جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

حضرت زينب(س) جي حياتيءَ ۽ ڪربلاء ۾ سندن ڪردار

فونٽ جو اندازو :
2025/01/29

حضرت زينب(س) جي حياتيءَ ۽ ڪربلاء ۾ سندن ڪردار

مقدمو

 ڪربلا جي خوني ۽ ابدي تحريڪ، تاريخ اسلام جي اهم ترين تحريڪن مان هڪ تحريڪ آهي. ھن انقلاب کي مختلف زاوين کان جانچي سگهجي ٿو. انهيءَ تحريڪ هڪ طرف حق کي باطل کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ مسلمانن جي بيداريءَ تي ان جو گهرو اثر پيو ۽ ٻئي طرف ڪيترن ئي سالن کان جاري بني اميه جي غلط پروپيگنڊا جو خاتمو پڻ ان تحريڪ جي ڪري ٿيو.

 تاريخ ۾ ڪيترائي انقلاب آيا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن، ليڪن وقت گذرڻ سان انھن انقلابن کي ڪير به ياد ناھي ڪندو پر عاشورا جي تحريڪ کي وڏو عرصو گذرڻ جي باوجود به اھو انقلاب اسان مسلمانن جي دلين ۾ اڃا تائين زنده و جاويد آهي.

عقيله بني هاشم، زينب ڪبريٰ (س)هن عظيم تحريڪ جي انهن با اثر شخصيتن ۾ شامل آهن، جن ان انقلاب کي دائمي ۽ ابديت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھيءَ اها ئي خاتون آھي جنھن جو مثال تاريخ اسلام ۾ تمام گھٽ ملي ٿو.

 هن عظيم عورت جي شاندار زندگيءَ تي درجنين ڪتاب ۽ مقالا لکيا ويا آهن شيعه ۽ سني مورخن هر هڪ پنهنجي پنهنجي نقطه نظر سان هن عظيم خاتون جي زندگي ۽ عظمت تي لکيوآهي ۽ ان تي تجزيو ڪيو آھي. هن مقالي ۾ هن پاڪ خاتون جي ڪجهه خصوصيتن سان گڏوگڏ ڪربلا جي تحريڪ ۾ سندس شاندار ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان اميد سان ته حضرت زينب (س)جي سيرت ۽ معونيت هميشه اسان جي زندگي لاءِ نمونه عمل بڻجي.

حضرت زينب (س)جي ولادت ۽ سندس نالو

   حضرت زينب (س)جي ولادت مديني منوره ۾ 5 جمادي الاول سنه 5 يا 6 هجري ۾ ٿي. پاڻ سڳورن (ص)جي خاندان ۾ اهو رواج هو ته پنهنجي ٻار جو نالو خاندان جي سربراهه تي ڇڏيو ويندو ھو.

حضرت زينب (س)جي جڏھن ولادت ٿي ته سندن والده ماجده فاطمه زهرا (س)نو مولود کي حضرت (ع))جي حوالي ڪيو ۽ فرمايائون: هن جو نالو رکو. امام (ع) فرمايو: مان پنهنجي نياڻيءَ جي نالي رکڻ ۾ رسول الله (ص) کي مات نه ڏيندس.

 جڏھن سانئڻ جي ولادت ٿي ھئي ته ان وقت حضور اڪرم (ص)ڪنھن سفر تي نڪتل هئا. جڏهن واپس آيا ته حضرت فاطمه (س)جي گهر پهتا ته اميرالمومنين علي (ع) پاڻ سڳورن (ص) کان سانئڻ جو نالو پڇيو. رسول الله (ص) جن فرمايو: مان ان جي نالي ۾ پنهنجي خدا کان پڇا ڪندس. پوءِ جبرئيل نازل ٿيو ۽ فرمايو: خدا هن ٻار جو نالو ”زينب“ رکيو آهي ۽ اھو نالو لوح محفوظ تي لکيل آهي.

