جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

چهلم امام حسين عليه السلام جي پيدل زيارت روايتن جي روشني ۾

فونٽ جو اندازو :
2025/01/29

چهلم امام حسين عليه السلام جي پيدل زيارت روايتن جي روشني ۾

 

مقدس مقامن جي زيارت ڪرڻ عبادت جي قسمن مان هڪ عبادت آهي اهو عمل  تمام گهڻو پراڻو آهي انهن پاڪ جڳهن جي زيارت ڪرڻ وارن  مان سڀ کان پهرين ابوالبشر حضرت آدم عليه السلام آهي جنهن لاءِ نقل ٿيل آهي ته هن الله جي گهر جي زيارت لاء ِ ستر مرتبه سفر ڪيو آهي.

 جيڪڏهن ان عبادت ۾ سختيون ۽ مشڪلاتون هجن ته ان جو ثواب اڃا به وڌيڪ ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن زيارت جو مقصد ائمه معصومين عليهم السلام جا مزار هجن ۽ بالخصوص مرقد ابا عبدالله الحسين عليه السلام هجي، جيڪو سڀنن کان با فضيلت ترين مرقد آهي (1) ڇاڪاڻ ته ائمه معصومين فرماين ٿا ته: اسان سڀ جا سڀ نجات جي ڪشتي آهيون پر اسان سڀن کان حسين عليه السلام جي ڪشتي تيز ترين ڪشتي آهي.

” سفینۀ الحسین(ع) أسرع “

 اسان هن مقالي ۾ امام حسين عليه السلام جي پيدل زيارت جي حوالي سان ڪجهه روايتون ذڪر ڪنداسين جيڪي مزار امام جي زيارت جي اهميت ۽ ثواب تي مشتمل آهن:

 محبت ۾ سختين سان زيارت

عياشي معاويه عجلي کان نقل ڪندين چوي ٿو ته: مديني ۾ امام باقر عليه السلام جي بارگاهه ۾ هيس ته هڪ خراساني امام جي خدمت م آيل هو هن جا پير مٽي مان ڀريل ۽ زخمي ڏسي ڪري محسوس ٿيو ته سفر ۾ تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون اٿس.

هن شخص سلام کانپوءِ امام عليه السلام سان حالي احوالي ٿي ڪري امام کي عرض ڪيائين:

خدا جو قسم مان اوهان اهل بيت عليهم السلام جي محبت کانسواءِ ٻئي ڪنهن به شيء جي ڪري گهران ۽ شهر کان ٻاهر نه نڪتو آهيان، امام ان جي ڳالهه کي قبول ڪندين، فرمايو:

 واللّه لو احبنا حجر حشرهُ اللّه معنا و هل الدّينُ الا الحُبُ، انّ اللّه عزوجل يقولُ: إِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعُونِي يُحْبِبْكُمْ اللَّهُ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَحِيمٌ * (2) قال : يحبُون من هاجر اليهم (3) * وهل الدين الا الحُب؟(4)

خدا جو قسم جيڪڏهن پٿر به اسان سان محبت ڪندڙ هجن تڏهن به الله تعالي انهن کي اسان سان گڏ محشور ڪندو. ڇا ايمانداري ۾ محبت کانسواءِ ٻي ڪا شيء وڌيڪ آهي؟!

 بيشڪ الله سائين فرمائي ٿو ته:

(اي رسول) چؤ: جيڪڏهن خدا سان محبت ڪيو ٿا ته منهنجي پيروي ڪريو جئين الله به اوهان سان محبت ڪري ۽ خداوند متعال فرمائي ٿو ته: (مؤمن اهي آهن ) جيڪي ماڻهو انهن ڏانهن هجرت ڪري ايندا آهن ته اهي انهن سان محبت ڪندا آهن… ڇا ديانت ۾ محبت کان سواءِ ٻي ڪابه شي وڌيڪ آهي.

