جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

حجة الاسلام والمسلمين سيد ثمر حسن زيدي (رح) جي سوانح حيات

فونٽ جو اندازو :
2025/06/05

تحرير: مولانا ظهور عباس عباسي

خاندان ۽ خانداني پس منظر

استاد العلماء سيد  ثمر حسن زيدي ابن مولانا سيد قمر حسن زيدي محله سدُّد امروهه ضلع مراد آباد جي هڪ علمي ديني گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد صاحب عالم باعمل ۽ مبلغ هيو.

مولانا موصوف رئيس اداره نظام الشريعت مغربي پاڪستان و مؤسس مدرسه مشارع العلوم قدم گاهه حيدرآباد رهيو. اهو ادارو هن وقت حيدرآباد لطيف آباد 9 ۾ واقع آهي. انوقت جو بلند پائي جو عالم دين واعظ بي بدل با اخلاق صاحب اجازه علماء عراق ۽ وڪيل مجتهد اعظم عراق پاڪستان ۽ انڊيا ٻنهين ملڪن لاءِ رهيو. قبلا جو نسب حضرت زيد شهيد عليه الرحمته جي 25 پشت مان آهي ۽ حضور اڪرم ﷺ جي 29 پشت مان آهي قبله 1329هه. 1911ع ۾ بمقام امروهه ۾ پيدا ٿيو.

استاد العماء سيد  ثمر حسن زيدي جو مامو علامه سيد انيس الحسنين رضوي مرحوم ابن سيد ابوالقاسم رح مرحوم هيو. مولانا سيد انيس الحسنين رضوي 15 شعبان المعظم 1313هه- 31 جنوري 1896ع امروهه ضلع مرادآباد ۾ پيدا ٿيو قبله انيس الحسنين مولانا نجم الحسن جو ڀائٽيو هيو. قبله  مدرسه ناظميه لکنئو ۽ مدرسته الواعظين لکنئو کان فارغ ٿي 1926ع ۾ ڊيره اسمعيل خان ۾ مبلغ ڪري موڪليو ويو. 1927ع ۾ ڪراچي خوجه اثنا عشري مسجد کارادر جو خطيب ٿيو پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ دينيات جو مدرس ٿيو. علامه سيد انيس الحسنين رضوي تحريڪ آزادي ۽ قيام  پاڪستان ۾ وڏو حصو ورتو. قبله اصولِ ڪافي جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. مولانا سيد انيس الحسنين رضوي جي سوانح مڪمل نه ٿيندي اگر هن ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو وڃي ته بانيءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح رحمته الله عليه جي تجهيز و تڪفين ۽ نماز جنازه استادالعلماء الحاج علامه سيد ثمر حسن زيدي جي مامَي علامه سيد انيس الحسنين رضوي پڙهائي.

ولادت، ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت:

استادالعلماء سيد ثمر حسن زيدي سن 1911عيسوي بمطابق 1329هجري بمقام امروهه ضلعه مراد آباد انڊيا ۾ پيدا ٿيو. استاد العلماء ابتدائي تعليم امروهه ضلع مرادآباد انڊيا ۾ ڪئي. پوءِ پنهنجي والد محترم سان گڏ حيدارآباد دکن تشريف کڻي ويو جتي انگريزي جي پنجين ڪلاس تائين تعليم حيدرآباد دکن ۾ حاصل ڪئي ان کانپوءِ مدرسه نور المدارس امروهه ۾ داخلا ورتائين عالي جناب سيد باقر حسين اعلي الله مقامه جو  انتقال ٿي ويو. قبله جي علمي بصيرت ۽ قابليت کي ڏسندي قبله جي مامَي محترم جناب علامه  سيد انيس الحسنين رضوي جن قبله کي ”مدرسه ناظميه لکنئو“ ۾ داخله جو مشورو ڏنو لکنئو ان زماني ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز هيو.

