قرآن ڪريم جي عظمت
2025/05/28سهيڙيندڙ:قادربخش ڪريمي
مقدمو
قرآن مجيد الله پاڪ جو اهوڪتاب آهي جيڪو مڙني ڪتابن جو سردار ۽ سرواڻ آهي قرآن پاڪ جي معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي سڀني جهتن ۽ رخن کان آگاهي هجي ڇو جو قرآن ڪو عام ڪتاب نه آهي بلڪه قيامت تائين هن دنيا ۽ آخرت لاءِ انسان جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ضامن آهي . جڏهن اسان پاڻ سڳورن8 کان اڳ آيل نبينF جي معجزن ڏانهن نگاھ ڪريون ٿا ته هي معجزا انهن نبينF جي دور تائين مخصوص هئا پر قرآن پاڻ سڳورن8 کي رب پاڪ وٽان مليل اهو معجزو آهي جنهن جو معجزو هجڻ ڪنهن دور، ڪنهن قوم ۽ ڪنهن جاءِ سان مخصوص نه آهي، بلڪه قرآن هر دور ۾ مڙني لاءِ معجزو آهي .
قرآن پاڪ جي عظمت کي بيان ڪرڻ آسان نه آهي جو مون جهڙو ناچيز بندو ان کي بيان ڪري سگھي بلڪه قرآن صامت جي عظمت کي بيان ڪرڻ قرآن ناطق جو ئي ڪم آهي . باقي مون جهڙو حقير بندو ان معرفت جي سمنڊ جي عظمت بيان ڪرڻ لاءِ معصومنF جي ڪلام سان ڪجھ پهلوئن کي مٿاڇري نموني بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگھي ٿو . من ڌڻيءَ در اها ڪوشش قبول پوي ۽ قيامت جي ڏينهن ڪو اجرَ ذرو ملي پوي .
هن مقالي جي شروعات معصومنF جي ڪجھ فرمانن سان ڪريان ٿو جيڪي قرآن مجيد جي عظمت جي باري ۾ آهن .
قرآن جي عظمت بابت حديثون
1_قال رسول الله صلّي الله عليه و آله :
فضل القرآن علي ساير الکلام کفضل الله علي خلقه.
رسول الله8 جن فرمايو آهي ته: قرآن جي سڀني ڪلامن تي فضيلت ۽ برتري ائين آهي جيئن الله جي برتري سندس مخلوق تي آهي. (1)
2_ قال رسول الله صلّي الله عليه و آله: کتاب الله فيه نبأ ما قبلکم و خبر ما بعدکم و حکم ما بينکم هو الفصل ليس بالهزل هو الذي مَن ترکه من جبار قصمه الله و من ابتغي الهدي في غيره اخلّهُ الله فهو حبل الله المتين.
پاڪ نبي8 فرمايو ته : الله جي ڪتاب (قرآن) ۾ توهان کان اڳ ۽ پوءِ جي خبر ڏنل آهي، اهو حق ۽ ناحق ۾ وڇوٽي ڪندڙ آهي جيڪو مذاق نه آهي ،اهو ڪتاب آهي جنهن کي ڪوبه ڇڏيندو ته خدا ان کي تَرڪ ڪري ڇڏيندو، جيڪو چاهي ته غيرقرآن کان هدايت حاصل ڪري ته خدا ان کي ذليل ڪندو آهي . قرآن الله جي مضبوط رَسي آهي . (2)
3_ قال رسول الله صلّي الله عليه و آله: ان هذا القرآن هو النور المبين و الحبل المتين و العروة الوثقي و الدرجة العليا و الشفاء الاشفي و الفضلية الکبري و السعادة العظمي.