هر قدم ۾ حج ۽ عمري جيترو ثواب

 حسين بن اسماعيل صيمري امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته، امام فرمايو:

 مَنْ زار أمیرالمؤمنین(ع) ماشیاً کَتَبَ الله لَهُ بکُلِّ خُطْوَۀٍ حَجَّۀً و عُمْرۀً فَأِنْ رَجَعَ ماشِیاً کَتَبَ الله له بکُلِّ خُطْوَۀٍ حَجَّتَیْنِ و عُمْرِتَیْنِ(5)

 ”جيڪو به امام علي عليه السلام جي پنڌ زيارت تي ويندو آهي ته ان جي هر قدم ۾ الله تعالي هڪ حج ۽ هڪ عمري جو ثواب لکي ٿو، ۽ پيادو موٽي ته الله سائين ان جي هر قدم جو ثواب ٻن حجن ۽ ٻن عمرن جيترو ثواب لکي ٿو.“

دوزخ جي باهه ۽ زيارت جو غبار

امام صادق عليه السلام جي ڪچهري ۾ امير المومنين علي بن ابي طالب جو نالو کنيو ويو، ته هڪ شخص ”ابن مارد“ جي نالي سان پڇيو ته اي اباعبدالله! جيڪڏهن ڪو اوهان جي ڏاڏي امير المومنين جي زيارت ڪري ته ان کي ڪيترو ثواب ٿيندو؟ امام صادق عليه السلام فرمايو:

 یا ابْنَ مارِدٍ! زارَ جَدّی عارِفاً بحقّه کتبَ الله لَهُ بکُلِّ خُطْوَۀٍ حَجَّۀً مَقْبُولَۀً و عُمْرَۀ مَقْبُولۀً (مَبْرورَۀً)، والله یا ابْنَ ماردٍ ما یُطْعِمُ الله النّارَ قَدَماً اعْنَبِّرتْ فی زیارةِ امیرالمؤمنین(ع) ماشیاً کانَ اوْ راکباً، یا ابْنَ ماردٍ اکْتُبْ هذا الحَدیثَ بِماءِ الذَّهَبِ (6)

”اي مارد جا فرزند! جيڪو به منهنجي جد جي معرفت سان زيارت ڪري ته الله سائين ان کي هر قدم جي بدلي ۾ جيڪو هو زيارت لاءِ کڻي ٿو، هڪ حج ۽ عمري مقبول جو ثواب ان لاءِ لکندو آهي اي مارد جا پٽ! خدا جو قسم الله سائين ان جي غبار آلوده پيرن کي باهه تي حاوي ڪري ڇڏيندو. اهو ڀلين پيادو آيو هجي يا ڪنهن سواري تي آيو هجي، اي مارد جا فرزند! هن حديث کي سون جي پاڻي سان لکي ڇڏ.“

زيارت ۾ شهادت جيترو ثواب

صفوان جمال چوي ٿو ته: هڪ سفر دوران امام صادق عليه السلام سان گڏ ڪوفه ۾ داخل ٿياسين ته، حضرت فرمايو: اي صفوان! ڪاروان کي چئو ته بيهي رهي، هتي منهنجي جد امير المومنين علي عليه السلام جي قبر آهي . امام جي اٺ کي ويهاريم امام هيٺ لٿو ۽ غسل ڪيائين ۽ پنهنجي لباس کي تبديل ڪيو پوءِ پنهنجي جوتن کي لاهي مونکي فرمايائين ته آئون جيڪو ڪريان تون ان کي تڪرار ڪر پوءِ هڪ سفيد تپه ڏانهن روانا ٿيا ۽ مونکي فرمايائين:

قَصِّر خُطاک و ألق ذَقْنَک نحو الأرض فأنّه یُکتَب لک بکلّ خُطوۀٍ مأۀُ ألف حَسَنَۀ و یُمصی عنک مأۀُ ألفِ سیّئۀٍ و تُرفعُ لک مأۀُ ألفِ درجۀٍ و تُقْضی لک مأۀُ ألفِ حاجۀٍ و یُکتبُ لک ثوابُ کُلِّ صدّیقٍ و شهیدٍ ماتَ أو قُتِلَ ثُمّ مَشی و مَشَیْتُ معه و عَلَیْنا السکینۀُ والوَقار…(7 )

