مولا حسين عليه السلام ۽ سندس عظيم انقلاب
2025/02/02مولا حسين عليه السلام ۽ سندس عظيم انقلاب
*نظير احمد بهشتي
انساني تاريخ اڻ ڳڻيا انقلاب پنھنجي سيني ۾ سانڍي رکيا آھن انھن انقلابن جي تاريخ پڙھڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته ڪيتري قدر ھمت، حوصلو ۽ بيمثال جاکوڙ جو جذبو رکي انقلاب لاءِ ماحول کي موزون بڻايو ويو، پر ھڪ شيءِ جيڪا اڪثر انقلابن ۾ نمايان نظر اچي ٿي اھا ھي ته وقت جون ويرون تمام ٿوري عرصي ۾ انقلاب جي شعلن کي وسائڻ ۾ ڪامياب ٿيون ۽ انھن انقلابن جو صرف نالو باقي وڃي بچيو. پر اسان کي تاريخ انسانيت ۾ ھڪ اھڙو انقلاب به نظر ٿو اچي جنھن کي چوڏھن صديون پوريون ٿيڻ واريون آھن ليڪن ان جا اثر ڏينھون ڏينھن گھرا ۽ ان ۾ شامل خدائي انسانن جا اعليٰ ڪردار ڏينھون ڏينھن وڌيڪ روشن ٿيندا ٿا وڃن. ھا دوستو منھنجي گفتگو جو عنوان ڪائنات جي آزاد انسانن جي اڳواڻ، رسولن جي سردار جي جگر جي ٽڪڙي، ڪائنات جي ولين جي سردار جي عظمت ڀرئي پٽ، ڪائنات جي عورتن جي سردار بيبي جي دلبند امام حسين عالي مقام عليه السلام جو عالمي انقلاب آھي. جڏھن دنيا ۾ انساني اقدار جي لتاڙ ٿي رھي ھئي، جڏھن وڏڙن جي عزت ۽ احترام جو جنازو پئي نڪتو، جڏھن معاشري براين جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿي غوطا پئي کاڌا، جڏھن انساني ھمدردي جا اھڃاڻ مٽجي رھيا ھئا، جڏھن رشتن جي سڃاڻپ ختم ٿيندي پئي وئي، جڏھن ڀلاين جي جڳھ برايون والاري رھيون ھيون، جڏھن نيڪيون نالي ماتر وڃي بچيون ھيون، جڏھن دين محمدي کي رانديڪو سمجھي ان سان کيڏيو پئي ويو، جڏھن ھڪ زاني، شرابي، جواري، بيضمير ۽ بدبخت انسان جي ھٿن ۾ امت مسلمه جي حڪمراني جون واڳون ڏنيون ويون، جڏھن حق ۽ سچ چوڻ جي سزا زندگيءَ تان ھٿ کڻڻ وڃي بچي ھئي ته اھڙي ماحول ۾ علي ۽ زھرا جي پاڪ جھولي ۾ پليل، رسول جي ٻچڙي، جنت جي جوانن جي سردار اھي جملا چئي پنھنجي عظيم انقلاب جو آغاز ڪيو ته: إِنّی لَمْ أَخرُجْ أَشِراً و لا بَطَراً و لا مُفْسِداً و لا ظالِماً، إِنَّما خَرجْتُ لِطَلَبِ إلاصلاحِ فی أُمَّةِ جَدّی، أُُریدُ أنْ آَمُرَ بالمَعروفِ و أنهی عَنِ المنکَرِ وَ اَسیرُ بِسیرَةِ جَدّی و أبی ؛ آئون پنھنجي نالي روشن ڪرڻ، خودخواھي، فساد برپا ڪرڻ ۽ ظلم ڪرڻ لاءِ ناھيان نڪتو، آئون ته صرف ۽ صرف پنھنجي نانا جي امت جي سڌاري لاءِ نڪتو آھيان، آئون ڀلاين جو حڪم ڏيڻ ۽ براين کان روڪڻ چاھيان ٿو ۽ پنھنجي بابي ۽ ناني جي سيرت جو پابند آھيان. ۽ پنھنجي