حضرت زينب (س)جا نالا ۽ لقب

   حضرت زينب (س) حضرت علي (ع) ۽ حضرت فاطمه زهرا (س) جي وڏي نياڻي آهي. هن عظيم خاتون جو سڀ کان مشهور نالو ”زينب“ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”سٺن منظرن جو وڻ“ ۽ ان جي ٻي معنيٰ ”زين اب“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پيءَ جي زينت“ حقيقت ۾ ئي زينب (س) مڪتب اسلام ۽ پنھنجي پيء جي نظرين جو هڪ منفرد سينگار ۽ زينت بڻجي اڀري.

 حضرت زينب (س) جا ڪيترائي نالا ۽ لقب آهن. جيئن: عقيله بني هاشم، عالمه غيرمعلَّمه، عارفه، موثّقه، فاضله، ڪامله، عابده آل علي، معصومه صغري، امينة الله، نائبة الزهرا، نائبة الحسين، عقيلة النساء، شريڪة الشهداء، بليغه، فصيحه ۽ شريڪة الحسين. حضرت زينب (س) پنهنجي ڪردار ۽ فضيلت جي لحاظ کان مٿي ذڪر ڪيل نالن ۽ لقبن جو حقيقي نمونو آهن، جن مان هر هڪ کي وضاحت ڪرڻ لاءِ الڳ مقالي لکڻ جي ضرورت آھي.

حضرت زينب (س)جي شخصيت

نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته: وراثت، پرورش ۽ ماحول اھي ٽئي شيون انساني شخصيت جي تربيت ۽ تعليم ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون . حضرت زينب (س) جي حوالي سان انھن ٽن بنيادي اصولن کي خاص مقام حاصل آھي:

 الف) وراثت: سيده زينب رسالت ۽ ولايت جو سرچشمو آهن، سندن نانو خاتم النبيين هو ۽ حضرت زينب (س) کي پنهنجي ذات جي جوھر مان پيدا ڪيو ويو هو. پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايوآھي ته: «… وُلدِ فاطِمَةَ فَانَا وَلِيُّهُم وَ عُصبَتُهُم، وَ هُم خُلِقُوا مِن طِينَتِي…» فاطمه جو اولاد (حسن، حسين، زينب ۽ ام ڪلثوم) جن جو مان سرپرست ۽ ولي آهيان، اھي منهنجي ذات ۽ طنيت مان پيدا ٿيا آهن. انهيءَ ڪري حضرت زينب (س)رسول الله (ص) جي اولاد مان هئي، جيڪا خاتم الانبياء جي وارث آهي، ۽ رسول الله (ص) جي جوھر ۽ خمير جو جو حصو آھي.

هن بي بي جي ماءُ پيغمبر اڪرم (ص) جي ڌيءَ ۽ دنيا جي سڀني عورتن کان افضل ترين عورت آهي ۽ سندن پيءُ متقي ماڻھن جو امام آهي ۽ رسول الله (ص) جو ولي ۽ وصي آهي.ان ڪري حضرت زينب (س)جو پاڪ ڪردار رسول خدا (ص)، حضرت امام علي (ع) ۽ حضرت فاطمه (س) جي سيرت جو مجموعو آهي. هن پاڪ دامن بيبي کي، انهن ٽن عظيم شخصيتن کان ڪمال ورثي ۾ مليو آھي.

ب) تربيت: حضرت زينب (س) جي تربيت، ولادت کان وٺي اٽڪل ڇهن سالن جي ڄمار تائين رسول الله (ص) ۽ حضرت علي (ع) جي مقدس گود ۾ ٿيندي رھي. هن بيبي حضرت زهرا (س) جي سيني مبارڪ مان کير پيتو ۽ حضرت علي (ع) جي موجودگيءَ ۽ سندن نگرانيءَ ۾ پروان چڙھي. رسول الله (ص) جن فرمايو آھي ته: «مَا نَحَلَ وَالِدٌ وَلَداً نَحلا اَفضَلُ مِن اَدَب حَسَن» ڪو به پيءُ پنهنجي ٻار کي سٺي اخلاق ۽ سٺي پرورش کان وڌيڪ بهتر تحفو نه ٿو ڏيئي سگھي.

