جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

قدر واري رات ۽ انساني تقدير

فونٽ جو اندازو :
2025/05/28

سهيڙيندڙ: نويد حسين چنه

مهاڳ :

رمضان جو مهينو، جيڪو انسان جي تربيت ۽ ڌڻي تعاليٰ جي معرفت حاصل ڪرڻ جو مهينو آهي، انسان کي اها فرصت ۽ مهلت ڏئي ٿو جو هو هڪ پَل ۾ دنيا جي بندگيءَ کان نڪري الله سائين جي بندگيءَ اختيار ڪري ۽ گذريل خطائن کي سندس روشن مستقبل سان جوڙي ڇڏي. سال ۾ جتي ٻيا مهينا ڪيترائي بهترين ڏينهن ۽ ڪيتريون ئي بهترين راتيون انسان کي سندس سڌاري، تربيت ۽ سندس خطائن کي بخشائڻ لاءِ موقعا مهيا ڪن ٿا،اتي رمضان جو ڀلارو مهينو پڻ سڀني کان اڳڀرو ٿيندي خدا جي سڏايل مهماني ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ بهترين ۽ بي مثال موقعا مهيا ڪري ٿو ته جيئن اهي اهڙن ڀلارن موقعن مان فائدو وٺندي پنهنجي حقيقي ماڳ جا راهي ٿين، انهن بي مثال فرصتن مان هڪ فرصت جنهن ڏانهن قرآن پڻ اشارو ڪيو آهي، سا شب قدر آهي، جيڪا سڳوري ۽ برڪتن ڀري رات هوندي، ڪيترائي راز پنهنجي اندر لڪايو ويٺي آهي، هن رات جي باري ۾ ويچار ڪرڻ نهايت ئي ڏکيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته عقل ان جي وصف کان وانجهايل آهي، هڪ اهڙي رات جيڪا هزار راتين کان بهتر آهي، جنهن رات ڪيترائي رحمت جا فرشتا هر طرف کان نازل ٿين ٿا، جنهن ۾ رحمتن، برڪتن ۽ سلام جو سلسلو صبح تائين جاري رهي ٿو

۽ جنهن ۾ ايندڙ شبِ قدر تائين  پوري هڪ سال جي انساني تقدير لکجي ٿي.

جيتوڻيڪ قدر واري هن سڳوري رات بابت ڪيترائي سوال جهڙوڪ: رمضان جي ڪهڙي رات شبِ قدر آهي؟ شب قدر کي ڪجھ راتين اندر ڇو لڪايو ويو؟ هن رات جون ڪهڙيون برڪتون آهن؟ وغيره، انساني ذهن جي تختي تي اڀرن ٿا پر هن لکڻي جي موضوع ۽ اختصار کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري سمجھيو ويو جو هن برڪت ڀري رات جي هڪ نهايت اهم مسئلي کي وائکو ڪجي ته هن رات جو انساني تقدير سان ڪهڙو رابطو آهي؟ البته هن سوال جي جواب  کان پهرين ان ڳالھ کي پڻ وائکو ڪجي ته قدر واري رات کي شبِ قدر ڇو چيو وڃي ٿو، ۽ قدر جي تفسير جي عالمن ڪهڙي معنا ڪئي آهي؟ ته جيئن اصل مسئلو روشن ٿي سگھي، ان لاءِ هيٺ مختصر طور تي ذڪر ڪجي ٿو.