مقصد کي وڌيڪ روشن ڪرڻ خاطر فرمايو تہ: اِنْ کَانَ دِيْنُ مُحَمَّد لَمْ يَسْتَقِمْ اِلَّا بِقَتْلِيْ فَيَاسُيُوفُ خُذِيْنِيْ، جيڪڏھن نانا محمد جو دين منھنجي جان قربان ڪرڻ کانسواءِ نه ٿو بچي ته اي تلوارؤ مون حسين جو پورو بدن حاضر اٿؤ. معاشري ۾ ٻيھر انسانيت جو روح ڦوڪڻ خاطر، ڀلاين جو ماحول جوڙڻ خاطر، نيڪين کي رواج بخشڻ خاطر پنھنجي اھل و عيال ۽ مختصر لشڪر سميت ظالم حڪمران جي سامھون سينو تاڻي، ايندڙ نسلن تائين اھو پيغام پھچايو ته قيامت تائين ايندڙ انسانن مان حسيني ھجڻ جو اعزاز صرف اھو ماڻيندو جيڪو باطل حڪومت، ظلم، ڏاڍ ۽ بي ديني خلاف پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائيندو.سندس مختصر لشڪر جو ھر سپاھي اعلي انساني صفتن ۽ ڪمالات جو مجسمو ھئو، ھڪ ھڪ سپاھي جي قرباني کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪيئي قلم ۽ ڪاغذ درڪار آھن. ڇا ته انھن جي صداقت ۽ ايمانداري ھئي، ڇا ته انھن جي شجاعت ۽ دليري ھئي، ڇا ته انھن جي محبت ۽ ملنساري ھئي، ڇا ته انھن جو اخلاص ۽ وفاداري ھئي، اھي ڄڻ ته ھن دنيا جا ماڻھو نه ٿي لڳا جن ھڪ ڏينھن ۾ ڪائنات کي اھڙا سبق ۽ اعلي انساني اصول سيکاريا، جيڪي صدين تائين، بلڪه لفظ مٽائي چوان ته قيامت قائم ٿين تائين ڀلائي ۽ نيڪي جي ڳولائو انسانن لاءِ آسرو، اميد ۽ رستي جي رھنما طور موجود رھندا. پوءِ اھو ڪھڙو سبب ھئو جو امام حسين عالي مقام عليه السلام جي انقلاب کي اھو رتبو مليو جيڪو رتبو ڪو به عالمي انقلاب حاصل نه ڪري سگھيو؟ عزيزؤ! جيڪڏھن غور ڪجي ته سبب سامھون موجود آھي. اھو ھي ته امام ۽ سندس ساٿي ھن دنيا جا انسان نه ھئا انھن جو ازل کان وٺي ابد تائين ھدف ۽ مقصد صرف ڪائنات جي سرجڻھار کي سجدو ڪري سندس عظمت کي آشڪار ڪرڻ ھئو، انھن پنھنجي زندگي جو مقصد صرف الله خاطر جيئڻ، ان لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ان جي ذڪر ۽ نالي کي باقي رکڻ لاءِ پنھنجو ھڙ لٽائڻ ۽ قربان ڪرڻ کي قرار ڏنو. جڏھن انسان خدا جي عشق جي ان مرحلي تي پھچي وڃي جو چيو وڃي ته ھي الله سائين جي ذات ۾ فنا ٿي ويو آھي ۽ الله سائين خاطر ئي باقي رھن چاھي ٿو ته خالق ڪائنات زمين ۽ زمان کي سندس تابع ٿو بڻائي ڇڏي، سال ۽ صديون ته ڇا پر جيستائين زمين ۽ زمان باقي ھوندا الله سائين انھن کي پنھنجي اھڙن عاشقن ۽ پيارن ٻانھن جي ذڪر سان ڀري ۽ معطر ڪري ڇڏيندو ۽ ڇو نه ڪري؟ ڀلا اھو ڪھڙو امتحان آھي جيڪو مولا حسين عليه السلام ۽ سندس وفادار ساٿين نه ڏنو، اھا ڪھڙي مصيبت جيڪا خدا جي ھنن عاشقن کلندي مسڪرائيندي قبول نه ڪئي.