پاڻ سڳورن8 جو فرمان آهي ته : بيشڪ هي قرآن چٽو نور ، محڪم ۽ مضبوط رسي ، مطمئن پناھ گاھ ، شفا چاهيندڙن جي شفا ،تمام وڏي فضيلت وارو ۽ عظيم سعادت وارو آهي .(3 )
4_قال الامام علي عليه السّلام: کتاب الله بين اظهرکم ناطق لا يعيي لسانه و بيت لا تهدم ارکانه و عزّ لا تُهزمُ اعوانه
امام عليA فرمايو ته : الله جو ڪتاب ( قرآن) توهان جي سامهون اهڙو ڳالهائيندڙ آهي جنهن جي زبان (حقيقتن) بيان ڪرڻ ۾ ٿڪجي نه ٿي ۽ اهڙو گھر آهي جنهن جا بنياد ڪڏهن به نه ڍهندا ۽ اهڙو مانَ وارو آهي جنهن جي مددگارن کي ڪڏهن به شڪست نه ايندي .( 4 )
5_قال الامام علي عليه السّلام : و اعلموا أن القرآن هو الناصح الذي لا يَغُشُّ و الهادي الذي لا يضلُّ و المحدث الذي لا يکذب و ما جالسي القرآن احدٌ الا قام عند بزيادة او نقصان زيادة في هدي او نقصان من عمي.
امام عليA جوفرمان آهي ته: ڄاڻو ته بيشڪ قرآن اهڙو نصيحت ڪندڙ آهي جنهن ۾ ڪوبه ڌوڪو ناهي ، اهو هدايت ڪندڙ آهي جيڪو گمراھ ناهي ڪندو، اهو ڳالهائيندڙ آهي جنهن وٽ ڪوڙ ناهي ۽ ائين ناهي ته ڪو قرآن وٽ ويهي ( يعني ان کي معرفت سان پڙهي) ۽ ان ۾ ڪو واڌارو يا گھٽاءُ نه ٿئي ، پوءِ واڌارو هدايت ۾ ۽ گھٽاءُ جهالت ۽ بي خبري ۾ ٿيندس( 5)
6_ قال الامام علي عليه السّلام : ان الله سبحانه انزل کتاباً هادياً بيّنَ فيه الخير و الشرّ.
مولا مشڪل ڪشاA فرمايو ته : الله پاڪ هدايت واري ڪتاب کي نازل ڪيو ۽ ان ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي بيان ڪيائين . (6)
7_ قال الامام السجاد عليه السّلام : لو مات من بين المشرق و المغرب لما استوحشتُ بعد ان يکون القرآن معي.
امام سجاد A فرمايو ته: جڪڏهن اوڀر ۽ اولھ وارا سڀ مري وڃن تڏهن به مون کي (اڪيلائپ) کان وحشت ۽ ڊپ نه ٿيندو جڏهن ته قرآن مون ساڻ هجي (7)
هنن حديثن کان سواءِ ٻيون به کوڙ ساريون حديثون آهن جن ۾ قرآن جي عظمت ۽ بلند مقام بيان ٿيل آهي . ڳالھ جو ڳر اهو ته پالڻهار جي هن ڪتاب جي عظمت چٽي ڏينهن جيان روشن ۽ واضح آهي . قرآن هدايت جو اهو سج آهي جنهن جي هدايت جا ڪرڻا رات و ڏينهن بندن جي راهنمائي ڪن ٿا .
قرآن جي عظمت جو غيرن به اقرار ڪيو آهي، آلبرٽ اينسٽاين جو چوڻ آهي ته : قرآن الجبرا ، جاميٽري يا رياضيءَ جو ڪتاب نه آهي بلڪه قانونن ۽ اصولن جو اهو مجموعو آهي جيڪو انسان لاءِ سنئين راھ کي معين ڪري ٿو ، اها سنئين واٽ جنهن کي بيان ڪرڻ کان دنيا جا وڏا وڏا فلسفي عاجز آهن ..