قدر جي معنا

لفظ قدر جون  مفسرن جيڪي معنائون بيان ڪيون آهن تن مان ٻن کي هتي ذڪر ڪجي ٿو:

1_ قدر يعني شرافت ۽ منزلت : مرحوم طبرسيؒ چوي ٿو: ان رات کي شب قدر ان ڪري چيو وڃي ٿو جو اها وڏي شان ۽ عظمت واري رات آهي. جيئن ته قرآن ۾ هڪ ٻئي هنڌ پڻ قدر جي اها معنيٰ ذڪر ٿي آهي: ” و ما قدرو الله حق تقديرا “ (1)خدا جي عظمت ۽ شان کي جيئن بجا آڻڻ جو حق آهي بجا نه آندائون. (2)

2_ قدر معنيٰ تقدير، لکئي جو معين ٿيڻ :

راغب لکي ٿو: شبِ قدر يعني اهڙي رات جنهن رات کي رب پاڪ ڪجھ خاص ڪمن کي معين ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي.(3)

علامه طباطبائي پڻ ان معنا کي اختيار ڪندي فرمائن ٿا: قدر جي معنيٰ تقدير ۽ هڪ شيءَ کي معين ڪرڻ آهي ۽ اها رات تقدير جي رات آهي جنهن ۾ الله سائين ايندڙ شب قدر تائين پوري سال ۾ پيش ايندڙ واقعن جهڙوڪ حياتي، موت، رزق، چڱائي ۽ بد بختيءَ وغيره کي مقدر ۽ معين ڪندو آهي.(4)

شهيد مطهري قدر جي تعريف ڪندي فرمائن ٿا:

قدر، اندازي ۽ معين ڪرڻ جي معنا ۾ آهي، هن جهان ۾ رونما (ظاهر) ٿيندڙ واقعا ان اعتبار سان جو زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان انهن جي موقعيت، اندازو ۽ حد معين ٿيل آهي، سو خدائي تقدير سان مقدر ۽ معين ٿيل آهن.(5)

شب قدر ۽ انساني تقدير

قدر واري رات جو انسان جي تقدير سان نهايت ئي گهرو رابطو آهي، جيتوڻيڪ هن رات جون ڪيتريون ئي برڪتون ۽ اثر آهن جهڙوڪ قرآن جو نازل ٿيڻ ۽ ان رات فرشتن جو اچڻ وغيره، پر انهن سڀني مان اهم اثر، انساني تقدير جو لکجڻ آهي، ۽ ڪيترين ئي روايتن ۾ ان مطلب تي تاڪيد به ڪئي وئي آهي ته هن رات ايندڙ شب قدر تائين پوري سال ۾ جو ڪجھ به واقع ٿيندڙ آهي سو معين ڪري نازل ڪيو ويندو آهي، شايد اهوئي سبب آهي جو قرآن کي انسان جي هدايت لاءِ هن ئي رات ۾ نازل ڪيو ويو ته جيئن انسان زندگيءَ کي قرآن جي ٻڌايل واٽ تي آڻي هن رات ۾ سندس لکئي کي بهترين ۽ نيڪ تقدير ۾ تبديل ڪري.

 جيئن ته “ قدر” جي ٻي معنا مان پڻ قدر جي رات جي هي خاصيت ڪنهن حد تائين وائکي ٿي، پر وڌيڪ وضاحت لاءِ هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

قرآن ۾ارشاد آهي:

فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ (6)

ان (برڪت واريءَ رات) ۾ هر حڪمت وارو ڪم جدا (معين) ڪيو ويندو آهي.

علامه طباطبائي هن آيت جي تفسير ۾ لکن ٿا ته :

هي آيت شب قدر جي صفت بيان ڪري رهي آهي ۽ ان مطلب تي شاهد آهي ته هن رات انسان جي تقدير لکي وڃي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته آيت ۾ موجود  “فرق” جي لفظ جي معنيٰ ٻن شين کي هڪٻئي کان جدا ڪرڻ ۽ مشخص ڪرڻ آهي، ۽ حڪمت واري ڪم جي فرق (جدا ٿيڻ) جو مطلب اهو ئي آهي ته اهو ڪم جيڪو (ايندڙ سال ) واقع ٿيڻو آهي سو تقدير ذريعي معين ٿئي.(7)

۽ هڪ ٻي جاءِ تي هن آيت جي تفسير ڪندي لکن ٿا ته :

خدا جي قضا جي لحاظ سان جيڪي لکيو انسان لاءِ مقدر ٿئي ٿو سو ٻن مرحلن ۾ آهي: هڪ مجمل (مختصر)، ٻيو تفصيلي. ۽ قدر واري رات جيئن ته هن آيت: فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ‌(8) مان پڻ سمجھ ۾اچي ٿو، هڪ اهڙي رات آهي جنهن رات ۾ انساني تقدير اجمال (اختصار) کان ٻاهر نڪرندي تفصيل ۽ تعيين واري مرحلي ۾ داخل ٿيندي آهي.