 حضرت زينب (س) جي تربيت حضور اڪرم (ص) ۽ امام علي (ع) ۽ فاطمه زهرا (س) جهڙي ماءُ ۽ امام حسن ۽ حسين عليهما السلام جهڙن ڀائرن جي هٿان ٿي. ان جي ڪري هن سانئڻ کي اعليٰ مرتبو مليوآھي ڇو ته ثاني زھراء کي حضرت خديجه (س) ۽ حضرت فاطمه زهرا (س) کان پوءِ اسلام جو ٽيون وڏو مرتبو ۽ مقام حاصل آھي.

ج) ماحول: ڪنھن شخص جي شخصيت جي تعمير لاء هڪ ٻيو اهم بنياد، ماحول آهي. حضرت زينب (س) اهڙي ماحول ۾ پروان چڙھي ۽ ترقي ڪئي، جيڪو فضائل، طهارت ۽ اخلاص جو مرڪز هو. مديني جي شهر ۾ حضرت زينب (س) جي رهڻي ڪهڻي جو ماحول حضرت علي (ع)، فاطمه (س)، حسن ۽ حسين عليهما السلام جھڙو عظيم گھراڻو مليو. ھي گهراڻو جيڪو مومنن جي دلين جي محبت جو مرڪز ھو. اهڙي نوراني ماحول ۽ بابرڪت گهراڻي سندس بابرڪت وجود ۾ ئي اعليٰ ديني ۽ انساني اقدار پيدا ڪيا.

حضرت زينب (س)جي امام حسين (ع) سان محبت

 حضرت زينب (س) کي ننڍپڻ کان ئي امام حسين (ع) سان بيحد محبت هئي. جڏهن به سيدالشهداء ان جي نظر کان اوجھل ٿي ويندا هئا ته بيبي پاڪ بيقرار ٿي ويندي هئي ۽ جڏهن کيس ڏسندي هئي ته پنهنجي ڀاءُ جي حُسن ۾ غرق ٿي ويندي هئي، امام حسين (ع) کي پينگهي ۾ روئندو ڏسندي هئي ڊوڙي ڊوڙي اچي کنڻدي ھئي، حضرت زينب (س) کي امام حسين جو آواز سڪون ۽ آرام ڏيندو ھو.  

انهيءَ عجيب محبت حضرت زهرا (س) کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ايتري قدر جو هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن (ص) سان ان معاملي تي بحث ڪندين ۽ فرمايائون: مان حيران آهيان زينب جي حسين سان ايتري ته محبت آھي ، جو زينب کي حسين کان سواءِ هڪ لمحو به آرام نٿو اچي!

اهو ٻڌي رسول الله (ص) جي اکين مان ڳوڙها اچي ويا. اي منهنجي نورچشم نياڻي! تنھنجي ھي ڌيءُ حسين (ع) سان گڏ ڪربلا ويندي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي ڏک ۽ مصيبت ۾ شريڪ ٿيندي. 

حضرت زينب (س)جو مقام

 جڏهن حضرت زينب (س) کي جڏھن پنهنجو والد ملندو ھو ته امام علي (ع) اُٿي بيھندا هئا ۽ وڏي احترام سان ان کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هئا. سائنڻ پنھنجي پيءَ جي امين هئي. جڏهن امام (ع) جي وفات ٿي ته امام حسن (ع) حضرت زينب (س) کان هڪ خاص ڪافور گهرايو، جيڪو رسول الله (ص) جي نشانين مان ھو جڏھن سانئڻ اھو ڪافور کڻي آئي ۽ ان کي کوليو ويو ته ان جي خوشبو سان سڄو ماحول معطر ٿي ويو. 

