺو سين مرشد سائين (حضرت آيت الله خامنه اي مدظله العالي) نظر آيا. سائين شلوار جي پاچن کي مٿي ڪيو (جيئن انهن کي پاڻي نه لڳي) هڪ ٻاچڪو ڪلهي تي کنيون ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن. اسان سلام دعا بعد عرض ڪيو: سائين ڪهڙين شين جي ضرورت آهي؟ سائين جواب ڏنو هر شي کپي پر هاڻي نقدي امداد بهتر آهي اسان جلدي رفسنجان آيا سين ۽ مسجد ۾ پئسا گڏ ڪيا سين وري حضرت آيت الله خامنه اي  جي خدمت ۾ ايرانشهر پهتاسين سائين فرمايو: هاڻي حالات بهتر آهن اسان گڏ ٿي ويٺا سين جيئن فيصلو ڪري سگھون ته انهن پئسن جو ڇا ڪيو وڃي؟ ڪهڙو ڪم ڪجي جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن کي وڌ مان وڌ فائدو رسي؟ هر ڪنهن پنهنجي صلاح ڏني آخر ۾ سائين جن فرمايو: منهنجي خيال ۾ هر ٻوڏ ستايل خاندان کي هڪ پاڪستاني رڍ جيڪا گھڻو کير ڏيندي آهي ۽ گھڻا ڦر ڏيندي آهي ڏني وڃي ته جيئن ٻوڏ متاثر رڍ جي کير، گوشت، کل ۽ ڦرن مان فائدو وٺن. هي اهو سٺو ڪم هيو جيڪو ٻوڏ متاثرن لاءِ انجام ڏنو ويو.

تنقيد کي قبول ڪرڻ

ايران جي گادي جي هنڌ تهران منجهان زينب نالي هڪ 17 سالن جي ڇوڪري، رهبر معظم ڏانهن هڪ خط لکيو ۽ ان ۾ لکيائين ته رمضان المبارڪ جي آخري جمعي واري ڏينهن هڪ شخص توهان جي خطبي دوران اٿي بيٺو جيئن ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيندو هجي پر توهان جهڻڪ ڏيندي هزارن ماڻهن جي نظرن سامهون ان جي دل ٽوڙي. رهبر معظمان جي دل صاف ڪرڻ لاءِ جواب ۾ ائين لکيو: منهنجي پياري ڌي توهان جي ياد ڏيارڻ تي مان خوشحال ۽ توهان جو ٿورائتو آهيان اميد آهي الله سائين اسان سڀن جون ننڍيون وڏيون غلطيون (جيتوڻيڪ غلطيون ننڍڙيون ناهن هونديون) معاف ڪري مان ڪو عذر پيش نه ڪندم ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائڻ واري کي پنهنجي لهجي جي تلخي جو اندازو ناهي ٿيندو ان لاءِ اسان سڀن کي دعا ڪرڻ گھرجي ته الله سائين اسان جي اصلاح ڪري جيڪڏهن ممڪن هجي ڪنهن ذريعي ياد ڏيارائي. الله سائين کان توهان جي توفيقات جي اضافي جا دعاڳو آهيون.

(انجنئير مقدم گھر جي ڀاتين منجھان ـ تهران)

ورزش تي توجهه

مان ننڍپڻ ۽ پنهنجي نوجواني جي دور ۾ ٻارن سان گهٽي ۾ واليبال راند ڪندو هيم مونکي واليبال تمام گھڻو پسند هيو ۽ هاڻي به جڏهن ورزش ڪرڻ چاهيندو آهيان پنهنجي ٻارن سان واليبال راند ڪندو آهيان هن سان ڏاڍي سٺي ورزش ٿيندي آهي.

