15 شعبان چوٽڪاري جي رات
2025/02/13نظير احمد بهشتي
الله سائين انسانن کي پيدا ڪيو ۽ ھن ڪائنات ۾ انھن لاءِ اڻ ڳڻيون نعمتون قرار ڏنيون ته جيئن انھن نعمتن مان نفعو کڻي پنھنجي ڪريم پالڻھار جي قريب ٿي سگھن. قران جي منطق مطابق انسانن جي گھڻائي ٿڙيل ۽ سڌي واٽ کان پاسي تي آھي. گھڻا انسان پنھنجي عملن سان پنھنجي پالڻھار کان وٿيرڪا ٿي ويندا آھن جڏھن ته پاڪ پالڻھار مختلف بهانن سان رٺلن کي ريجھائي پنھنجي قرب جا گس ڏسيا آھن. اھو طئي آھي ته ڪجھ انسان اھڙا گناھ ڪري ٿا وجھن جن جي معافي گهرندي پوري ڄمار به گزاري ڇڏن ته گھٽ آھي ليڪن ڪريم ۽ ٻاجھاري الله پنھنجي ٻانھن جا گناھ بخشڻ لاءِ ڪجھ ڏينھن ۽ راتيون اھڙيون قرار ڏنيون آھن جن ۾ ھر ڏوھ سولائي سان بخشرائي سگھجي ٿو. اھا به مالڪ جي پنھنجي ٻانھن مٿان خاص عنايت آھي. اھڙين راتين ۾ جمعي جي رات، عيد جون راتيون، قدر جون راتيون پنھنجي پوري تفصيل سان ڪتابن ۾ ذڪر ٿيون آھن جن جي فضيلت سان سھڻن سردارن ۽ ھادين جي ھدايت تي مشتمل روايتن جو وڏو ذخيرو موجود آھي. ھڪ اھڙي رات جنھن کي قدر جي رات کان پوءِ سال جي سڀ کان وڌيڪ فضيلت واري رات ڪوٺيو ويو آھي شب برائت يعني ڇوٽڪاري جي رات، 15 شعبان المعظم جي رات آھي. جنھن رات رب جي رحمت جون ڇوليون گناھن جي سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي اک ڇنڀ ۾ ڪناري تي پھچائينديون آھن. ان رات جون برڪتون بيان کان مٿاھيون آھن. امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو: امام محمد باقر عليه السلام کان جڏھن پندرھين شعبان جي رات جي فضيلت بابت سوال ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائون: ھي رات قدر جي رات کان سواءِ سڀني راتين کان وڌيڪ فضيلت ۽ مرتبي واري آھي.
تنھن ڪري ان رات ۾ الله سائين جي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. الله سائين ان رات ۾ پنھنجي ٻانھن مٿان فضل ۽ ڪرم ڪندو آھي ۽ سندن ڏوھ بخشي ڇڏيندو آھي. الله سائين پنھنجي حق جو قسم کڻي فرمايو آھي تہ ان رات ڪنھن بہ سوالي کي خالي نه موٽائيندو سواءِ ان جي جو گناھ ۽ نافرماني جو سوال ڪيو وڃي. الله سائين ھي رات اسان لاءِ مخصوص ڪئي آھي جھڙي ريت قدر جي رات رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن لاءِ مخصوص ڪئي اٿس. تنھن ڪري ان رات ۾ الله سائين جي گھڻي کان گھڻي حمد ۽ ثنا ڪئي وڃي ۽ ان سان مناجات ڪري کانئس دعائون گهريون وڃن.
ان رات جي عظيم خوشي حضرت امام زمانه عجل الله فرجه الشريف جي ولادت با سعادت آھي، جنھن ان رات جي عظمت کي اڃان وڌائي ڇڏيو آھي.
ان رات جا ڪجھ عمل آھن پھريون عمل غسل ڪرڻ آھي جنھن سان گناھ گھٽ ٿيندا آھن.
ٻيو عمل نماز، دعا ۽ استغفار يعني بخشش طلب ڪرڻ خاطر پوري رات جاڳي گذارڻ آھي. امام سجاد عليه السلام جو فرمان آھي ته جيڪو ماڻھو ھي رات جاڳي گذاري ان جي دل ان ڏھاڙي زندھ ھوندي جڏھن سڀني جون دليون مئل ھونديون.
ٽيون عمل جيڪو ان رات جو سڀ کان بھتر عمل آھي امام حسين عليه السلام جي زيارت آھي جنھن سان ڏوھن جي معافي ملندي آھي. جيڪو شخص چاھي ٿو ته ھڪ لک چوويھ ھزار پيغمبرن جو روح ساڻس مصافحو ڪري ته ان کي ھن رات اھا زيارت ترڪ نه ڪرڻ گھرجي. امام حسين عليه السلام جي ننڍي ۾ ننڍي زيارت بہ آھي ته ماڻھون پنھنجي گھر جي ڇت تي چڙھي وڃي ۽ ساڄي کاٻي پاسي نھارڻ کان پوءِ چھرو آسمان ڏانھن ڪري ھي جملا پڙھي: السَّلامُ عَلَیْکَ یَا أَبَا عَبْدِ اللهِ السَّلامُ عَلَیْکَ وَ رَحْمَةُ اللهِ وَ بَرَکَاتُهُ.
ڪو به شخص جڏھن به جتي به ھجي ھي زيارت پڙھي ته اميد آھي ان کي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو، پڻ ان رات جي مخصوص زيارت آھي جنھن کي زيارتن جي ڪتابن ۾ بيان ڪيو ويو آھي.
ان رات جا ٻيا به ڪافي اعمال آھن، دعائون آھن، زيارتون آھن جن جي پڙھڻ سان ڏوھن جي معافي ملندي آھي ڀلي ڪيترا گھڻا ۽ ڪيڏا وڏا ھجن، الله جون بيحد رحمتون وسنديون آھن. حاجتون پوريون ٿينديون آھن. مرادون ملنديون آھن. مختصر اھو ته رات ھڪ آھي فضيلتون ھزارين، عبادت گھٽ به ھجي ان رات ۾ ان جو ثواب بيحد ۽ بي حساب آھي. پرين کي پرچائڻ جو سونھري موقعو آھي ضرورت ان ڳالھ جي آھي جو انسان پنھنجا ڏوھ، خطائون، حاجتون ۽ اميدون کڻي پاڪ پالڻھار جي بارگاھ ۾ حاضر ٿئي ته مالڪ سائين سڀ خطائون معاف ڪري سندس من جون مرادون پوريون ڪندو.
