وسيلي جي شرعي حيثيت
2025/05/28علامه سيد مرتضى عسڪري
سنڌيڪار: وسيم رضا سبحاني
ڪن مسلمانن جو رايو آهي ته نبي سڳورن سان واڳيل شين کي برڪت ڀريو ڀانئڻ ۽ سندن پاڪ قبرن جي ڀر ۾ نماز پڙهڻ سندن مقبرا اڏائڻ شرڪ آهي ۽ سندن ميلاد ملهائڻ ڏوھ ، حرام ۽ بدعت آهي قصو ڪوتاھ الله سائين جي درٻار ۾ غير خدا کي وسيلو ۽ ڀرجھلو قرار ڏيڻ شرڪ آهي ۽ پاڻ سڳورن جي ظاهري وصال کان پوءِ کين وسيلو ۽ شفيع سمجھڻ ، اسلام جي مخالف آهي .
جڏهن ته مسلمانن جي ان ٽولي جي مقابلي ۾ مسلمانن جي گھڻائيءَ ان راءِ کي غلط قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي راءِ جي پختگيءَ لاءِ هيٺيون ثابتيون پيش ڪيون آهن .
پاڻ سڳورن سان واڳيل شيون برڪت ڀريون آهن
حديث جي مڙني ڪتابن ۾ متواتر حديثون نقل ٿيل آهن ته صحابي سڳورا پاڻ سڳورن 8جي زماني ۾ سندن وجود سان واڳيل شئين کي برڪت ڀريون شيون سمجھندي انهن مان فيض ۽ شفا پرائيندا هئا ۽ ان ئي سيرت کي پاڻ سڳورن8 جي ظاهري وصال کان پوءِ به جاري ۽ ساري رکيائون . هت مٿين ڳالھ جي ثابتيءَ لاءِ ڪجھ دليل پيش ڪجن ٿا .
پاڻ سڳورن8 جي آب دهان ( وات جي پاڻيءَ) کان برڪت ڳنهڻ
صحيح بخاري(1) ۾ سهل پٽ سعد کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن8 خيبر واريءَ لڙائيءَ ۾ فرمايو: “ سڀاڻي هيءُ عَلم ان کي عطا ڪندس جنهن جي هٿن سان الله
پاڪ خيبر جو در کوليندو ( يعني فتح ڪندو) ۽ هو الله ۽ ان جي رسول سان محبت ڪندڙ
هوندو ۽ الله ۽ ان جو رسول به کيس ڀائين ٿا .”
راوي چوي ٿو سڀني ماڻهن اها رات وڏي اڻتڻ ۽ اوسيئڙي ۾ گذاري ته سڀاڻي عَلَم ڪنهن کي ملندو ؟ صبح ساڻ ئي صحابي سڳورا ، پاڻ
سڳورن8 وٽ آيا ، دل ۾ رڳو اها آس هين ، شل عَلَم اسان کي ملي ، ايتري ۾ پاڻ سڳورن جو آواز آيو ، عليA ڪٿي آهي ؟ جواب ڏنائون يارسول الله عليA کي اکين ۾ ڏاڍي تڪليف آهي سوپنهنجي خيمي منجھ آرامي آهن ، پاڻ سڳورن8 ماڻهو موڪليو ته وڃ عليA کي سڏي اچ، عليA آيا ، پاڻ سڳورن8 پنهنجي آبِ دهان سان سندن اکين کي شفا ڏني ۽ شفا به اهڙي جو ڄڻ عليA کي اکين ۾ تڪليف هئي ئي ڪانه (2)
اهائي روايت صحيح مسلم (3)۾ سلمة پٽ اڪوع کان هن ريت نقل ٿيل آهي، چوي ٿو عليءَA وٽ آيس کيس اکين ۾ تڪليف هئي پاڻ سان گڏ پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ وٺي آيومانس پاڻ8 پنهنجي آب دهان سان عليءَA جي اکين جي سور کان شفا ڏني ۽ کيس عَلم سونپيو.
پاڻ سڳورن8 جي وضوءَ مان فيض ۽ برڪت حاصل ڪرڻ .