روايتن ۾ پڻ قدر واري سڳوري رات ۾ انسان جي تقدير ٺهڻ بابت هن ريت آيو آهي:

امام صادقA هڪ حديث ۾ شب قدر بابت فرمائن ٿا :

“هي اها رات آهي جنهن ۾ هر حڪمت وارو ڪم ٻئي کان جدا ڪيو ويندو آهي، ۽ ان رات، ايندڙ  شب قدر تائين پوري سال ۾ جيڪو ڪجھ نيڪي، بدي، رزق، يا ڪو به ڪم، زندگي ۽ موت جي صورت ۾ واقع ٿيڻو آهي سو لکيو ويندو آهي……” (9)

۽ هڪ ٻي حديث ۾ امام صادق عليه السلام جن کان بيان ٿيو آهي ته هن رات انسان جي تقدير لکي ويندي آهي جنهن کي فرشتا ان وقت جي امام وٽ کڻي ٿا اچن. (10)

امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا:

”.. يقَدَّرُ فيها ما يَكُونُ فی السَّنَةِ مِنْ خَيْرٍ اَوْ شَرٍّ اَوْ مَضَرَّةٍ اَوْ مَنْفَعَةٍ اَوْ رِزْقٍ اَوْ اَجَلٍ وَ لِذلِكَ سُمِّيَتْ لَيْلَةُ الْقَدْر “

ان رات ۾ هر اها شي جا انسان جي تقدير ۾ لکي ويندي آهي جيڪا ايندڙ سال نيڪي، بدي، نفعو نقصان، رزق ۽ موت جي صورت ۾ انسان لاءِ واقع ٿيندي آهي. انهي ڪري ئي هن رات کي شب قدر چيو وڃي ٿو .(11)

مٿئين بيان مان اها ڳالھ چڱيءَ ريت وائکي ٿي ته قدر واري رات انسان جي تقدير لکي وڃي ٿي ۽ فرشتا اها تقدير ان زماني جي امامA وٽ کڻي اچن ٿا . پر هتي هڪ سوال اڃان باقي رهي ٿو ته انسان جي تقدير جو هن رات ۾ لکجڻ ۽ ايندڙ شبِ قدر تائين پوري سال ۾ جيڪو ڪجھ انسان مٿان اچڻو آهي ان جو معين ٿيڻ، ڇا جبر جي حڪم ۾ نه آهي؟ ڇا اهڙي صورت ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته انسان سندس سٺن ۽ ڪڌن ڪمن ۾ خود مختيار آهي جڏهن ان جي تقدير ۽ قسمت خدا جي هٿ ۾ آهي؟

جواب: جيتوڻيڪ انسان جي تقدير هن رات لکي ويندي آهي پر ان جو اهو هرگز مطلب نه آهي ته انسان مڪمل طور تي ان باري ۾ مجبور هجي ۽ اختيار نه رکندو هجي اهڙي طرح جو ان تقدير کي تبديل نه ڪري سگھي، بلڪه هي انسان اها صلاحيت ۽ سگھ رکي ٿو جو سندس تقدير کي جيڪا قدر واري رات لکي وئي آهي، دعا، توسل ۽ نيڪ ڪمن جي ذريعي تبديل ڪري ڇڏي.(12) جيئن ته امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