1934ع ۾ فاضل جا درجات طي ڪيائين مدرسي جي طرف کان فرسٽ ڊويزن جي سنَد حاصل ڪيائين. انهي جي دوران الله آباد يونيورسٽي کان 1349هه 1930هه ۾ عالم ۽ 1351هه ۽ 1932ع ۾ لکنو يونيورسٽي کان فاضل ادب جون سنَدون حاصل ڪيائين. علامه انيس الحسنين رضوي جو مشورو جيڪو مدرسه الواعظين لکنو ۾ داخل ڪرائڻ جو هيو، اهو اڃا تائين عمل ۾ نه آيو هيو ته 1354هه 1935ع ۾ ڪاٺياواڙ وڃي ملازمت ڪيائين اتان کان 1355هه 1936ع ۾ زيارات عراق، شام، ايران ۽ مشهد مقدس کان ٿيندو وري لکنو ناظميه ۾ داخلا ورتائين ۽ 1356هه 1937ع ۾ مدرسي جي آخري سنَد ممتاز الافاضل اعليٰ نمبرن سان حاصل ڪيائين ۽ علامه انيس الحسنين رضوي جي حڪم سان فورًا مدرسه الواعظين لکنو ۾ داخلا ورتائين ۽ اتي 3 سالن جو ڪورس پورو ڪيائون.

قبله جا تحصيل دوران استاد

سرڪار نجم الملت طاب ثراه مولانا عديل اختر صاحب مفتي اعظم سيد احمد علي صاحب، مولانا اصغر حسين صاحب، سيد العلماء مولانا سيد علي نقي نقوي (نقن) صاحب.

ذميوارين جو آغاز

1359هه 1940ع ۾ مدرسة الواعظين جي طرف کان شيعانِ سنڌ جي مرڪزي اداري انجمن اماميه حيدرآباد ۾ بحيثيت مبلغ تشريف کڻي آيو. هي اهو وقت هيو جو سڄي سنڌ ۾ شيعن جا صرف 3 عالم دين هئا.

ڪراچي ۾ الحاج مولانا انيس الحسنين رضوي  جيڪو قبله جو مامو هيو ۽ خيرپور ۾ مفتي خادم حسين صاحب ۽ حيدرآباد ۾ استاد العلماء ثمر حسن صاحب.

سنڌ جي مومنن جي هيءَ حالت هئي ته عقيدي جي لحاظ سان مضبوط اهلبيت عليه السلام جا فدائي پر عمل جي لحاظ سان نه صرف  بي عمل بلڪه با عمل غير مومن هئا. نماز پنجگانه، نماز ميت ۽ نڪاح وغيره سڀئي اعمال مختلف طريقن سان بجا آڻيندا هئا. استاد العلماء تي انهن حالات جو وڏو اثر ۽ احساس ٿيو، ته مولانا صاحب غور فڪر ڪري فيصلو ڪيو ته ”سنڌ ۾ هڪ تبليغي ادارو قائم ڪيو وڃي“ ۽ هڪ منظم طريقي سان علماء جي  ذريعي هر جاءِ تي اُمورِ ديني جي تبليغ  ڪئي وڃي. ان تحريڪ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سڀ کان پهريان آيت الله آقائي بروجردي اعلي الله مقامه ۽ آيت الله آقائي سيد محسن الحڪيم دام ظلہ کان سهمِ امام جي استعمال ڪرڻ جي اجازت ورتي ته انهن عالمن نه صرف سهمِ امام جي اجازت ڏني بلڪه پوري سنڌ ۾ پنهنجو وڪيل به مقرر ڪري ڇڏيو. بهرحال هڪ تبليغي ادارو قائم ٿيو ۽ ان اداري سڀ کان پهريان مولوي محمد علي بلتستاني کي ٽنڊو محمد خان ضلع حيدرآباد ۾ ۽ مولوي شاڪر علي صاحب کي ٽنڊو الهيار ضلع مير پورخاص ۾ تبليغ لاءِ مقرر فرمايو ان سان گڏ حيدرآباد ۾ شهر جي مختلف حصن ۾ پنج ديني مدرسا قائم ڪيا. جڏهن ڪم اڳتي وڌيو ته ڪراچي جي شيعه اثناعشري خواجن 500 روپيه هر مهيني ۾ علماء کي تبليغ تي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو. 1940ع کان وٺي ”مدرسة الواعظين“ جي طرف کان بحيثيت مبلغ حيدرآباد سنڌ ۾ تشريف کڻي آيو. انجمن اماميه سنڌ ۾ اقامت پذير ٿيو ۽ دين جي تبليغ ۽ ترويج ۾ مشغول رهيو هزارين مومنين قبله جي مواعظِ حسنه کان فائدو وٺندا رهيا. سيد العلماء مرڪزي جامع مسجد جي ضرورت کي محسوس ڪيو. ان زماني ۾ جمعي جي نماز ٽنڊو ٺوڙهو جي مسجد ۾ ٿيندي هئي. هڪ ته اها مسجد ننڍي هئي ۽ ٻيو شهر کان پري هئي ان لاءِ شهر جي دل ۾ جامعه مسجد جي فڪر ٿي. مخلص مومنين جي تعاون سان قدم گاه مولا علي سان گڏ جامع مسجد ابوالفضل جي تعمير شروع ڪئي. مسجد جامع ابوالفضل 1955ع ۾ مڪمل ٿي. جامع مسجد ابوالفضل جو شمار حيدرآباد جي خوبصورت مسجدن مان ٿيندو آهي.