”پنهنجي وک کي هلڪو رک ۽ پنهنجي سر کي هيٺ جهڪاء، بيشڪ توهان جي هر قدم جي بدلي ۾ هڪ لک نيڪيون لکيون وينديون ۽ هڪ لک گناهن کان آجو ٿي ويندين ۽ تنهنجو رتبو هڪ لک درجا بلند ٿي ويندا ۽ تنهنجي لاءِ هڪ سچي ۽ هڪ شهيد جيترو ثواب لکيو ويندو. پوءِ امام عليه السلام به هلڻ لڳو ته مون به ان سان گڏ هلڻ شروع ڪيو.“

زيارت ۾ گناهن جو ڇوٽڪارو

 قدامه بن مالڪ امام صادق عليه السلام کان نقل ڪن ٿا ته، امام فرمايو:  

مَنْ زَارَ الْحُسَینَ مُحْتَسِباً لَا أَشِراً وَ لَا بَطِراً وَ لَا سُمْعَةً مُحِّصَتْ عَنْهُ ذُنُوبُهُ کمَا یمَضَّضُ الثَّوْبُ فِی الْمَاءِ فَلَا یبْقَی عَلَیهِ دَنَسٌ وَ یکتَبُ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ حَجَّةٌ وَ کلَّمَا رَفَعَ قَدَماً عُمْرَةٌ. (8)

 جيڪو حسين عليه السلام جي الاهي رضا خاطر ، زيارت ڪري نه پنهنجي تفريح ۽ مزي خاطر ۽ نه پنهنجي شهرت خاطر، ته الله ان جي گناهن کي ائين ڌوئي ڇڏيندو جئين پاڻي ڪپڙي کي ڌوئيندو آهي ۽ اهو پاڪ ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪابه آلودگي نه رهندي آهي. جيڪي وِک زمين ۾ رکي هوندس ان جي بدلي الله ان لاءِ هڪ حج جو ثواب لکي ڇڏيندو آهي.“

ڪامياب زوار

 حسين بن ثوير کان نقل ٿيل آهي ته امام صادق عليه السلام فرمايو:

يا حسین! انَّه مَنْ خَرَجَ مِن مَنزِله یرید زیارۀ قبر الحسین(ع) إِنْ کانَ مَاشِیاً کتِبَتْ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ حَسَنَةٌ وَ مُحِی عَنْهُ سَیئَةٌ وَ إِنْ کانَ رَاکباً کتِبَتْ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ حَسَنَةٌ وَ حُطَّ بِهَا عَنْهُ سَیئَةٌ حَتَّی إِذَا صَارَ فِی الْحَیرِ کتَبَهُ اللَّهُ مِنَ الْمُفْلِحِینَ الْمُنْجِحِینَ حَتَّی إِذَا قَضَی مَنَاسِکهُ کتَبَهُ اللَّهُ مِنَ الْفَائِزِین…(9)

اي حسين ! بيشڪ جيڪو به امام حسين ع جي قبر جي زيارت خاطر گهران نڪري ٿو، جيڪڏهن پيادو آهي ته ان جي هرهڪ قدم تي هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ هڪ گناه معاف ڪيو ويندوجيڪڏهن ڪنهن سواري سان آهي ته ان جي هرهڪ قدم ۾ ان لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ هر وک تي ان جو هڪ گناهه معاف ڪيو ويندو ۽ هر گام تي هڪ گناه ان کان پري ٿي ويندو جيستائين حائر حسيني واري دروازي تي پهچندو، ان صورت ۾ الله سائين ان شخص جو نالو سچن ۽ نجات حاصل ڪندڙن ۾ لکي ڇڏيندو، ۽ جيستائين آداب ۽ اعمال زيارت کي ختم ڪندو ته الله ان جي نالي کي ڪامياب ماڻهن جي لسٽ ۾ لکي ڇڏيندو.