امام حسن ۽ امام حسين (ع) وٽ حضرت زينب (س) لاءِ خاص حيثيت حاصل هئي. اهي ٻئي امام پنهنجي ڀيڻ جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا، اھي ڪوشش ڪندا ھئا ته حضرت زينب (س) کي انهن مصيبتن ۽ تڪليفن جي باري ۾ خبر نه پوي جيڪي مشڪلاتون ان تي پيش اينديون.

 پر امام حسين (ع) ۽ زينب (س) جي محبت تمام گھڻي ۽ غير معمولي هئي. امام حسين (ع) به حضرت زينب (س) سان بيحد پيار ۽ محبت ڪندا هئا، حضرت زينب (س) کي پنهنجو راز دار ۽ امانتدار سمجهندا هئا ۽ پنهنجي امانت ان جي حوالي ڪندا هئا. امام حسين (ع) امامت جو راز ان جي حوالي ڪيو ھو. هي مسئلو حضرت زينب (س) جي مقام ۽ مرتبي جي شاهدي ڏئي ٿو. جڏهن حضرت زينب (س) پنهنجي ڀاءُ وٽ اينديون هيون ته امام (ع) ان لاءِ جاءِ ٺاهي ڇڏيندو هو، خوشيءَ سان کيس پنهنجي ڀرسان ويهاريندو هو. 

حضرت زينب (س)جو ڪربلا ۾ ڪردار

حضرت امام حسين (ع) جي شهادت سان تحريڪ عاشورا پنهنجي آخري منزل تي نه پهتي بلڪه ان جي رهبري ۽ اڳواڻي حضرت زينب سلام الله وٽ پهتي. حضرت زينب (س) کي اهو فرض پنهنجي ڀاءُ جي طرفان مليو ۽ امام (ع) پنهنجي وصيتن ۾ انھن مسئلن کان آگاھ ڪيو.

عاشورا جي شام جڏهن حضرت زينب (س) امام حسين (ع) کي ڪربلا جي زمين تي ڏٺو ۽ ان جي اردگرد پليت دشمنن کي پاتو جيڪي امام کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان، امام تي حملو ڪري رھيا ھئا ته بي بي خيمي مان ٻاهر نڪري آئي ۽ ابن سعد سان مخاطب ٿي ڪري فرمايو: «يابن سَعد! اَيُقتَلُ اَبُو عبداللّه وَ انتَ تَنظُرُ اِلَيهِ؟» اي پسر سعد! ڇا اباعبدالله کي قتل ڪيو ويندو ۽ تون ڏسندو رھندين؟! 

 هُن جواب نه ڏنو ۽ حضرت زينب (س) کان منهن موڙيو پر حضرت زينب (س) حضرت امام حسين (ع) کي قتل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي رھي. تنهن ڪري، هن انهن يزيدي لشڪر کي خطاب ڪندي چيو: «اَما فيکم مُسلِمٌ؟» ڇا توهان مان ڪو به مسلمان ناهي؟ وري به ڪنهن جواب نه ڏنو، زينب ڪبريٰ (س) فريادون ڪندين رھي: «وا اخاه! واسيّداه! وا اهلبيتاه! ليت السماء انطبقت علي الارض و ليت الجبال تدکدکت علي السهل» اي منهنجا ڀاءُ! اي منهنجا سردار! اي اهلبيت! ڪاش آسمان زمين تي ڪري پوي! ۽ ڪاش جبل ٽٽي ريزه ريزه انھن جي مٿان ڪري پون. 