(رهبر معظم انقلاب، حضرت امام خامنه‌اي)

اي بهتر از هزار يقين اشتباه من

سال 1380 هجري شمسي رمضان مبارڪ ۾ مرڪز بنياد ملا صدرا پاران افطار جي دعوت هئي منهنجو خيال هئو افطار جي دعوت رهبر معظمپاران آهي ان ڪري مان رهبر معظم  جي گھر پهتم پر اتي ڪو دوست نه هيو مان گھر وارن کان سوال ڪيو پر انهن پنهنجي لاعلمي جو اظهار ڪيو جڏهن آذان مغرب جو ٽائم ٿيو ته ڏٺم شهيدن جا گھروارا سائين جا مهمان آهن مونکي روئڻ اچي ويو مون پاڻ کي چيو الله سائين جو شڪر آهي ته شهيدن جي گھروارن ۽ سائين سان افطار نصيب ٿئي ٿي. مان ڏٺو دعوت افطار جي شروع کان پڄاڻي تائين ٻن شهيدن جون مائرون رهبر معظمجي چهري ڏانهن ڏسنديون روئينديون رهيون. رهبر معظم  مون کي ڏسي پڇڻ لڳا ڇا ٿيو اٿئي؟ مون پوري ڳالهه عرض ڪئي. سائين هي شعر پڙهيو اي بهتر از هزار يقين اشتباه من. سائين بيت جو صرف ٻيون مصرعو پڙهيو ڇو جو پهريون مصرعو نامناسب هيو (شد منحرف ز کعبه به ميخانه ما) مان سائين جي سٺي سليقي تي تمام گھڻو مسرور ٿيم.

(حجة الاسلام والمسلمين دڪتر احمدي (تهران)

جنگي لباس جو جچڻ

مان هڪ ڏينهن رهبر معظم  جي بارگاه ۾ حاضر ٿيم. سائين فرمايو: مان جنگ دوران ميدان ۾ هميشھ جنگي لباس پائيندو هيم پر سمجهه ۾ نه ايندو هئو ته جنگي لباس بهتر آهي يا روحاني لباس؟ مان جنگي لباس پايان يا انهي روحاني (رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم واري) لباس سان ميدان جنگ ۾ شرڪت ڪريان؟

هڪ دفعو خميس جي ڏينهن نماز جمعه ۾ شرڪت لاءِ تهران آيم. مان پاڻ رپورٽ پيش ڪرڻ جماران ويم حضرت امام رحمه الله عليه دروازي ويجهو بيٺا هئا. مون جنگي لباس جا بيلٽ پئي لاٿا حضرت امام رحمه الله عليه مسڪرائيندي مون ڏي نهاري رهيا هئا. جڏهن مان ڪمري ۾ داخل ٿيم حضرت امامرحمه الله عليه جا هٿ چميم. حضرت امام رحمه الله عليه منهنجي پٺي ٺپي فرمايو: جنگي لباس اسان (عالمن) جي عرف ۾ مروت جي خلاف آهي پر تو تي جنگي لباس واھ جو ٿو ٺهي! امام رحمه الله عليه جي انهن مٺڙن لفظن سان منهنجي دل منجهان شڪ ختم ٿي ويو پوءِ مان هميشه جنگي لباس سان مسرور رهندو هيم.

(حجة الاسلام ذوالنوري فرمانده تيپ مستقل 83 امام صادق عليه السلام )

نماز ۾ خشوع ۽ خضوع لاءِ

ڪڏهن ڪڏهن حضرت آيت الله خامنه اي  اذان کان پهريان  مسجد ۾ نماز جماعت لاءِ ايندا هئا ۽ سائين فرمائيندا هئا: منهنجي لاءِ ڪجهه ماني ۽ پنير کڻي اچ. هڪ ڏينهن مون مرحوم ڪرامت (مسجد ڪرامت جي باني) کان سوال ڪيو: ماني کائڻ لاءِ سائين گھر ڇو ناهن ويندا؟ مون کان ماني ڇو گھرندا آهن؟ مرحوم ڪرامت جواب ڏنو: جيل ۾ مليل آزارن سبب سائين جي معدي ۾ تڪليف آهي ڪڏهن ڪڏهن سائين جي معدي ۾ سور ٿيندو آهي تڏهن ٿوري ماني گھرندا آهن جئين ڪجهه سڪون ملي ۽ خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهي سگهن.