حج ۽ عمره ۽ جهاد جيترو ثواب

 بشير دهان چوي ٿو ته، هڪ ڊگهي گفتگو کان پوءِ امام صادق عليه السلام مونکي فرمايو:

وَیحَک یا بَشِیرُ إِنَّ الْمُؤْمِنَ إِذَا أَتَاهُ عَارِفاً بِحَقِّهِ وَ اغْتَسَلَ فِی الْفُرَاتِ کتِبَ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ حَجَّةٌ وَ عُمْرَةٌ مَبْرُورَاتٌ مُتَقَبَّلَاتٌ وَ غَزْوَةٌ مَعَ نَبِی أَوْ إِمَامٍ عَادِلٍ. (10)

 اي پسر بشير! بيشڪ مومن جنهن مهل امام حسين عليه السلام جي زيارت لاءِ اچي ٿو ته: جڏهن ته ان جي حق کي ڄاڻيندو هجي۽ (زيارت کان پهرين) فرات تي غسل ڪري ان جي هر قدم جي بدلي هڪ حج ۽ هڪ عمره مقبوله جو ثواب ۽ هڪ جهاد جيڪو پيغمبر يا عادل امام جي رڪاب ۾ ڪيو ويو هجي لکيو ويندو.

 هر قدم جي بدلي ۾ هزار نيڪيون

 ابوصامت امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته:

مَنْ أَتَی الْحُسَینَ(ع) مَاشِیاً کتَبَ اللَّهُ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ أَلْفَ حَسَنَةٍ وَ مَحَا عَنْهُ أَلْفَ سَیئَةٍ وَ رَفَعَ لَهُ أَلْفَ دَرَجَةٍ فَإِذَا أَتَیتَ الْفُرَاتَ فَاغْتَسِلْ وَ عَلِّقْ نَعْلَیک وَ امْشِ حَافِیاً وَ امْشِ مَشْی الْعَبْدِ الذَّلِیلِ فَإِذَا أَتَیتَ بَابَ الْحَیرِ فَکبِّرِ اللَّهَ أَرْبَعاً (11)

 جيڪو به امام حسين جي زيارت لاءِ پيدل وڃي، الله تعالي ان جي هر قدم جي بدلي ۾ هزار نيڪين کي عطا ڪندو ۽ هزار گناهه کان آجو ڪري ٿو ڇڏي ۽ ان جو رتبو هزار درجه وڌي ٿو. جيڏي مهل فرات تي پهچين ته غسل ڪر، ۽ پنهنجي جوتن کي لاهي پير اگهاڙا ڪري هل، هڪ ذليل ٻانهي وانگر هلندو ڪر بس جيڏي مهل حرم پهچين ته چار مرتبا تڪبير بلند ڪر ۽ وري ٿورو هلي چار مرتبا ٻيهر تڪبير چؤ.

امام حسين عليه السلا جو حرم ۽ حرم خدا

حسين بن ثوير امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته حضرت فرمايو:

إِذَا أَتَیتَ أَبَا عَبْدِ اللَّهِ(ع) فَاغْتَسِلْ عَلَی شَاطِئِ الْفُرَاتِ ثُمَّ الْبَسْ ثِیابَک الطَّاهِرَةَ ثُمَّ امْشِ حَافِیاً فَإِنَّک فِی حَرَمٍ مِنْ حَرَمِ اللَّهِ وَ رَسُولِهِ بِالتَّکبِیرِ وَ التَّهْلِیل ِ(12 )

جيڏي مهل امام حسين عليه السلام جي زيارت تي وڃو ته نهر فرات تي غسل ڪريو پوءِ پاڪ لباس پهريو پوءِ پيرين پنڌ هلو، پوءِ حرم جي اندر جيڪو حرم خدا ۽ حرم رسول آهي بيهي تڪبير ۽ لااله الا الله چؤ.

 ملائڪن جو حسين ع جي زوارن مٿان مامور ٿيڻ

 علي صائغ کان نقل ٿيوآهي ته امام صادق فرمايو: اي علي! امام حسين جي زيارت تي ويندو ڪر ان کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪر علي ضائغ چوي ٿو ته:  مون عرض ڪيو: ان جي زيارت جو ڪيترو ثواب آهي؟ امام فرمايو:

 مَنْ أَتَاهُ مَاشِیاً کتَبَ اللَّهُ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ حَسَنَةً وَ مَحَا عَنْهُ سَیئَةً وَ رَفَعَ لَهُ دَرَجَةً فَإِذَا أَتَاهُ وَکلَ اللَّهُ بِهِ مَلَکینِ یکتُبَانِ مَا خَرَجَ مِنْ فِیهِ مِنْ خَیرٍ وَ لَا یکتُبَانِ مَا یخْرُجُ مِنْ فِیهِ مِنْ سَیئٍ وَ لَا غَیرِ ذَلِک فَإِذَا انْصَرَفَ وَدَّعُوهُ وَ قَالُوا یا وَلِی اللَّهِ مَغْفُورٌ لَک أَنْتَ مِنْ حِزْبِ اللَّهِ وَ حِزْبِ رَسُولِهِ وَ حِزْبِ أَهْلِ بَیت رَسُولِهِ وَ اللَّهِ لَا تَرَی النَّارَ بِعَینِک أَبَداً وَ لَا تَرَاک وَ لَا تَطْعَمُک أَبَدا(13)

”جيڪو به امام جي زيارت تي وڃي ته الله تعالي ان جي هر قدم جي بدلي هڪ نيڪي لکي ڇڏيندو آهي، ۽ ان کي گناهن کان پاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ درجو رتبي ۾ ترقي ڪندو آهي. پوءِ جيڏي مهل مرقد امام تي پهچي ٿو ته الله تعالي ٻن فرشتن کي ان لاءِ معين ڪندو آهي، جيڪي ان جي منهن مان نيڪي ۽ خير نڪرندي ته اهي ان کي لکندا ويندا، جيڪڏهن ڪو اهڙو عمل جيڪو صالح نه هوندو ته ان کي حساب نه ڪندا جيڏي مهل زيارت مان واپس ايندو ته ان کي الوداع ڪندين چوندا:

اي الله جا دوست تون بخشجي وئين، تون الله ۽ رسول ص ۽ اهل بيت ع جي لشڪر مان آهين خدا جو قسم ڪڏهن به پنهنجي اکين سان دوزخ جي باهه کي نه ڏسندين ۽ دوزخ جي باهه توکي ڪڏهن به نه ساڙيندي.

“ امام صادق کان ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته:

 إِذَا أَرَادَ الِانْصِرَافَ أَتَاهُ مَلَک فَقَالَ لَهُ إِنَّ رَسُولَ اللَّهِ یقْرِئُک السَّلَامَ وَ یقُولُ لَک اسْتَأْنِفِ الْعَمَلَ فَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَک مَا مَضَي(14)

نيڪين جو لکجڻ ۽ گناهن جو مٽجڻ

سدير صيرفي کان نقل ٿيو آهي چوي ٿو ته: امام باقر عليه السلام جي بارگاه ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ جوان امام حسين عليه السلام جي مرقد کي ياد ڪيو پوءِ امام هن کي فرمايو:

مَا أَتَاهُ عَبْدٌ فَخَطَا خُطْوَةً إِلَّا کتِبَتْ لَهُ حَسَنَةٌ وَ حُطَّتْ عَنْهُ سَیئَة15

”ماڻهو ان جي مرقد ڏانهن اڃا قدم ئي ڪونه ٿو کڻي ته ان جي لاءِ نيڪي لکجي ٿي وڃي ۽ ان کان گناه پري ٿي ويندا آهن.“

زيارت ۾ گناهن جي بخشش

ابن مشڪان امام صادق عليه السلام کان نقل ٿو ڪري ته امام فرمايو:

مَنْ زَارَ الْحُسَینَ(ع) مِنْ شِیعَتِنَا لَمْ یرْجِعْ حَتَّی یغْفَرَ لَهُ کلُّ ذَنْبٍ وَ یکتَبَ لَهُ بِکلِّ خُطْوَةٍ خَطَاهَا وَ کلِّ یدٍ رَفَعَتْهَا دَابَّتُهُ أَلْفُ حَسَنَةٍ وَ مُحِی عَنْهُ أَلْفُ سَیئَةٍ وَ یرْفَعُ لَهُ أَلْفُ دَرَجَةٍ،16

منهنجي شيعن مان جيڪو به حسين عليه السلام جي زيارت ڪري اڃا گهر واپس ئي ڪونه ايندو ته ان جا سڀ گناهه معاف ٿي ويندا هر قدم ۽ هر اهو هٿ جيڪو دعا لاءِ آسمان تي کنيو هجيس ان جي بدلي ۾ ان جون هزار نيڪيون ۽ هزار گناهه ۽ هزار درجه مرتبو بلند ٿيندس.