حضرت زينب (س) تحريڪ حسيني جي ٻئي مرحلي جي شروعات انهن لفظن سان ڪئي. ان وقت کان وٺي، هن جي مٿان ھڪ وڏي ذميواري اچي وئي. ڪو به مرد نه بچيو هو، فقط سائڻ ۽ ٻار ۽ بيمار و غريب امام ئي بچيا ھئا. سانئڻ پنهنجي عظيم مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ مقتل ۾ امام حسين (ع) جي خدمت ۾ پھتي، پنهنجي ڀاءُ جي قتلگاھ تي پهچي، پنهنجي پيشاني کي ڀاءُ جي رت سان رنگي، پوءِ پنهنجو هٿ سيدالشھداء جي مبارڪ بدن جي هيٺان رکيو ۽ آسمان ڏانهن نگاھ ڪري، فرمايائين: ”خدايا! اسان جي هي قرباني قبول ڪر!“ 

حضرت زينب (س)، امام زين العابدين (ع) جي اڳيان جبل وانگر ثابت قدم رهي، ۽ سوڳوار عورتن ۽ ٻارن ۽ شهيدن کي سھارو ڏيندي رھي ۽ ڪربلا ۾ خيمن تي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ خيمن کي سڙندو ڏسندي رهي، ليڪن صبر جو دامن نه ڇڏيو. ان کان پوءِ هن صحرا ۾ شهيدن جي وارثن لاءِ شام غريبان، جي دلخراش عزاداري ڪئي. سڄي رات سڀني کي سھارو ڏيندي رھي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجن پيارن ۽ يتيم ٻارن لاءِ ماتم، گريو ۽ الله سان راز و نياز ڪندين گذاري.

حضرت زينب (س)قتل گاه ۾

11 محرم الحرام 61 هجري جي ڏينهن حضرت زينب (س)، امام حسين (ع) جي گهروارين، ڀينرن، ٻارن ۽ علي ابن حسين (ع) سان گڏ ڪوفي ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيون. جڏهن هلڻ لڳا، ته قيدين جو قافلو مقتل وٽان لنگهڻ لڳو. جڏهن قيدين جون نظرون زمين تي رت ۾ لت پت ٿيل لاشن تي پيون ته دردناڪ آهون گونجڻ لڳيون.

جڏھن حضرت زينب (س) امام حسين (ع) جي مقدس جسم تي پھتي ته، مديني ڏانهن رخ ڪري، دل ڏاريندڙ نوحہ خواني ڪئي: اي پيغمبر! هي توهان جون ڌيئرون آهن جيڪي قيد ۾ وڃي رهيون آهن. هي تنهنجا ٻار آهن جن جا رت و رت ٿيل لاش زمين تي پيا آهن ۽ صبح جي هوا سندن جسمن تي لڳي رھي آھي! اي الله جا رسول! هي اهو حسين آهي جنهن جو سر قلم ڪيو ويو ۽ ان جا ڪپڙا ڦرايا ويا آھن.

مان قربان وڃان، جنهن کي فوج لٽيو، پوءِ سندس خيما ساڙيا ويا! قربان وڃان اُن مسافر تان جنهن جي موٽڻ جي ڪا به اميد ناهي! 

حضرت زينب (س)ڪوفي ۾

ھن واقعي کي جيڪڏھن ظاهري طرح سان ڏسجي ته جڏھن، ابن سعد اهل بيت کي ڪربلا مان قيد ڪري ڪوفه ۽ پوءِ شام منتقل ڪيو ھو ته اھا اموي حڪومت جي مستقل فتح ھئي، جنهن جو اندازو شايد هر ڏسندڙ ان ڏينهن آسانيءَ سان ڪري رھيو ھو، پر ڪوفه ۽ شام ۾ اهل بيت جي موجودگيءَ خاص ڪري حضرت زينب (س) جي پرجوش خطبن ان نتيجي جو تعين ڪيو. آخر ۾ يزيد مجبور ۽ شرمسار ٿي کيس جلد کان جلد عزت ۽ احترام سان مديني واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو.

  قيد جي دوران هن تبديليءَ جو سبب خاندان رسالت جا ٻه عملي پروگرام هئا: هڪ ماڻهن کي خطبا ڏيڻ ۽ ٻيو ڪربلا جي شهيدن جو ماتم ڪرڻ، اُموين جي بڇڙي پروپيگنڊا ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بيدار ڪرڻ لاءِ هر مقام ۾، حالت مطابق خطبا ڏنا ويندا هئا. هاڻي حضرت زينب (س) ۽ ان جو قافلو امام حسين (ع) جي تبليغي تنظيم بڻجي چڪو آهي ۽ تحريڪ جي تقدير انهن جي هٿن ۾ آهي.