(آقاي فتح عليانعضو هيئت امناي مسجد ڪرامت ـ مشهد)

بشرني السيد القائد بالاسلاممون کي سيد اسلام جي بشارت ڏني

ڪتاب الامام علي عليه السلام صوت العدالة الانسانيه جو ليکڪ مسٽر جارج جرداق لبناني جهاز ۾ سوار نه ٿي سگھندو هئو ان ڪري رهبر معظم سان ملڻ زميني رستي سان آيو. هو سفر ڪندو جڏهن اچي سائين سان مليو ته سائين جن هن جي وڏي عزت ڪئي ۽ فرمايو: تو اميرالمومنين عليه السلام تي ڪتاب لکيو آهي مان امام علي عليه السلام جي فرزند هجڻ جي حيثيت سان تنهنجو شڪر گذار آهيان جيڪو به حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي خدمت ڪندو آهي حضرت اميرالمومنين عليه السلام ان جي محنت کي ضايع ٿيڻ ناهي ڏيندو ان کي صلو ضرور ملندو آهي مون وٽ تولاءِ هڪ مشورو آهي؟ جارج جرداق چيو: سائين حڪم ڪريو. سائين فرمايو توهان جو ڪم اڌورو آهي جڏهن توهان جو ڪم پورو ٿي ويندو توهان کي اجورو ملي ويندو جيڪڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ چاهيو ٿا سيدن جي پڦي حضرت زينب سلام الله عليها  تي هڪ ڪتاب لکو مان توهان سان واعدو ڪريان ٿو ته حضرت اميرالمومنين عليه السلام توهان کي پنهنجي محنت جو صلو ضرور ڏيندو. هن به قبول ڪيو ۽ چيائين مان هن ڪم کي ضرور انجام ڏيندم پوءِ  هو وڃڻ لاءِ اٿيو. مان به ان جي زيارت لاءِ آيو هيم هن مونکي چيو: بشرني السيد القائد بالاسلام رهبر انقلاب مونکي اسلام جي بشارت ڏني آهي.

ان خدمة سيدتنا عليها السلام نتيجته هو الاسلام، صلته هوالاسلام،

سائين جيڪو فرمايو ته بغير صلي جي نه رهندين اهو صلو ۽ بشارت اسلام آهي ته مان مسلمان ٿيندم.

(حجة الاسلام والمسلمين موسوي ڪاشاني گھر ڀاتين منجھان)

قانون جي پابندي

جڏهن حضرت امام رضا عليه السلام جي مرقد جي صفائي ڪرڻ جو ٽائيم ٿيندو هيو جن شخصيتن کي صفائي جو اعزاز ملڻو هوندو هيو انهن جي هٿن ۾ خالص گلاب سان ڀِڳل اڇا رومال ڏنا ويندا هئا. رهبر معظم  ان رومال سان صفائي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي ڦيريندا هئا آخر ۾ سائين طبسي کان پڇندا هئا: ڇا مونکي اجازت آهي ته هي رومال تبرڪ طور کڻي وڃان؟ توڙي جو حضرت امام رضا عليه السلام جي مقدس روضي جي ذميداري به رهبر معظم  تي آهي پر پوءِ به آقا طبسي کان پڇا ڪرڻ جنهن وٽ هينئر حضرت امام رضا عليه السلام جي مقدس روضي جي ذميداري آهي ته جيئن انهن جي راضپي سان هي ڪم ٿئي قانون جي احترام خاطر هئو.

(حجة الاسلام محمد علي حقاني گھر ڀاتين منجھان ـ تهران)