صحيح بخاريءَ ۾ انس پٽ مالڪ کان روايت نقل آهي ، انس پٽ مالڪ چوي ٿو : “ ٽيپهريءَ واري نماز جي مهل ٿي وئي ، صحابي سڳورا وضو ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي ڳولها ۾ هيڏي هوڏي ڀڳا ، پر پاڻي هٿ نه آيو، پاڻ سڳورا8 وضوءَ لاءِ ڀريل ٿانءُ کڻي آيا جنهن ۾ سندن هٿ مبارڪ پيل هيو ۽ ماڻهن کي چيائون ، اچو وضو ڪريو ( مالڪ چوي ٿو) اوچتو ڇا ڏسان ته ،پاڻي پاڻ سڳورن8 جي آڱرين مان ائين پيو وهي ڄڻ چشمو ڦٽي پيو هجي ، سڀني ماڻهن مزي سان وضو ڪيو .(4)
هڪ ٻي روايت جابر پٽ عبدالله کان نقل ٿيل آهي ، چوي ٿو : آئون پاڻ سڳورن8 سان گڏ هيس ته ٽيپهريءَ جي مهل ٿي وئي ، اسان وٽ ٿورڙو پاڻي هيو جيڪو ٿانوَ ۾ وجھي پاڻ سڳورن8 جي خدمت ۾ پيش ڪيوسين ، پاڻ8 ان ٿانءَ ۾ هٿ وجھي آڱريون کولي ڇڏيائون ۽ فرمايائون ، وضو ڪرڻ وارا جُود ڪيو ڌڻي پاڪ برڪت ڏيندو (جابر چوي ٿو) اوچتو ڏٺم ته پاڻي سندن آڱرين مان وهي رهيو آهي ، ماڻهن وضو ڪيو، ڍؤ سان پيتو . اهو معجزو مون لاءِ ايترو ته اثرائتو ٿيو جو، هر طرح جو شڪ ۽ ٻڏتر ميسارجي وئي ۽ سمجھي ورتم ته برڪت ان کي چئبو آهي ( ڪن ماڻهن) جابر کي چيو ته ان ڏهاڙي اوهان ڪيترا ماڻهو هيو؟ وراڻيائين ته هڪ هزار چار سؤ . هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته پنج سؤ ماڻهو هئا .(5)
پان سڳورن8 جي وارن کان برڪت ۽ شفا ڳنهڻ
مسلم پنهنجي صحيح ۾ روايت نقل ڪري ٿو ته : “ پاڻ سڳورا8 مِنى ۾ آيا رمي جمرات ۽ قرباني ڪرڻ کان پوءِ ، پنهنجا وار ڪوڙائي ماڻهن ۾ ونڊيائون ”
ٻي روايت ۾ چوي ٿو : حجم کي گھرائي پنهنجا وار ڪوڙائي ابو طلحه کي ڏنا ، راوي چوي ٿو ابو طلحه، وار ماڻهن ۾ ونڊي ڇڏيا .(6)
۽ پڻ مسلم ، انس پٽ مالڪ کان روايت ڪري ٿو ته انس چيو : پاڻ سڳورن8 کي ڏٺم ته پنهنجا وار پئي ڪوڙايائين ۽ صحابي سڳورا سندن چوڌاري بيٺا هئا ، جيئن ئي وار ڪريا پئي تيئن ئي ڪنهن صحابي سڳوري جھٽي ٿي ورتا (7)
اسد الغابه وارو خالد پٽ وليد جي باري ۾ لکندي بيان ڪري ٿو : خالد پٽ وليد ، جنهن ايرانين ۽ رومين سان لڙائيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ، دمشق جي سوڀ ۾ پنهنجي جنگي خُود ( جنگ واري ٽوپلي) ۾ پاڻ سڳورن8 جو وار رکيو هيو ۽ ان وار جي مهابي سوڀ ۽ فتح منديءَ جي آرزو رکندو هيو ۽ سدائين سوڀارو ٿيندو هيو ۽ اهڙيءَ ريت خالد پٽ وليد جي باري ۾ اصابه ۽ مستدرڪ حاڪم ۾ بيان ٿيل آهي ته : يرموڪ واري لڙائيءَ ۾ خالد پٽ وليد جو جنگي خود ( جنگ وارو