دنيا ۾ جڏھن ڪنھن انسان تي سختي ايندي آھي ته ان جون خوشيون ختم ٿي وينديون آھن، سندس چھري جو رنگ لھي ويندو آھي ۽ سندس پوري وجود مان پريشاني جا آثار نمايان نظر ايندا آهنپر تاريخ گواھ آھي ته امام حسين عليه السلام ۽ سندس اصحاب تي جيئن جيئن سختي وڌندي وئي تيئن تيئن سندن چھرن جي رونق وڌندي وئي ۽ ڇو نه وڌي جو انھن کي اھا معرفت ھئي ته ھن عارضي دنيا جي قيد کان آزاد ٿي ٻاجھاري ۽ مھربان پالڻھار سان ملاقات جو مزو ماڻڻ وارا آھن.عاشور جي رات امام حسين عليه السلام ڏيئا وسائي اعلان ڪيو ته اوھان جي جنت محفوظ آھي يزيد ۽ ان جا موڪليل سپاھي منھنجي خون جا پياسا آھن تنھن ڪري مون اوھان تان پنھنجي بيعت جو بار لاھي ڇڏيو آهي اوھان رات جي انڌيري جو فائدو وٺي ھتان ھليا وڃو؟ پر تاريخ مولا حسين جي جانثار ساٿين جا جواب پنھنجي سيني ۾ سانڍي رکيا آھن ته انھن ڪھڙي ريت امام حسين عليه السلام سان پنھنجي عشق جو اظھار ڪيو. مولا تو کي ڇڏي جنت ۾ وڃون؟ اھو ٿي ئي نه ٿو سگھي. اي آقا ھي ته ھڪڙي جان آھي جي الله اسان کي ھزار جانيون ڏئي ھا ۽ ھر ڀيري اسان کي قتل ڪري، ساڙي ۽ جسم جا ٽڪڙا ٽڪڙا به ڪيو وڃي ھا ته به تنھنجي مدد کان ھٿ نه کڻون ھا، تو کي اڪيلو نه ڇڏيون ھا. ھر ڀيري توتان سر صدقو ڪيون ھا. اھڙيون عظيم عورتون تاريخ جي ڪنھن موڙ تي نه ملنديون جيڪي پنھنجي جگر جي ٽڪڙن کي رات جو امام حسين عليه السلام تان قربان ٿيڻ جا درس ڏينديون رھيون ۽ عاشور جي ڏينھن پنھنجي ھٿن سان انھن کي سجائي ميدان ڏانھن موڪلينديون رھيون ته وڃو وڃي مولا تي پنھنجي جان نڇاور ڪيو. ٻار ھجن توڙي نوجوان، جوان ھجن توڙي پوڙھا، مرد ھجن توڙي خواتين، ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه السلام جو ھر سپاھي دنيا وارن کان نرالو نظر ٿي آيو. ھر ھڪ جي خواھش ھئي ته سڀ کان اڳ مان پنھنجي مولا تان فدا ٿيان. ان ڪري ئي آزادن جي اڳواڻ امام حسين عليه السلام اھو اعلان ڪيو ته مان پنھنجي اصحاب کان بھتر ۽ وڌيڪ وفادار ڪنھن کي نه ٿو ڄاڻيان. اھڙن ڀلارن ۽ وفا جي پيڪرن جو ئي ڪمال ھئو جو ھر زماني ۾ ڪربلا وارا ئي حق جو اھڃاڻ رھيا آھن. جيڪو به ڪربلا وارن ۽ ڪربلائي فڪر جي مقابلي ۾ آھي اھو سراسر باطل آھي. الله سائين کان دعا آھي تہ اسان کي زندگي ۾ مولا حسين عليه السلام جي محبت، سندس اطاعت وسيلي پنھنجي زندگي ۾ خوشبوء ڦھلائڻ ۽ آخرت ۾ سندس شفاعت وسيلي ابدي سعادت نصيب فرمائي.