قرآن جو معجزو هجڻ
اسان کي مختلف دليلن سان معلوم آهي ته اسلام قيامت تائين رهڻ وارو دين آهي سو ان جي تصديق لاءِ ضروري آهي ته هڪ اهڙو معجزو هجي جيڪو قيامت جي ڏهاڙي تائين معجزو هجي ۽ اهو قرآن آهي . قرآن ڪريم نزول کان وٺي مقابلي لاءِ مخلوق کي پڪاريو آهي پر اڄ تائين ڪير به ان جو مقابلو نه ڪري سگھيو آهي نه وري قيامت تائين ڪو ان جو مقابلو ڪري سگھندو . قرآن جو مقابلي لاءِ پڪارڻ هن ريت آهي ته :
قُل لَّئِنِ اجْتَمَعَتِ الإِنسُ وَالْجِنُّ عَلَى أَن يَأْتُواْ بِمِثْلِ هَـذَا الْقُرْآنِ لاَ يَأْتُونَ بِمِثْلِهِ وَلَوْ كَانَ بَعْضُهُمْ لِبَعْضٍ ظَهِيرًا (8)
اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ماڻھو ۽ جِنّ ھن قرآن جھڙي (ٻئي ڪنھن ڪتاب) آڻڻ لاءِ گڏ ٿين ته ان جهڙو ڪڏھن نه آڻي سگھندا جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي جي مدد ڪن .
قرآن جهڙو ٻيو ڪتاب آڻڻ مخلوق جي وس کان ٻاهر آهي ، وري قرآن ٻي دعوى ڪئي ته ڀلا اهڙو ڪتاب نه ٿا آڻي سگھو ته ان جي سورتن جهڙيون ڏھ سورتون پيش ڪريو . ارشاد ٿئي ٿو .
قُلْ فَأْتُواْ بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهِ مُفْتَرَيَاتٍ وَادْعُواْ مَنِ اسْتَطَعْتُم مِّن دُونِ اللّهِ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ (9)
چؤ ته جيڪڏھن سچار آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏھ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو؟ ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو.
ايترو نه بلڪه مخلوق جي عاجز هجڻ جي انتها کي بيان ڪندي ارشاد ٿيو آهي ته قرآن جي هڪ سورت جهڙي هڪ سورت آڻي ڏيکاريو . رب پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته :
وَإِن كُنتُمْ فِي رَيْبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلَى عَبْدِنَا فَأْتُواْ بِسُورَةٍ مِّن مِّثْلِهِ وَادْعُواْ شُهَدَاءكُم مِّن دُونِ اللّهِ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ(10)
۽ پنھنجي ٻانھي (محمد8) تي جيڪو (قرآن) لاٿوسون تنھن کان جيڪڏھن اوھين شڪ ۾ آھيو ته ان جهڙي ڪائي سُورت بڻائي آڻيو، ۽ الله کان سواءِ پنھنجا مددگار (به) سڏيو جيڪڏھن سچار آھيو.
مٿين آيتن مان واضح آهي ته قرآن ڪيئن مقابلي لاءِ پڪاري رهيو آهي . پر ڪوبه ان مقابلي ۾ قرآن کان کٽي نه سگھيو .
هاڻ اسان بيان ڪريون ٿا ته قرآن ڪهڙي شيءِ ۾ مخلوق کي مقابلي لاءِ پڪاريو آهي . ڇو جو قرآن مختلف جهتن ۽ رخن کان معجزو آهي ، اهو ڪهڙو رخ آهي جنهن ۾ قرآن مقابلي لاءِ سڏيو آهي .
اسلامي محققن جو نظريو آهي ته معجزي جو اهو رخ قرآن جي فصاحت ۽ بلاغت آهي .
قرآن جيئن لفظن کي ڪتب آندو آهي ۽ جنهن رمز سان تِن سجايو آهي اهو بلڪل اهڙو انداز آهي جنهن جو مقابلو ڪوبه نه ڪري سگھيو .
سوال: ڇو ڪوبه قرآن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ؟؟
هتي هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ، ڇا سڀني جو مقابلي جي ميدان ۾ ماٺ هجڻ قرآن جي معجزي هجڻ کي ثابت ڪري ٿو يا انهن جي ماٺ هجڻ جي ڪا ٻي وجھ هئي ؟؟
هتي ٽي صورتون تصور ٿين ٿيون
1 . ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن کي به ان مقابلي جي جواب ڏيڻ ۾ دلچسپي نه هجي .