جامعه علويه مشارع العلوم جو بنياد

1955ع ۾ اداره نظام الشريعه جو قيام عمل ۾ آيو ۽ اداره نظام الشريعه جي نگراني ۾ 1956ع بمطابق 1376هه ۾ ”جامعه علويه مشارع العلوم“ جي تاسيس عمل ۾ آئي ۽ جامع مسجد ابو الفضل جي هيٺيان باقاعده درس و تدريس شروع ٿي وئي. جامع مسجد ابو الفضل کي محڪمه اوقاف پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ مولانا موصوف پهريان ئي خطيب هيو. ان کانپوءِ قبله  ڊسٽرڪٽ خطيب مقرر ٿيو.

1963ع سانحه ٺيڙهي ضلع خيرپور کان استاد العلماء تمام گھڻو متاثر ٿيو مولانا حبيب حسن نجفي سان گڏجي ڪراچي ۾ خطيب اعظم علامه سيد محمد دهلوياعلى الله مقامه سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ڪل پاڪستان شيعه ڪنوينشن گهرائڻ جي تجويز پيش ڪئي تنهنڪري خطيب اعظم علامه سيد محمد دهلوي سيد العلماء جي چوڻ تي ڪل پاڪستان شيعه ڪنويشن گهرايو. هاڻي سوال هيو ته صدارت جي ڪرسي تي ڪير ويهي پوري پاڪستان جا علماء گڏ ٿيا ۽ اجتماعي طور تي فيصلو طي ٿيو ته صدارت امام زمانه (عج) جي حوالي ڪيون ٿا. شام جو اجتماع ٿيو جنهن ۾ تمام علماء طرفان متفق طور تي خطيب اعظم علامه سيد محمد دهلوي کي قائد ملت جعفريه تسليم ڪيو ويو. ان کان بعد سيد العلماء علامه ثمر حسن زيدي قبله کي هڪ ڳالهه ذهن ۾ آئي ته علامه رشيد ترابي جي حمايت ضروري آهي. ڪراچي ۾ جنهن جڳهه پروگرام هيو رضويه سوسائٽي جي امام بارگاهه ۾ ڪنهن اچي ڳالهه ڪئي ته علامه رشيد ترابي سڀاڻي هن ئي امام بارگاهه ۾ مجلس پڙهندو.

قبله سيد ثمر حسن زيدي صاحب ۽ ٻين علماء ڪرام چيو ته هڪ ڏينهن  جو وڌيڪ خرچ ٿيندو، ڏسون ته علامه رشيد ترابي ڇا ٿو چوي. اگر ترابي صاحب جن تائيد ڪئي ته صحيح آهي نه ته سڀئي علماء ترابي صاحب وٽ هلنداسين ۽ ان کي عرض ڪنداسين، ڇو ته ترابي صاحب جو قوم تي به اثر آهي ۽ دنيا جو به ماڻهو آهي سياست کي به ڄاڻي ٿو، گورنمينٽ سان به واسطو آهي وغيره. ترابي صاحب مجلس شروع ڪئي، جنهن دوران پاڻ فرمايائون ته: ڪالهه هتي علماء جو اجتماع ٿيو، انهن اجتماعي طور تي علامه سيد محمد دهلوي کي قائد ملت جعفريه مقرر ڪيو مان ان جي تائيد ٿو ڪيان. ان کان بعد شيعه مطالبات ڪميٽي ٺاهي وئي. استاد العلماء  سيد ثمر حسن زيدي جي ڪاوش ۽ حيدرآباد جي مومنين جي تعاون سان 1967ع ۾ حيدرآباد ۾ شيعه مطالبات ڪنوينشن جو انعقاد ٿيو. هي ڪنوينشن پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ يادگار شيعه ڪنويشن ثابت ٿيو.