خصوصي ڊاڪٽر يا…

هڪ ڏينهن جماران جي امام بارگاھ ۾ منبر تي ويم، رهبر معظم  جي حياتي تي ڪجهه روشني وڌم مجلس کان پوءِ هڪ شخص جيڪو پاڻ کي ڊاڪٽر پيو چوي مون ڏي آيو ۽ چيائين جيڪڏهن اجازت  هجي ته مان به سائين جي زندگي بابت ڪجهه پيش ڪريان. پوءِ هن ٻڌايو: هڪ ڏينهن مان اسپتال ۾ ويٺو هيم مريضن جي چڪاس پئي ڪيم هڪ خاتون هڪ بيمار ٻار سان گڏ نظر آئي جڏهن مان ان ٻار جي چڪاس ڪئي مون کي اهو ٻار ڪجهه ڏٺل پئي لڳو غور ڪرڻ بعد سمجهه ۾ آيو ته هن جو چهرو رهبر معظمسان شباهت ٿو رکي مون ان جي ماء کان سوال ڪيو ڇا توهان حضرت آيت الله خامنه اي سان ڪا نسبت رکو ٿا؟ خاتون چيو: ها مان ان جي گھرواري آهيان. مون کي تعجب ٿيو مون سائين جي گھرواري کان سوال ڪيو: ڇا توهان وٽ خصوصي ڊاڪٽر ناهي؟ سائين جي گھرواري جواب ڏنو: نه سائين ان ڪم جي اجازت ناهن ڏيندا سائين جو چوڻ آهي ته اسان کي به ٻين ماڻهن وانگر اسپتال اچڻ گھرجي.

جڏهن اهي ويا مان پنهنجو ڪم جاري نه رکي سگھيس پنهنجي سر کي ميز تي رکي روئڻ شروع ڪيم. مان اها ڳالهه هڪ ڊاڪٽر کان ٻڌي جنهن کي مان سڃاڻيندو آهيان ۽ ان ڳالهه بابت هڪ وڏي عالم کان به پڇيم ان به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي.

(حجة الاسلام والمسلمين آقاي احدي حوزه علميه قم جو هڪ استاد)

براين کان روڪڻ وارن جي پٺڀرائي

سال1372 ۾ منهنجي ڀاءُ شهر يزد جي ڪنهن ميدان ۾ هڪ غلط ڪم کي ٿيندو ڏٺو. هن برائي انجام ڏيڻ وارن کي برائي کان روڪيو ته برائي انجام ڏيڻ وارن منهنجي ڀاءُ کي تمام گھڻي مار ڏني جو اسپتال ۾ داخل ڪرڻو پيو ۽ مارڻ وارا ڀڄي ويا. شهر يزد جي وڏن عملدارن، مجرمن جي ڪا سڃاڻ نه ڪئي. هن واقعي کي ٻه ڏينهن گذري ويا ڪجهه وڏا عملدار اسپتال ۾ عيادت لاءِ آيا انهن يقين ڏياريو ته هو مجرمن کي پڪڙڻ ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندا. ان کان بعد اسان ڏٺو ته منهنجي ڀاءُ جي مار واري خبر جمهوري اسلامي ايران اخبار ۾ آئي جڏهن رهبر معظم  اخبار پڙهندي هن خبر تي پهتو هن خبر تي نشان هنيائين ۽ وڏن عملدارن کي جلدي هن واقعي جي جاچ جو چيائين نتيجي ۾ مجرمن کي جلد گرفتار ڪيو ويو. هن ڪم سان برائي کان روڪڻ وارن جي حمايت ٿي ۽ شهر يزد ۾ اسلامي تعليمات جو احترام وڌي ويو.

(حجة الاسلام والمسلمين آقاي علي ابوترابي مؤسسه آموزشي و پزوهشي امام خميني رحمه‌الله جي علمي ڪاميٽي جو رڪن)

ماءُ جي شخصيت جو پٽ تي اثر

رهبر معظمجي ماءُ هڪ خوش اخلاق، مهربان ۽ دلير عورت هئي پنهنجي پٽ جي صدارت جي دور ۾ مختلف ضلعن ۽ صوبن ڏانهن فون ڪري وڏن عملدارن کان معلومات وٺندي هئي ۽ ڪمن جي نگراني ڪندي هئي ۽ اعتراض ڪندي هئي ته ڇو ماڻهن جي مشڪلات کي حل نٿا ڪريو؟

رهبر معظمجي پيءُ جي وفات بعد هي خاتون اڪيلي رهندي هئي ايتري تائين جو بيمار هجڻ باوجود حياتي جي پڄاڻي تائين ڪا خدمتگذار به نه رکيائين ۽ عام ماڻهن وانگر زندگي گذاريندي هئي.