2 . جواب ڏيڻ ۾ دلچسپي هئي پر قرآن نازل ٿيڻ کان پوءِ عربن وٽ ادب ، فصاحت ۽ بلاغت جو فن ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هن وقت به مسلمانن کان سواءِ اهڙا اديب نه آهن جيڪي مقابلو ڪري سگھن .
3 . سچ پچ قرآن جو مقابلو نه ڪري سگھيا .
مٿين ٽنهي صورتن جي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ..
پهرين صورت : جڏهن پاڻ سڳورن8 اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو ان وقت مختلف قومون مختلف عقيدن سان زندگي گذاري رهيون هيون جهڙوڪ : ڪافر ، مشرڪَ ، بت پرست، يهودي ، عيسائي وغيره . اسلام سڀني جي عقيدن جي غلط هجڻ جي دعوا ڪئي، ان ڪري سڀئي مڇرجي پيا ۽ اسلام کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪيائون . اها ڪوشش ڪڏهن اقتصادي پابنديءَ جي صورت ۾ هئي ته وري ڪڏهن جنگ بدر ، جنگ احد يا سڀني گڏجي جنگ خندق وڙهي ته جيئن اسلام کي جڙ کان ختم ڪيو وڃي ، پر انهن مڙني جَتنن ۾ ناڪام رهيا ۽ شڪست جو منهن ڏٺائون . هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ايڏين ڪوششن ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي فقط قرآن جي دعوى جو جواب ڏين ها ۽ سورت ڪوثر جهڙي هڪ ننڍڙي سورت مقابلي ۾ آڻين ها ته اسلام جو باطل هجڻ ثابت ٿي وڃي ها .
ان مان پڌرو ٿئي ٿو ته قرآن جي مقابلي ڪرڻ کان عاجز هئا تڏهن ٻيون ڪوششون ڪيائون ۽ اسلام کي ڏاڍ سان ختم ڪرڻ چاهيائون .پر ختم نه ڪري سگھيا .
ٻئي صورت : جڏهن تاريخ جو مطالعو ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته نزول قرآن وقت ۽ اڄ دور تائين ادب ، فصاحت ۽ بلاغت جو فن اوج تي پهتل هو ۽ آهي يعني وڏا وڏا اديب ان دور ۾ به هئا ۽ اڄ به موجود آهن۽ ائين به ناهي ته اهي سڀ مسلمان آهن بلڪه غير مسلم پڻ آهن ، پر ڪوبه قرآن جي فصاحت ۽ بلاغت جو مقابلو نه ٿو ڪري سگھي .
ٽئين صورت : مٿين ٻنهي صورتن جي باطل هجڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ٽئين صورت درست آهي يعني سچ پچ ڪوبه قرآن جي فصاحت ۽ بلاغت جو مقابلو نه ڪري سگھيو .
ڪجھ اهم سوالن جا جواب
پهريون سوال: ڪيئن قرآن جو نازل ٿيڻ قدر جي رات ۾ آهي؟ جڏهن ته رسول اڪرم8 جي بعثت(نبوت جي اعلان) جو ڏهاڙو 27 رجب آهي، جنهن ڏهاڙي سورت علق جون پهريون پنج آيتون نازل ٿيون .
جواب : قرآن بعثت کان ٽي سال پوءِ نازل ٿيو آهي ۽ بعثت جي ڏهاڙي سورت علق جي پنجن آيتن جو نازل ٿيڻ قرآن جي عنوان سان نه هو ، بلڪه بعد ۾ قرآن جي عنوان سان پوري سورة علق نازل ٿي . قرآن جي نازل ٿيڻ جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن هيءَ آيت نازل ٿي .
فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ “جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ” (11)
ان آيت کان پوءِ لڳاتار آيتون ۽ سورتون نازل ٿينديون رهيون . (12)
ٻيو سوال : جڏهن ته قرآن بعثت کان ٽي سال پوءِ نازل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 20 سالن جي عرصي ۾ نازل ٿيو ، پوءِ اهو ڪيئن آهي ته قرآن قدر جي رات نازل ٿيو آهي ؟
جواب :ان سوال جي جواب ۾ مختلف نظريا آهن .
