جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

وفا جو پيڪر، علمدار حسين، حضرت عباس عليه السلام

فونٽ جو اندازو :
2025/02/02

وفا جو پيڪر، علمدار حسين، حضرت عباس عليه السلام
نظير احمد بهشتي


تاريخ انسانيت ۾ هميشه کان حق ۽ باطل برسر پيڪار رهيا آهن، سال 61 هجري ۾ ڪربلا ۾ حق ۽ باطل جو اهڙو معرڪو وجود ۾ آيو جنهن حق کي هميشه لاءِ سربلند ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ هڪ پاسي دين ۽ شريعت جو محافظ، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جو ٻچڙو امام حسين عليه السلام پنهنجي اهل، اولاد ۽ اصحاب کي وٺي نانا جي دين کي بچائڻ لاءِ ڪربلا کي سجايو ته ٻئي پاسي يزيد ملعون جو لشڪر، عمر بن سعد ملعون جي سربراهي ۾ ظلم ۽ بربريت جي تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ ميدان ڪربلا ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي آل ۽ اولاد جو گهيرو ڪري، انهن تي پاڻي بند ڪري، انهن تي طرحين طرحين ظلم ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو.
امام حسين عليه السلام جي لشڪر جو هر فرد، الله سائين جي معرفت ۽ عبادت، شجاعت ۽ دليري، وفاداري ۽ شهادت جي شوق، صبر ۽ بردباري، ايثار ۽ فداڪاري جي جذبي سان سرشار هئو، اهي صفتون جنهن شخصيت ۾ اتم ۽ اعلي درجي تي موجود هيون، اها شخصيت حضرت عباس بن علي عليه السلام جي شخصيت آهي.
حضرت عباس بن علي عليه السلام، امام حسين عليه السلام جي مختصر لشڪر جو سربراه ۽ علمدار هئو، جنهن دليري، وفاداري ۽ پنهنجي ڀاءُ، حق جي امام مٿان فداڪاري جو اهڙو عظيم مثال قائم ڪيو جو سندس نالو هميشه لاءِ وفا سان هڪ ٿي ويو، اڄ جڏهن به وفا جو ذڪر ٿيندو آهي ته فورن ذهن ۾ عباس علمدار عليه السلام جو نالو اچي ويندو آهي. حضرت عباس عليه السلام هڪ عالم، زاهد، فقيھ ۽ پرهيزگار انسان هئا، ايترا حسين ۽ سهڻا هئا جو سندن لقب قمر بني هاشم بڻجي ويو يعني بني هاشم خاندان جو چنڊ.
ڏهين جي رات جڏهن امام حسين عليه السلام کي اهو يقين ٿي ويو ته سڀاڻي پنهنجي وفادار ساٿين، ڀائرن ۽ اهل بيت عليهم السلام سان گڏ شهيد ڪيا ويندا ته پنهنجي سڀني اصحاب کي گڏ ڪري چيو: رات جي اونداهي جو فائدو وٺي اوهان هتان هليا وڃو، الله سائين اوهان کي ڀلو اجر عطا فرمائي.
انهن مان ڪو به نه ويو، بلڪه پنهنجي جاءِ تان چريو ئي نه ۽ پنهنجي جاءِ تي خيمي ۾ موجود رهيو. امام حسين عليه السلام جي تقرير ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان قمر بني هاشم حضرت عباس علمدار عليه السلام امام حسين عليه السلام جي چهري ڏانهن نگاه ڪندي فرمايو: لا ارانا الله ذالک ابدا يابن رسول الله، اي رسول خدا ص جا ٻچڙا! الله سائين اهڙو ڏينهن ڪڏهن به نه آڻيندو، اسان اوهان کي هرگز اڪيلو نه ڇڏي ويندا سين.