(حاج سيد حسين ميردامادي رهبر معظم جو ماموـ مشهد)

سياستدانن تي معنوي اثر

محترمه بينظير ڀٽو، رهبر معظم  سان ملاقات لاءِ آئي. اسان هن جي پردي نه ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ۽ ان کي هڪ چادر پارائي، اها ان چادر سان سائين جي خدمت ۾ وئي سائين انهي وقت نصيحت ڪرڻ شروع ڪئي. سائين فرمايو: منهنجي ڌي! تون اسلام جي نياڻي آهين، تون اميرالمومنين جي نياڻي آهين، تون اهلبيت عليهم السلام جي نياڻي آهين، تون قرآن جي نياڻي آهين، تون مسلمان آهين شيعه آهين سائين نصيحت پئي ڪئي ايتري ۾ بينظير ڀٽو روئڻ شروع ڪيو ۽ چيائين منهنجي خواهش آهي ته قيامت جي ڏينهن منهنجي شفاعت ڪجو. سائين فرمايو شفاعت ڪرڻ محمد ۽ آل محمد عليهم السلام سان مخصوص آهي پر دنيا ۾ بهترين شفاعت اهلبيت عليهم السلام جي رستي تي هلڻ آهي توهان مسلمان آهيو پاڻ کي لباس ذريعي دين کان ٻاهر نه ڪيو.

(حجة الاسلام والمسلمين موسوي ڪاشاني گھر ڀاتين منجھان)

حيدري شجاعت

چاليهه ڏينهن تائين خرمشهر جو دفاع ڪيو سين جيئن عراقي فوجي شهر ۾ داخل نه ٿين. انهي مدت ۾ حضرت آيت الله خامنه اي  دليرانه انداز ۾ دشمن تي حملا ڪندا رهيا ۽ دشمن جي ٽينڪن کي پاڻ ۾ وڙهائيندا رهيا ۽ عراقي فوج کي سڌو اڳتي اچڻ کان روڪيندا رهيا. سائين ٽن  يا چئن ماڻهن جي گروھ سان دشمن جي لشڪر جي وچ ۾ ويندا هئا جيئن دشمن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگھن ۽ پنهنجي دليري سان ڪارائتي معلومات آڻيندا هئا جيڪا پاڻ ملاقات ۾ امام خميني رحمه الله عليه تائين پهچائيندا هئا.

پنهنجي ملڪ کان ٻاهر احتياط جي وڌيڪ ضرورت آهي

جڏهن اسان تبليغ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهيو رهبر معظم  جي خدمت ۾ حاضر ٿيا سين ته جيئن نصيحت حاصل ڪريون. سائين نصيحت ۾ فرمايو: ٻاهر مستحبات تي عمل جي ڪوشش ڪريو ڇو جو اتي گناهن کان بچڻ وڏو مسئلو آهي جيڪڏهن اتي مستحبات تي عمل جي ڪوشش ڪندو ته توهان جو رتبو جيڪڏهن وڌيو نه به تڏهن به جهڙا ويندؤ اهڙا واپس ايندؤ، ڇو جو انهن جي ثقافت زهريلي آهي ان لاءِ وڏي ڍال جي ضرورت آهي اسان لاءِ ان دور ۾ اهو نڪتو وڏو قيمتي هيو.

(حجة الاسلام والمسلمين ذوالنوري فرمانده تيپ مستقل 83 امام جفعر صادق عليه السلام)

سازشين کي سزا ڏيڻ

رهبر معظم  هڪ ڀيرو مازندران آيا. سائين اتي هڪ محروم علائقي ۾ پهتا جنهن جو نالو ارسما خوست هئو، سائين ڪم جي نگراني لاءِ هڪ اسڪول ۾ آيا جتي سڀ ڪرسيون ۽ بينچون نيون هيون سائين سوچيو متان اسان جي اچڻ سبب نيون ڪرسيون آنديون ويون هجن. سائين پنهنجي ذڪاوت سبب تمام سهڻي انداز ۾ هڪ ٻار کان سوال ڪيو: پٽ توهان جون نيون ڪرسيون ڪڏهن آيون آهن؟ هن ٻار جواب ڏنو: سائين اڄ آيون آهن.