جڏهن قيدي ڪوفه ۾ داخل ٿيا ته عبيدالله بن زياد جي حفاظتي فوج سوار ۽ پيادل شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن ۽ گهٽين جي حفاظت ڪري رهيا هئا ته جيئن ڪنهن به مشڪوڪ حرڪت کي روڪي سگهجي. ٻئي طرف سرڪاري اسڪائوٽس ۽ جاسوسن شهر ۾ قيدين جي آمد جو اعلان ڪري ماڻهن کي مشاھدو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي.

ڪوفي ۾ حضرت زينب (س)جو خطبو

ڪوفه ۾ حضرت زينب (س) جو خطبو ڪربلا جي واقعي کانپوءِ ماڻهن کي بيدار ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ۽ اثرائتو خطاب هو. قيدين جي قافلي ۾، حضرت زينب (س) پنهنجي ڪجاوي ۾ دشمن تي اثرائتو وار ڪرڻ لاءِ موقعو ڳولي رهي هئي. اها زينب ئي هئي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ڪوفي عورتن کي قرآن جي تفسير سيکاريندي هئي ۽ جنهن جو پيءُ حضرت علي عليه السلام مسلمان امت جي اڳواڻي ڪندو هو. ڪوفو عراق جو مرڪز ۽ پنج سال لاءِ حضرت علي عليه السلام جي حڪومت جو تختگاهه رهيو هو. حضرت زينب (س) ڪوفي جي ماڻهن جي بي وفائي کان واقف هئي، هن ڏٺو هو ته ڪوفي ماڻهن حضرت علي ۽ امام حسن عليهما السلام سان ڪيئن بي وفائي ڪئي ۽ امام حسين عليه السلام کي پنهنجن خطن وسيلي سڏيندڙ اهي ئي ماڻهو بعد ۾ ڪيئن عهد شڪني ڪئي. جڏهن حضرت زينب (س) جو خطبو ڏيڻ جو وقت آيو، ته هن ماڻهن کي خاموش رهڻ لاءِ چيائون. ٻڌايو ويو آهي ته سندس ڳالهه ٻڌي ماڻهن سان گڏ اٺن جون گهنڊيون به ماٺ ٿي ويون. حضرت زينب (س) خدا جي حمد ۽ ثنا کان پوءِ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي فرمايو:

“اي دوکو ۽ فريب ڪندڙ جماعت، اي غيرت کان خالي ماڻهوَ! ڇا توهان اسان تي روئي رهيا آهيو؟ توهان جا ڳوڙها خشڪ نه ٿين ۽ اوهان جا سڏڪا ختم نه ٿين! توهان اهڙي عورت جهڙا آهيو جيڪا پنهنجي چرخي مان ٺاھيل نوڙي پاڻ ئي ٽوڙي ڇڏي ٿي. توهان پنهنجي قسم ۽ عھد کي فساد جو اوزار بڻايو آهي. توهان انهن گاهه جهڙا آهيو جيڪي آلوده جڳهن ۾ وڌن ٿا يا قبرن تي چانديءَ جي جھڙي خوبصورتي جيڪا ٻاھريان سٺي نظر ۾ ايندي آھي پر اندر کان خراب ھوندي آھي. توهان پنهنجي آخرت لاءِ بڇڙو توشو تيار ڪيو آهي ۽ خدا جي غضب کي پنهنجي لاءِ لکيو آهي. ڇا توهان امام حسين عليه السلام لاءِ روئي رهيا آهيو؟ گهڻو روؤ ۽ ٿورو کلجو، ڇو ته هي داغ توهان جي دامن تان ڪڏهن به نٿي ڌُوئي سگهجي.”