عظيم عالم شيخ مفيد رحمة الله عليه امام زين العابدين عليه السلام کان نقل ڪندي فرمائن ٿا: الله سائين منهنجي چاچا عباس تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي، جن فداڪاري ڪئي ۽ سٺي امتحان مان گزريا، پنهنجي ڀاءُ مٿان پنهنجي جان فدا ڪئي ۽ ان راه ۾ پنهنجا ٻئي هٿ قربان ڪيا، الله سائين انهن جي بدلي کيس جنت ۾ ٻه پر عطا ڪيا ته جيئن جنت ۾ ملائڪن سان گڏ حضرت جعفر طيار جيان اڏامي سگهي، بيشڪ الله سائين وٽ عباس جو اهڙو رتبو آهي جو قيامت ۾ سڀ شهيد ان رتبي ۽ مقام جي تمنا ڪندا. (بحار الانوار، ج 44، ص 98)
امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: اسان جو چاچو عباس گهري بصيرت ۽ مضبوط ايمان جو مالڪ هئو، پنهنجي ڀاءَ حسين عليه السلام سان گڏجي دشمنن سان جهاد ڪيو، ان راه ۾ سختين جو سامنو ڪيو ۽ شهادت جو جام پيتو.
جڏهن هڪ ڀيرو عمر سعد پنهنجي فوج کي حملي جو حڪم ڏنو، جيئن ئي فوجي حملي لاءِ اڳتي وڌيا ته امام حسين عليه السلام حضرت عباس کي چيو: منهنجي جان تو تان قربان! گهوڙي تي چڙهي اڳتي وڃ ۽ انهن کان پڇ ته ڇو ٿا اڳتي وڌن، جيڪڏهن ٿي سگهئي ته انهن کان هڪ رات جي مهلت وٺ ۽ جنگ کي سڀاڻي تائين موخّر ڪر ته جيئن اڄوڪي رات نماز، دعا ۽ استغفار ۾ گذاريون، الله ڄاڻي ٿو ته مون کي نماز، قرآن جي تلاوت، گهڻي دعا ۽ استغفار سان محبت آهي.
علامه مجلسي رحمة الله عليه لکن ٿا: حضرت عباس جڏهن پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام کي مصيبت ۾ گهيريل ۽ اڪيلو ڏٺو ته اڳتي وڌيا ۽ عرض ڪيائون: اي منهنجا ڀاءُ! مون کي اجازت ڏيو ته جيئن مان به ميدان ۾ وڃان. امام حسين عليه السلام اهو ٻڌي تمام گهڻو رنا ۽ پوءِ فرمايو: اي منهنجا ڀاءُ تون ته منهنجي لشڪر جو علمدار آهين، جي تون به هليون ويندين ته منهجو لشڪر ٽڙي پکڙجي ويندو. پوءِ امام حسين عليه السلام فرمايو: جي ٿي سگهئي ته هنن ٻارن لاءِ ڪجھ پاڻي جو انتظام ڪر. حضرت عباس عليه السلام ظالم يزيدي فوج جي سامهون آيو، انهن کي نصيحت ڪئي ۽ الله جي عذاب کان ڊيڄاريو، ليڪن انهن ظالمن تي ڪو به اثر نه ٿيو پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام وٽ موٽي آيا ته ٻارن جون دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌائون جيڪي العطش العطش يعني هاءِ پياس هاءِ پياس جو صدائون بلند ڪري رهيا هئا ته هڪ مشڪ کنئي، هڪ نيزو کنيو، گهوڙي تي سوار ٿي فرات جو رخ ڪيو، 80 دشمنن کي قتل ڪري فرات تائين پهتا، پاڻي ۾ داخل ٿي هڪ ٻئي فداڪاري ڪئي، شديد پياس جي باوجود به ٻڪ ۾ پاڻي ڀري امام حسين ۽ ان جي اهل بيت ۽ ٻارن جي پياس کي ياد ڪيو ۽ پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو: اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي جو منهنجو ڀاءُ حسين ۽ ان جا ٻچڙا پياسا هجن ۽ مان پاڻي پيئان. پاڻي جي مشڪ ڀري پنهنجي ڪلهن تي رکي ۽ خيمن ڏانهن روانو ٿيو، ليڪن هر طرف کان مٿس دشمنن حملو ڪندي تيرن جي برسات وسائي، جڏهن سندس پٺي تيرن سان ڀرجي وئي ته زيد بن ورقاء ۽ حڪيم بن طفيل کجيءَ جي وڻ پٺيان لڪي بيٺا، جيئن ئي حضرت عباس جو اتان گزر ٿيو ته انهن حملو ڪري سندس ساڄي ٻانهن وڍي ڇڏي، حضرت عباس پنهنجي تلوار کاٻي هٿ ۾ ڪري ورتي ۽ مشڪ به کاٻي ڪلهي ۾ وڌي ۽ فرمايو: مون کي الله جو قسم آهي جيڪڏهن اوهان منهنجي ساڄي ٻانهن وڍي آهي تڏهن به آءُ پنهنجي دين جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي امام جي حفاظت ڪندس جيڪو يقين جو مالڪ ۽ پاڪ ۽ امين نبي جو ڏوهٽو آهي.