ٽوپلو) وڃائجي ويو ، حڪم ڏنائين ته اهو ڳولي اچو ، پهريائين نه لڌو پر پوءِ لڀي ويو ، جڏهن لڌو ته ڇا ڏسن هڪ پراڻو جنگي خود آهي تنهن تي خالد چيو : پاڻ سڳورن8 جنهن سال عمرو ڪيو ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙايائون ماڻهو سندن وار ميڙڻ ۾ لڳي ويا ، مون به سندن پيشانيءَ وارا وار کڻي پاڻ وٽ سانڊي رکيا ، جيڪي ان ٽوپلي ۾ هنيا اٿم، هاڻي جڏهن به ڪنهن لڙائيءَ ۾ اهو جنگي خود ساڻ هوندو اٿم ته سوڀ ماڻيندو آهيان (8)
صحيح بخاريءَ ۾ روايت نقل ٿيل آهي ته
بيبي امّ سلمه وٽ پاڻ سڳورن8 جي وارن منجھان ڪي وار سانڊيل هئا ، جڏهن به ڪنهن کي نظر لڳندي هئي ته پاڻيءَ جو ڀريل ٿانءُ بيبي سڳوريءَ ڏي موڪليندا هئا ته جيئن ، اهي وار ان پاڻيءَ ۾ وجھي ۽ نظر لڳل کي شفا ملي (9)
عبيده چوي ٿو : مون وٽ پاڻ سڳورن8 جي هڪ وار جو هجڻ سڄي دنيا ۽ جيڪي ڪجھ ان ۾ آهي ، ان جي هجڻ کان وڌيڪ ڀلو آهي (10)
پاڻ سڳورن8 جي ڪپڙن کان برڪت ۽ شفا ڳنهڻ
حضرت ابوبڪر جي نياڻي اسماء جي خادم جو چوڻ آهي ته ، منهنجي سائڻ اسماء مون کي هڪ جُبو ۽ ساون ٽڪن سان وڏو منهن ڍڪڻ وارو ڪپڙو (مفلر) ڏيکاريو ۽ چيائين ته هي جُبو پاڻ سڳورا8 اوڙهيندا آهن ۽ اسان اهو ڌوئي ان مان شفا ڳنهندا آهيون (11)
صحيح مسلم ۾ آهي ته هي پاڻ سڳورن8 جو پيراهڻ آهي تنهن کان پوءِ هڪ ڊگھو پيراهڻ ٻاهر ڪڍيائين ، جنهن جي بٽڻ واري جاءِ تي حرير ۽ ديباچ لڳل هيو چيائين : هي پيراهڻ بيبي عائشه وٽ رکيل هيو ايستائين جو سندس هن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو ان کان پوءِ اهو پيراهڻ مون کي مليو ، پاڻ سڳورا8 اهو اوڙهيندا هئا ۽ اسان ان کي ڌوئي ان جي وسيلي بيمارن کي شفا ڏيندا هئاسين (12)
پاڻ سڳورن جي تير کان برڪت ۽ شفا ڳنهڻ
پاڻ سڳورن پنهنجي سپاهين سان گڏ حديبيه جي پڇڙيءَ وٽ هڪ ٿورڙي پاڻيءَ واري کوھ وٽ بيٺا ماڻهو کوھ ڏي وٺي ڀڳا ۽ تڙتڪڙ ۾ پاڻي ڪڍڻ لڳا ۽ پاڻي ختم ٿي ويو . ٿوري دير مس گذري ته پاڻ سڳورن8 وٽ اڃ جي دانهون ڪندا آيا ، پاڻ سڳورن8 تيرن جي ڇليءَ مان تير ڪڍي کين فرمايو : هن کي کوھ ۾ وجھو ، ته پوءِ خدا جو قسم ڇا ڏسن ته پاڻي کوھ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو، مڙني ڍؤ تي پاڻي پيتو تنهان پوءِ اتان ڪوچ ڪيائون(13)
جنهن جاءِ تي پاڻ سڳورن هٿ گھمايو ، اتان برڪت ۽ شفا ڳنهڻ
اصابه ۽ مسند احمد ۾ حنظله جي باري ۾ بحث ڪندي هڪ روايت نقل ڪئي اٿائون ، اسان ان جو خلاصو ۽ تت پيش ڪريون ٿا .