حضرت زينب (س) جي ڳالهين ڪوفي ماڻهن ۾ هيجان ۽ انقلاب پيدا ڪيو ۽ بني اميه جي ان ڳالهه کي بي اثر ڪيو جنهن ۾ امام حسين عليه السلام کي باغي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

 شام جي بازار ۾ حضرت زينب جي پوري خاندان سان وفاداري

  ڪربلا جي حادثي کان پوءِ جڏهن حضرت زينب (س) ۽ اهل بيت جي گھراڻي کي قيد ڪري شام جي بازار ۾ پيش ڪيو ويو، ته انهن کي بي ادب ۽ بي عزتيءَ سان شهر ۾ گھمائيندا رهيا. ان وقت حضرت زينب (س) پنهنجن ٻارن ۽ ٻين عورتن جو خيال رکندي رهي ۽ هر هڪ کي صبر ۽ استقامت جي تلقين ڪندي رهي. ڪتاب “زينب الڪبرى” ۾ بيان ٿيل آهي ته حضرت زينب (س) شام جي بازار ۾ مظلوميت جي باوجود پنهنجي خاندان جي عظمت کي بلند رکيو ۽ ماڻهن کي پنهنجي خاندان جي شان ۽ قرباني جي ياد ڏياريندي رهي.

يزيد جي درٻار ۾ حضرت زينب (س) جو خطاب

حضرت زينب (س) جو يزيد جي درٻار ۾ خطاب اسلامي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. امام حسين (ع) جي شهادت کان پوءِ جڏهن حضرت زينب (س) کي يزيد جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو، تڏهن انهن پنهنجي خطاب ۾ يزيد جي ظلم ۽ بربريت کي بي نقاب ڪيو. حضرت زينب (س) جو خطاب يزيد کي هن حقيقت کان آگاهه ڪيو ته امام حسين (ع) جو مقصد حق ۽ انصاف جي جدوجهد ۾ هو. حضرت زينب (س) يزيد کي الله ۽ رسول الله جي تعليمات جي خلاف وڃڻ جي ملامت ڪئي ۽ پنهنجن لفظن ۾ يزيد جي ظلم خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.

سندن خطاب اسلامي اصولن جي حقانيت کي ثابت ڪرڻ ۽ يزيد جي ظالم حڪمراني کي عوامي سطح تي بي نقاب ڪرڻ لاءِ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو. هن خطاب ذريعي حضرت زينب (س) اهو واضح ڪري ڇڏيو ته ڪربلاء جي جنگ رڳو هڪ سياسي جنگ نه هئي، پر اها حق ۽ باطل جي جنگ هئي.

حضرت زينب (س) جي پيغام جو اثر ۽ اسلامي معاشري لاءِ سبق

حضرت زينب (س) جو ڪردار ۽ تقريرون اسلامي تاريخ ۾ حق ۽ عدل جي اهميت کي واضح ڪن ٿيون. انهن جي جدوجهد مان اهو سبق ملي ٿو ته جڏهن به ظلم ۽ بربريت خلاف بيهڻ جو وقت اچي، تڏهن هميشه حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. حضرت زينب (س) جو ڪردار اسلامي معاشري لاءِ هڪ سبق آهي ته ايمان ۽ استقامت سان هر تڪليف کي سهڻو ۽ هر امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻو آهي.

نتيجو

حضرت زينب (س) جي حياتي ۽ ڪربلاء ۾ سندن ڪردار اسلامي تاريخ ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو. ان جي زندگي ۽ ان جي جدوجهد اسلام ۽ انسانيت لاءِ هڪ اهم پيغام آهي. حضرت زينب (س) جي زندگي اسان کي صبر، استقامت، حق ۽ ايمان جي اهميت سمجهائي ٿي. حضرت زينب (س) جي زندگي مان اهو سبق ملي ٿو ته ظلم خلاف آواز اٿارڻ ۽ حق جي حفاظت ۾ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. سندن ڪردار هميشه اسان جي لاءِ هڪ روشن راهه ۽ جدوجهد جو ذريعو بڻيل رهندو.