سيد العلماء جي ڪوشش سان اداره نظام الشريعه جي زيرِ انتظام ”زين العابدين ماڊل اسڪول“ قائم ڪيو ويو. سيد العلماء 1982ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو سينڊيڪيٽ ميمبر منتخب ٿيو. 1982ع ۾ اسلامي جهموريه ايران جي سالگراھ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيو.

سندن شاگرد

قبله جن جا شاگرد نه فقط سنڌ تائين محدود هئا، بلڪه گلگت ۽ بلتستان جي پهاڙي علائقن مان به ڪافي شاگرد سندن  خدمت ۾ علمي اڃ اجهائڻ آيا، جيڪي هن وقت پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ديني، مذهبي ۽ ثقافتي خدمتن ۾ رڌل آهن. انهن شاگردن منجهان ڪجھ هن ريت آهن:

علامه محمد عباس زيدي (فرزند)، علامه عباس علي نجفي (واگهريجي ميرپور خاص) علامه حيدر عباس زيدي (پوٽو)، علامه شيخ محسن علي نجفي، (بلتستان) علامه ثابت علي نجفي (ٻٻرلوءِ خيرپورميرس) علامه محمد باقر نجفي (دادو)، علامه حيدر علي جوادي (ڄامشورو) علامه محمد رضا نجفي (دادو)، علامه غلام اصغر نجفي (سيوهڻ، دادو)، علامه غلام قمبر ڪريمي (سنجهورو سانگهڙ)، علامه محمد صادق نجفي (اسڪردو)، علامه فاضل حسين موسوي، علامه سيد ظفر عباس قمي، علامه صادق علي نجفي (تلهار)، علامه جعفر حسين نجفي (جوهي)، علامه علي احمد نجفي (ٻانڌي)، علامه لئيق حسين نجفي (حيدرآباد)، علامه محمد محسن مهدوي (واگهريجي) علامه سڪندر علي لطفي (واگهريجي) علامه عرفان علي عرفاني (ٽنڊوالهيار)، علامه غلام رضا قمي (ٻانڌي)، علامه محمد صادق حيدري، علامه محمد حسن قمي (قم المقدس ايران)، علامه محمد حسين قمي (سانگهڙ)، علامه شهنشاهه حسين نقوي (ڪراچي)، علامه شيخ سليم (ڪراچي)، علامه رضا محمد سعيدي (ماتلي)، علامه روشن علي مري (سانگهڙ)، علامه خادم حسين سومرو (خيرپور)، مولانا جمال دين قمي (ڪوٽڏيجي) وغيره.

ازدواجي زندگي ۽ اولاد

استاد العلماء جي موت سان قوم ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي جنهن جو ڀرجڻ تمام مشڪل آهي. قبله جن هڪ فرزند فاضل جليل استاد العلماء علامه سيد محمد عباس زيدي ۽ ٻه نياڻين ۽ هزارين عقيدتمندن کي سوڳوار ڇڏيو آهي. استادالعلماء جي شادي دختر جناب سيد مطيع الحسنين صاحب مرحوم تقوي سان ٿي. قبله جا هڪ ئي فرزند مولانا محمد عباس زيدي آهن. ان جو عقد دختر سيد هاشم حسين شاهه نقوي سان ٿيو آهي.مولانا موصوف جي هڪ دختر جو عقد سيد محبوب علي  پسر سيد ظفر حسن صاحب مرحوم سان ٿيو. جيڪي صاحب اولاد آهن. ٻي دختر جو عقد سيد تهور رضا پسر سيد علي اڪرم سان ٿيو.

سفرِآخرت

سيد باقر رضا رضوي لکن ٿا ته 21 مارچ 1990ع بروز اربع تي ڏينهن جو ڏيڍ بجي سول اسپتال ۾ مولانا صاحب انتقال ڪيو، ٿورڙي دير کان پوءِ ميت ايمبولينس ۾ مدرسه مشارع العلوم پهتي ته ميت کي ڏسندي ئي اتي موجود طلباءُ رڙيون ڪري روئڻ لڳا. ڏسندي ڏسندي مدرسي جو صحن ماڻهن سان ڀرجي ويو. اندرونِ سنڌ، ڪراچي ۽ ٻين جاين تان ماڻهون ڪثير تعداد ۾ پهچڻ لڳا. پري کان اچڻ وارا عزيز و اقارب طلباء ۽ دوستن جي سهولت  لاءِ اهو طئه ٿيو ته ٻئي ڏينهن خميس تي صبح جو 09:00 بجه قدم گاھ مولا عليؑ جي ميدان تي جنازي نماز ٿيندي. بعد ۾ ڪورٽ روڊ واري رستي کان جنازي جو جلوس ٿيندو مدرسه مشارع العلوم پهچندو. اهو اعلان ريڊيو جي ذريعي نشر ڪيو ويو.