”اذا کانت ليلة القدر ِ نزلتِ الملائکةُ وَ الرُوحُ وَ الکَتَبَةُ الي السماءِ الدُنيا، فيکتُبونَ ما يَکونُ من قَضاءِ اللهِ تبارکَ و تَعاليٰ في تلکَ السنةِ، فاذا اراد اللهُ ان يُقدِّمَ او يوخِّرَ او ينقُصَ شيئاً او يزيدَهُ، امرَ اللهُ ان يمُحوَ ما يشاءُ، ثُمَّ اثبتَ الّذي ارادَ. “

جڏهن شب قدر ٿيندي آهي ته فرشتا، روح ۽ عملَ کي لکڻ وارا هيٺ لهندا آهن، ۽ پوءِ ان سال ۾ جيڪا الله جي قضا آهي سا لکندا آهن، بس الله سائين جڏهن چاهي ڪنهن شي کي اڳتي يا پوئتي ڪري يا ڪنهن شي کي گھٽائي يا ان ۾ واڌ ڪري ته پوءِ حڪم ڏيندو آهي ته هو مٽائي ان شي کي جنهن کي هو چاهي ٿو، پوءِ جنهن شي جو ارادو ڪندو آهي ان کي تحرير ڪندو آهي.(13)

ان حديث مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته قدر واري رات جيڪا تقدير انسان لاءِ لکي ويندي آهي سا حتمي ناهي هوندي بلڪه ان منجھ تبديلي جو به امڪان موجود آهي، البته قدر واري رات ان تقدير جو ٺهڻ به انسان جي ان لياقت ۽ قابليت مطابق هوندو آهي جيڪا قابليت هو پاڻ پنهنجي لاءِ اختيار سان وجود ۾ آڻي ٿو ۽ اهڙي ئي طريقي سان جيڪڏهن ان تقدير ۾ ڌڻي تعاليٰ ڪا تبديلي ٿو ڪري ته اها به انسان جي ئي بعد ۾ ڪيل ڪجھ عملن جي ڪري هوندي آهي، ان اعتبار سان قدر واري رات انسان جو لکيو ان جي عملن ۽ منجھس موجود صلاحيتن، ايمان ۽ تقوا جي معيار ۽ نيتن ۽ عملن جي پاڪيزگي جي بنياد تي لکجي ٿو، تهنڪري هي انسان هن رات پنهنجي تقدير جي ٺهڻ ۾ پورو پورو اختيار رکي ٿو جو پنهنجي سٺن عملن سان سٺي تقدير لکائي يا وري ڪڌن ڪمن جي سبب قسمت ئي ڪاري ڪرائي ڇڏي.(14)

ان ڪري اسان کي گھرجي ته هن رات جيڪا بيدار رهڻ وارن جي معراج ۽ الله سائين جي نعمتن سان ڀريل ۽ وسيع رحمت جو وڇايل دسترخوان آهي، پنهنجي قدر ۽ قيمت سڃاڻون ۽ رب پاڪ جي رحمت ۽ بخشش واري سحر ۾ پنهنجي نيڻن جي مينهن سان دل کي صاف ڪري پنهنجي اصلي فطرت ڏانهن واپس ٿيون ۽ توبه جي قلم، لڙڪن جي مس سان بهترين تقدير تحرير ڪرائي هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪريون.

حولا

1) سوره حج آيت 74

2) مجمع البيان، ج 10، ص 518.

3) المفردات في غريب القرآن، ص 395.

4) الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص: 331

5) انسان و سرنوشت، شهيد مطهری،ص۵۲.

6) دخان،  آيت  4

7) الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص: 331

8) دخان،  آيت  4

9) بحار الانوار، ج 97، ص 1.

10) بحار الانوار، ج 97، ص 23.

11) عيون اخبارالرضا،ج۲ ، ص ۱۱۶

12) ماه خدا، محمدي ري شهري، ج 2، ص 804.

13) تفسير القمي، ج1، ص 366. بحار الانوار، ج 97، ص 12.

14) تفسير نمونه، ج‏27، ص: 187

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