(1) قرآن جي نازل ٿيڻ جي شروعات قدر جي رات ٿي آهي جيڪا قرآن مان ظاهر آهي باقي اها مراد نه آهي ته پورو قرآن قدر جي رات نازل ٿيو آهي. يعني مراد فقط قرآن جي نزول جي شروعات آهي.
(2) ڪجھ دانشورن جو نظريو آهي ته جيتري قرآن جي ضرورت سال ۾ هوندي هئي اهو مقدار قدر جي رات نازل ٿيندو هو، ان نظرئي جي بنياد تي قدر جي رات مان مراد هڪ سال جي قدر جي رات نه آهي بلڪه انهن سڀني سالن جي قدر واريون راتيون مراد آهن جن ۾ قرآن نازل ٿيو آهي.
(3) قرآن جا ٻه نزول آهن. هڪ دفعي (هڪ ئي دفعي ۾ نازل ٿيڻ) ۽ ٻيو تدريجي (درجي بدرجه نازل ٿيڻ). ان نظرئي مطابق قدر جي رات جي نزول مان دفعي نزول مراد آهي، دفعي نزول ۾ قرآن جي ڪُلي مفهوم ۽ معنى جو پاڻ سڳورن8 کي علم عطا ڪيو ويو،۽ جيڪو ويھ سالن جي عرصي ۾ نازل ٿيو آهي اهو تدريجي آهي. يعني ترتيب سان آيتون ۽ سورتون نازل ٿينديون رهيون .(13)
نصيحت ڀريو نڪتو:
قرآن جي ايڏي عظمت هجڻ جي باوجود جڏهن اسان پنهنجي معاشري تي نگاھ ڪريون ٿا ته اهو قرآن مظلوم نظر اچي ٿو . ڪٿي ڏسون ٿا ته قرآن گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ برڪت لاءِ رکيل آهي ۽ جمعي جي رات ان کي اگربتين جو واس ڏنو وڃي ٿو ، ڪٿي ڏسون ٿا ته قرآن کي ان ميت جي سيرانديءَ کان رکيو وڃي ٿو جنهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ان کي کولڻ جي به زحمت نه ڪئي هئي ، ڪٿي ڏسون ٿا ته قرآن فقط فيصلن جو ذريعو بڻجي ويو آهي ۽ قسم لا۽ ڪتب آندو وڃي ٿو . ڪٿي وري قرآن رمضان شريف ۾ فقط گھڻا ختما ڪڍي مُردن کي بخشيو ٿو وڃي پر ان مان هدايت ۽ رهنمائيءَ وارو ڪم نه ٿو ورتو وڃي
ڪنهن جاءِ تي ڏسون ٿا ته اهو قرآن جيڪو عورتن جي حقن جو پاسدار آهي ڪنهن عورت جو ان سان نڪاح پڙهي ان عورت جي زندگي تباھ ڪئي وڃي ٿي، سچ پچ اهي هيانءُ ڏاريندڙ واقعا ڏسي اکيون رت روئين ٿيون .
آخر ۾ دعا آهي ته نپائڻهار اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ ۽ ان جي فرمانن تي عمل ڪرڻ جي سگھ عطا ڪري ….. آمين يا رب العالمين
حوالا
- مستدرڪ الوسائل، ج 1، ص 288
- مجمع البيان، ج 1، ص 16
- بحار الانوار، ج 92، ص
- نهج البلاغه، خطبه 133
- نهج البلاغه، خطبه 176
- نهج البلاغه، خطبه 167
- الکافي، ج 2، ص 602
- سوره بني اسرائيل آية 88
- سوره هود آية 13
- سوره بقره آية23
- سورت حجر آية94
- آموزش علوم قرآني ، آيت الله هادي معرفت، ص20 ۽ 21
- ساڳيو ص 21