حنظله چوي ٿو : منهنجو ڏاڏو مون کي پاڻ سڳورن8 جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽ پاڻ سڳورن8 کي چيائين مون کي وڏا ننڍا پٽ آهن ۽ هي سڀني کان ننڍو آهي ، هن لاءِ دعا ڪريو، پاڻ سڳورن8 منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندي فرمايو: شل ڌڻي پاڪ تنهنجي سعادت ۽ ڪاميابيءَ ۾ واڌارو ڪري يا(هن ريت فرمايو) هي سعادتمند ۽ ساڃھ وارو آهي . راوي چوي ٿو: پنهنجي نور مٺي سان ڏٺم ته ، منهن سُڳل بيمار يا سُڳلن ٿڻن وارا جانور حنظله وٽ آڻيندا هيا ، هو به پنهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندو هو ۽ چوندو هو ته هيءَ اها جاءِ آهي جتي پاڻ سڳورن8 جو هٿ ڦريو هو ، تنهان پوءِ سڳل جاءِ تي هٿ گھمائيندو هو، راوي چواڻي: اها سوڄ ختم ٿي ويندي هئي .(14)
اصابه ۾ هن ريت نقل ٿيو آهي :
حنظله بسم الله پڙهي، پنهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندو هو، جتي پاڻ سڳورن8 هٿ گھمايوهو تنهان پوءِ سڳل جاءِ تي هٿ گھمائيندو هو ۽ سوڄ ختم ٿي ويندي هئي .
حقيقت اها آهي ته برڪت ۽ شفا پاڻ سڳورن8 جي چوڌاري ائين پکڙيل هوندي هئي جيئن ڪرڻا سج جي چوڌاري هوندا آهن ، پوءِ پاڻ سڳورن8 جو ننڍپڻ هجي يا جواني پاڻ8 سفر ۾ هجن يا گھر ۾، رات هجي يا ڏينهن، برڪت ۽ شفا سندن وجود کان ڪڏهن به جدا ناهي ٿي .
پاڻ8 بيبي حليمه سعديه جي جھوپڙيءَ ۾ هجن يا شام ڏي واپار سانگھي ويا هجن ، امّ معبد جي گھر هجرت واري ڏينهن هجن، يا مديني ۾ رهبري ۽ سرواڻيءَ واري لباس ۾ هجن، برڪت ۽ شفا سندن پويان پويان هئي.
اها ڳالھ به پڌري آهي ته جيڪي هت بيان ڪيو آهي درياءَ مان قطري برابر آهي اسان ۾ سگھ ئي ڪونهي ته سندن مڙني برڪتن ۽ معجزن کي قلم ۾ بند ڪري سگھون، البته جيڪي اسان بيان ڪيو آهي انصاف پسند ۽ آگاھ دل رکندڙ انسان لاءِ ڪافي آهي. اسان ٻئي ڀاڱي ۾ پاڻ سڳورن8 کي ڌڻيءَ دربار وسيلو ۽ شفيع قرار ڏيڻ جي موضوع تي بحث ڪنداسين ۽ آخر ۾ پاڻ سڳورن8 جي صفتن ۽ ٻين ماڻهن کان مٿانهين مرتبي واري موضوع تي ڪي اشارا ذڪر ڪبا .
پاڻ سڳورن8 کي وسيلو قرار ڏيڻ
پاڻ سڳورن8 کي ڌڻيءَ درٻار وسيلو بنائڻ جائز آهي، ان راءِ واري عالمن جو چوڻ آهي ته ، پاڻ سڳورن8 جي ظاهري خلقت کان اڳ ئي سندن ذات والا مقام کي وسيلو قرار ڏنو ويندو هو ۽ پڻ سندن زندگيءَ دوران يا زندگيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورن جي عالي قدر ذات ڌڻيءَ پاڪ جي راضپي حاصل ڪرڻ جو نهايت اهم ذريعو آهي اسان هت ڪي ثابتيون پيش ڪريون ٿا .