انهي حال ۾ جنگ ڪندو رهيو ايستائين جو سندس سڄي طاقت جواب ڏئي وئي، نوفل ارزقي ۽ طفيل بن حڪيم لڪي حضرت عباس جي ٻي ٻانهن به وڍي ڇڏي ته پاڻ فرمايائون: يا نفس لا تخشي من الکفار، و ابشري برحمة الجبار، اي نفس انهن ڪافرن کان نه ڊڄ ۽ الله سائين جي رحمت تي خوشحال ٿي ته تون حسين عليه السلام جي واٽ ۾ قتل ڪيو ٿو وڃين تون کي مبارڪ هجي.
انهي حال ۾ سندس پوري ڪوشش اها هئي ته خيمن تائين پاڻي پهچي وڃي، ليڪن هڪ تير آيو جيڪو مشڪ ۾ لڳو۽ سڄو پاڻي وهي ويو ۽ ٻيو تير آيو جيڪو حضرت عباس ع جي سيني ۾ لڳو ۽ هڪ نيزو آيو جنهن حضرت عباس ع جي پوري طاقت ختم ڪري ڇڏي ۽ حضرت عباس گهوڙي جي زين تا زمين تي آيو ۽ امام حسين کي مدد لاءِ پڪاريو. امام حسين ع به پوري تيزي سان حضرت عباس جي مدد لاءِ اڳتي وڌيا ۽ پنهنجي زبان تي اهي جملا اچاريا ته: الآن انکسر ظهري، هاڻي منهنجي چيلھ ٽٽي پئي، منهنجي طاقت ختم ٿي وئي، منهنجون اميدون ٽٽي ويون. امام حسين عليه السلام پهتا ته حضرت عباس آخري پساهن ۾ هئو انهن جو سر پنهنجي جهولي ۾ رکيو ۽ سندس ٻنهي اکين مان رت صاف ڪيو ته حضرت عباس امام حسين عليه السلام جي چهري ڏانهن ڏسي روئڻ شروع ڪيو، امام حسين ع کانئس سوال ڪيو ته: اي عباس تو کي ڪهڙي ڳالھ رئاري ٿي؟ حضرت عباس جواب ڏنو: اي منهنجا ڀاءُ، منهنجي اکين جي روشنائي مان ڪيئن نه روئان، مان هن مهل زمين تي آيو آهيان ته تو اچي ڪري مون کي پنهنجي جهولي ۾ کنيو آهي ڪجھ گهڙين کان پوءِ اواهن جڏهن گهوڙي جي زين تان زمين تي انيدؤ ته اوهان کي ڪير کڻندو ۽ اوهان جي چهري تان ڪير مٽي صاف ڪندو؟ ان مهل حضرت عباس عليه السلام شهادت جو جام پيتو.