سائين ڪاوڙ واري نظر سان وڏن عملدارن کي ڏسي فرمايو: توهان پاڻ مشڪلات کان واقف آهيو، ضرورت ناهي مشڪلون حل ڪرڻ بجاءِ سازشون ڪريو.

(حجة الاسلام والمسلمين دڪتر مرتضي تهراني مؤسسه آموزشي و پزوهشي امام خميني رحمه الله عليه ـ قم جي علمي ڪاميٽي جو رڪن)

مجرمن سان سلوڪ ۾ برابري ڪرڻ

هڪ جنگي آفيسر هڪ مجرم جي جڳھ مٽائڻ جو حڪم ڏنو سندس اهو ڪم قاعدي ۽ قانون جي خلاف هئو. جڏهن رهبر معظم  کي ان حادثي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي پاڻ رپورٽ هيٺان لکيائون ته: مجرم کي سزا تائين پهچايو چاهي منهنجو پٽ ئي ڇو نه هجي!

(سردار باقرزاده ـ مسئول ڪميته جستجوي مفقودين (تهران)

وجوه شرعي کي ڪم آڻڻ لاءِ نفس جي عزت جو خيال رکڻ

انقلاب کان پهريان حضرت آيت الله خامنه اي  منهنجي دڪان سامهون گذريا مون سائين کان سوال ڪيو: سائين ڪنهن مستحق طالبعلم جي باري ۾ ٻڌايو جيڪو هر مهيني مقرر تاريخ تي مون وٽان راشن کڻي جئين منهنجو دين به سلامت رهي ۽ مون کي اطمينان به رهي. سائين فرمايو طالبعلم ائين وٺڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن. ائين هڪ ڏينهن مان خمس جا پئسا سائين جي پي وٽ کڻي ويم ۽ چيو مانس هي خمس سائين سيد علي جي لاءِ آهي. سائين جي پي فرمايو: سائين کي خمس جي ضرورت ناهي مان مجبور ٿيم ته چوان خمس کي ان جي مستحق تائين پهچايو.(حجة الاسلام نيازي)

خارجي سياست ۾ عزت ۽ اقتدار

ايران جي صدارت دوران رهبر معظم  جو آخري غير ملڪي سفر چين ڏانهن هيو پئڪن جي ايئرپورٽ کان جهاز ڀرڻ کان پهريان ئي اطلاع ڏنو ويو ته چين جو وزيراعظم تمام گھڻو بيمار آهي ۽ حضرت آيت الله خامنه اي مدظله العالي سان ملاقات نٿو ڪري سگھي. حضرت آيت الله خامنه اي  پڻ ٻن ٽن رکيل ملاقاتن کي رد ڪيو هئو ڇو جو چين جي وزيراعظم سان ملاقات ضروري هئي. شام جو 6 وڳي سائين چين جي وزير کي چيو: اسان هن ملاقات تي نه هلندا سين مون لاءِ هڪ سفير هجڻ جي عنوان سان اها خبر ڏکي هئي مان پريشان هيم هاڻي ڇاٿيندو؟

اسان اها خبر چيني حڪومت تائين پهچائي. مقرر ٽائيم ٿي ويو چيني انتظار ۾ هيا، رپوٽر پهچي چڪا هئا پر ايراني ٽيم جو نالو نشان نه هيو رپورٽرن خبرون ڏنيون ته: لڳي ٿو ايران ۽ چين جي رابطي ۾ مشڪل اچي وئي آهي ٻنهن ملڪن جي اتحاد کي خطرو آهي. ٽائم گھڻو ٿي ويو 6:45 پوڻين ستين وڳي چيني وزير پنهنجي محل کان ايراني صدر جي رهائشگاهه تي آيو ۽ ٻاهران ئي وڏي آواز سان چيائين: ننڍو وڏي وٽ آيو آهي. پوءِ ڪمري ۾ آيو  15 منٽ سائين سان ڳالهه ٻولھ ڪيائين. اسان مهمانن جو تمام گھڻو ادب ۽ احترام ڪريون ٿا خصوصن توهان جهڙي بزرگ هستي جو، اسان پنهنجي ذميداري سڃاڻيون ٿا پر ڇا ڪريون چين جو صدر صفا گھڻو بيمار آهي ۽ ڊاڪٽرن ملاقات کان سخت منع ڪيو آهي ان لاءِ اسان توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون جيئن مسئلن کي حل ڪريون. چيني وزير جي واعدي سبب حضرت آيت الله خامنه اي شرڪت ڪرڻ تي راضي ٿيا ۽ ڪلاڪ بعد ٻن ملڪن ۾ مذاڪرو شروع ٿيو ٻئي ڏينهن سائين کي چيائون چين جي صدر جي ناچاڪائي سبب 10 منٽن جي ملاقات جي اجازت آهي اها ملاقات 20 منٽ جاري رهي.