پاڻ سڳورن8 جي ظاهري خلقت کان اڳ کين وسيلو قرار ڏنو ويو:
ڪن حديثن جي روايت ڪندڙن راوين جهڙوڪ حاڪم نيشاپوري پنهنجي ڪتاب مستدرڪ حاڪم ۾ حضرت عمر پٽ خطاب کان روايت نقل ڪئي آهي :
حضرت آدمA کان جڏهن اها چُڪ ٿي ته ڌڻي پاڪ در ٻاڏائيندي عرض ڪيائين “ اي منهنجا نپائڻهار، محمد8 ۽ سندس آل G جي مهابي مون کي بخش . خدا جو آواز آيو : اي آدمA تو محمد8 کي ڪيئن سڃاتو؟ جڏهن ته اڃان ان کي ( ظاهري لحاظ کان) خلق ئي ناهي ڪيو.
عرض ڪيائين : اي منهنجا نپائڻهارجڏهن تو مون کي پنهنجي قدرت سان خلق ڪيو ۽ پنهنجو روح ڦوڪيو ، ته جيئن مان منهن مٿي ڪيو عرش جي پاوَن تي هي اکر چٽيل ڏٺم “ لاالٰه الاّ الله محمد رسول الله ” اتان خبر پئي ته رب پاڪ پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجي محبوب کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو نالو نه ٿو لکي سگھي
خدا فرمايو: آدم حق چئي ! اهو منهنجو سڀني کان وڌيڪ محبوب ٻانهو آهي، مون کي ان جي وسيلي سڏ ڪيو اٿئي ، مان به تو کي بخشي ڇڏيو ۽ ها (ياد رک) جيڪڏهن محمد8 نه هجي ها ته توکي خلق ئي نه ڪريان ها .
ان حديث کي طبراني پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيو آهي ، البته هنن لفظن جي واڌاري سان “ ۽ اهو تنهنجي نسل مان آخري رسول هوندو.”(15)
هيٺين آيت شريف جي تفسير ۾
وَلَمَّا جَاءهُمْ كِتَابٌ مِّنْ عِندِ اللّهِ مُصَدِّقٌ لِّمَا مَعَهُمْ وَكَانُواْ مِن قَبْلُ يَسْتَفْتِحُونَ عَلَى الَّذِينَ كَفَرُواْ فَلَمَّا جَاءهُم مَّا عَرَفُواْ كَفَرُواْ بِهِ فَلَعْنَةُ اللَّه عَلَى الْكَافِرِينَ (بقره، آيت 89)
ترجمو: جڏهن وٽن الله کان اهڙو ڪتاب آيو جو سندن ڪتاب جي تصديق ڪندڙ هو ۽ ان کان اڳ ته پاڻ به ڪافرن تي فتح جون دعائون گھرندا هئا پر جڏهن وٽن اهو آيو جو سڃاتائون به پئي وري به ڪافر ٿيا ، ته بس ڪافرن تي ڦٽڪار آهي .
حديث ۽ تفسير جي عالمن هن روايت کي نقل ڪيو آهي ته :
مديني ۽ خيبر جا يهودي پاڻ سڳورن8 جي بعثت کان اڳ جڏهن به پنهنجي پاڙيسرن عربن ۽ پنهنجي ئي اوس ۽ خزرج قبيلي جي مشرڪن سان جنگ ڪندا هئا ته، پاڻ سڳورن8 جي نالي جي برڪت سان مٿن سوڀارا ٿيندا هئا ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ دعا ڪندي چوندا هئا “ اي اسان جا نپائڻهار پنهنجي امّي نبي8 جي مهابي اسان کي مٿن سوڀارو ڪر” يا چوندا هئا “ اسان جا نپائڻهار پنهنجي نبيءَ8 جي مبارڪ نالي جي صدقي ۾ اسان کي مٿن سوڀ عنايت ڪر.”
پر جڏهن منجھن اهو ڪتاب (قرآن مجيد) جيڪو توريت ۽ انجيل جي تصديق ڪندڙ هو، محمد8 جي وسيلي آيو ته سندس منڪر ٿي پيا ڇو جو اهو محمد8 بني اسرائيل منجھان ڪونه هو.(16)
حوالا
1) صحيح بخاري، ڪتاب المغازي، باب غزوه خيبر ۽ ڪتاب الجهاد و السير ، باب، ماقيل في لواءِ النبي ۽ باب فضل من اسلم على يديه رجل ۽ ڪتاب فضائل اصحاب النبي، باب مناقب علي ابن ابي طالب، اهڙيءَ ريت صحيح مسلم ، ڪتاب فضائل الصحابه باب من فضائل علي ابن ابي طالب، سنن ترمذي ڪتاب المناقب، باب علي ابن ابي طالب .