(آقاي حبيب الله‏ تعطيلي سه قلعه مشهد)

سياسي عظمت

اقوام متحده  جي قطع نامه 598 صادر ٿيڻ کان پوءِ جيڪو دنيا جي قدرتمند ملڪن طرفان ايران تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ هيو ته جيئن ايران ان قطع نامي کي قبول ڪري، ان زماني ۾ اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل خاورپرز ڊڪوئيار هيو جيڪو ڪنهن ضروري راءِ وٺڻ لاءِ آيران آيل هيو، انجي ملاقات آيت الله خامنه اي سان به ٿي جيڪو ان زماني ۾ ايران جو صدر هيو ملاقات کان پوءِ ڊڪوئيار مونکي چيو: توهان جي ملڪ جو صدر ڪهڙي يونيورسٽيءَ مان علم سياسيات پڙهيو آهي  مون پڇيومانس: ته ڇا ٿيو آهي؟

ته ان جواب ڏنو: مان دنيا جي ڪجھ نامور يونيورسٽين منجھان علم سياسيات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي ۽ ٽيهن سالن کان سياسي مصروفيتن ۾ مشغول آهيان ۽ گذريل ڏهن سالن کان اقوام متحدھ جو سيڪريٽري جنرل آهيان ۽ ان عرصي ۾ شايد ڪا اهڙي سياسي شخصيت هجي جنهن سان ملاقات ڪري مان گفتگو نه ڪئي هجي، ليڪن اهڙي هوشيار  ۽ با هوش شخصيت ڪا به نه ڏٺي اٿم جهڙو توهان جي ملڪ جو صدر آهي. 

(آقاي علي محمد بشارتي، (ان زماني جو ملڪي وزير)

آيت الله محمد يزدي آخر ۾ فرمايو:واقعا انسان کي تعجب ٿو ٿئي  ان ئي سبب جي ڪري چوان ٿو واقعا پالڻهار جوشڪر ٿو ڪيان جو پالڻهار ان شخصيت کي انقلاب لاءِ ذخيرو قرار ڏنو  ۽ مجلس خبرگان، امام کان بعد ۾ رهبر معظم کي منتخب ڪيو.  مان جڏهن به سوچيندو آهيان ته دنيا کان آگاهي، موجودھ صورتحال، امت اسلامي جي مصلحتن جي حفاظت ۾ ڪنهن به انسان کي ان جيترو ماهر نه ٿو ڏسان هميشه اميد به ڏياري اٿائين ۽ نظام جي به حفاظت ڪئي اٿائين  ان شاءَ الله پالڻهار اسان سڀني جي آخرت نيڪ فرمائي.

جناب عالي جو شڪريو ادا ٿا ڪريون جو اسان جي هن گفتگو کي قبول ڪيو  هميشه آباد رهو.

ان شاءَ الله پالڻهار اسان سڀني جي آخرت نيڪ فرمائي ۽ هي ڪجھ ڏينهن به جيڪي زندھ آهيون انهن لاهن چاڙهن ۾ گمراھ نه ٿيون  مان به دعا جو طلبگار آهيان.

والسلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

حوالو

”پاسداران اسلام“  رسالي جي  گفت و شنود (انٽريو) وارو حصو.

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸
0
افکار شما را دوست داریم، لطفا نظر دهید.x