2) صحيح بخاري، باب دعاء النبي الى الاسلام ج 2 ص 107
3)صحيح مسلم ، ڪتاب الجهاد و السير ، حديث 132
4) صحيح بخاري، ڪتاب الوضوء، باب التماس الوضوء اذا ڪانت الصلاة ج1 ، ص 31
5) صحيح بخاري، ڪتاب الاشربة ، باب شرب البرڪة والماء المبارڪ ج 3 ص219 ، سنن نسائي ڪتاب الطهارة، باب الوضوء من الاناء ج1 ص 25 ، مسند احمد ج1 ص 402 ، سنن دارمي ،عبدالله پٽ عمر کان روايت ، باب ما اڪرم الله النبي من تفجر الماء من بين اصابه ج1 ص 15
6) صحيح مسلم ،ڪتاب الحج ، باب انّ السنة يوم النحران يرمي ثم ينحر ثم يحلق ، حديث 323 ۽ 326 ، سنن ابوداؤد ، ڪتاب المناسڪ باب الحلق و التقصير حديث 1981 ، طبقات ابن سعد ج1 ص 135 ، مسند احمد ج3 ص111 ،137،146، 208، 214، 239، 256، 287، ۽ ج4 ص 42 مغازي واقدي ،ص 429 .
7) صحيح مسلم ، ڪتاب الفضائل ، باب قرب النبي من الناس و تبرڪهم به حديث 84 ص1812 .
8) مستدرڪ حاڪم، ڪتاب معرفة الصحابه ، باب مناقب خالد بن وليد ج 3 ص299 ،ان روايت جو تتُ منتخب ڪنزالعمال جيڪو مسند احمد جي حاشيه تي آهي ان ۾ به نقل ٿيو آهي ، ج 5 ص 178 ، تاريخ ابن ڪثير ج 7 ، ص 113 .
9) صحيح بخاري، ڪتاب اللباس، باب مايذڪر في الشيب ج 2 ص 27 هت روايت جو تتُ نقل ڪيو آهي .
10)طبقات ابن سعد ، ج6 ص 63 ، صحيح بخاري، ڪتاب الوضوء ،باب الماء الذي يغسل به شعر الانسان ج1 ص 31 .
11) مسند احمد ج6 ص 348 ، تاريخ الاسلام ذهبي (السيرة النبوية) ص 503 ، السيرة النبوية والآثارالمحمدية ، ٻيون ڇاپو بيروت دار المعرفة ج2 ص 225
12) صحيح مسلم، ج3 ص 161 ، ڪتاب اللباس و الزينة ، باب تحريم استعمال اناء الذهب والفضة حديث 2069 .
13) صحيح بخاري، ڪتاب الشروط، باب الشروط في الجهاد والمصالحة مع اهل الحرب ج2 ص81 ، ڪتاب المغازي ،باب غزوة الحديبيه ، طبقات ابن سعد ج3 ص 29 ۽ ج1 ڀاڱو پهريون ص 118 ، مغازي واقدي ص 247 .
14) مسند احمد، ج5 ص68 ، وڌيڪ تفصيل حنظله پٽ حذيم پٽ حنيفيه جي حالات پٽاندڙ ، اصابه ۾ ڏسو .
15) مستدرڪ حاڪم، ج 2 ص 615 ، مجمع الزوائد ج 8 ص 253 تحقيق النصرة ، مراغي (6/8 ھ) ص 113 /114
16) مٿين روايت مضمون جي اعتبار سان متواتر آهي ۽ هنن ڪتابن ۾ وارد ٿي آهي .
دلائل النبوة ، بيهقي ص 343،345 ، تفسير طبري ، تفسير نيشاپوري ، تفسير درالمنثور ، سيوطي، تفسير محمد بن عبد حميد ، تفسير ابن ابي حاتم رازي ، تفسير محمد بن ابراهيم بن المنذر نيشاپور، مٿين آيت جي تفسير ۾.