خميس جي صبح ٿيندي ئي مسجد ابوالفضل کان لائوڊ اسپيڪر تي تلاوتِ ڪلام پاڪ نشر ٿيڻ لڳي. قدم گاھ مولا عليؑ جون ديوارون ڪارن بينرن سان ڍڪجي ويون، ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل ماڻهن جو مجموعو وڌڻ لڳو. ضعيف العمر، معذور ۽ بيمارن تائين آخري ديدار جي لاءِ اچي رهيا هئا. قدم گاھ جو ميدان ايتري مجمعي جي باوجود اداس ۽ ويران نظر اچي رهيو هو. ڳالھ اها هئي ته اهو ئي رخصت ٿي رهيو هو جيڪو مجمعي جي جان هوندو هو.

آخر صبح جو 10:00 بجي جنازه نماز جي لاءِ صفون ٻڌيون ويون. پهرين صف علماءِ ڪرام جي هئي. جناب مولانا سيد محمد عباس زيدي جن نماز جنازه پڙهائي.

ان کان پوءِ آخري ديدار جو اعلان ڪيو ويو. مجمعو بي تابي سان ديدار جي لاءِ تڙپي رهيو هو. دير تائين اهو سلسلو قائم رهيو. آخر ڪار جنازو کنيو ويو. اڄ مولانا ان جڳھ کان رخصت ٿي رهيا آهن، جنهن جي چپي چپي تي سائين جن جون يادون آهن. ڪلهو ڏيڻ جي سهولت لاءِ جنازي ۾ وڏا وڏا بانس ٻڌا ويا هئا. ان جي باوجود ڪلهي ڏيڻ وارن جو هجوم هيو وڏي مشڪل سان ڪنهن کي وارو ملي پيو گهٽيون ۽ بازارون آھ و بُڪا سان گونجي رهيا هئا.

جنازي جي جلوس کان اڳ ۾ مختلف تنظيمن ۽ انجمنن جي طرف کان ڪارا وڏا وڏا بينر هئا ان کان پوءِ انتظام جي لاءِ اسڪائوٽس جون قطارون هيون. جنازي تي ڪارو علم نصب هيو. شرڪاء جي تعداد وڌي رهي هئي جنهن ۾ هر طبقي جا افراد شريڪ هئا. ڪلمهء شهادت، گريه ۽ بڪاءُ جي آواز سان جنازو گل سينٽر پهتو جتي مولانا سيد محمد عباس زيدي ٻيو دفعو نماز جنازه پڙهائي.

هتان کان لطيف آباد نمبر 07 جي چوڪ جو رستو سوارين جي ذريعي طي ڪيو ويو. ميت گاڏي ۾ جنازو رکيو ويو ۽ شرڪاء جي لاءِ 8 بسون يونيورسٽي جي سامهون موجود هيون ان کان علاوه متعدد ڪارون، ويگنون اسڪوٽر ۽ سائيڪلون هيون.

لطيف آباد نمبر 07 جي چوراهي تي پهچي ٻيو دفعو جلوس جي شڪل اختيار ڪئي وئي قبله محترم جو جنازو ڪلهن جي ذريعي آخري آرامگاھ تائين پهچايو ويو، جتي پهريان کان ئي لائوڊ اسپيڪر تي تلاوت ڪلام پاڪ هلي رهي هئي ۽ ماڻهن جو وڏو هجوم موجود هيو. جلوس پهچندي ئي مدرسي جو صحن ماڻهن سان ڀرجي ويو. لائوڊ اسپيڪر تي مجلس جو اعلان ٿيو. قبله جي شاگرد رشيد مولانا عباس علي نجفي صاحب بهترين نداز ۾ مجلس پڙهي جنهن کي ٻڌي حاضرين جي اکين مان ڳوڙهن جو سيلاب جاري ٿيو آيو ميت کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ کڻي وڃي رهيا هئا سون. جدائي جي ان آخري مرحلي ۾ دل ڦاٽي رهيو هو. آخرڪار ميت کي قبر ۾ لاٿو ويو. مرحوم جواني ۾ هن سرزمين تي دين جي خدمت جي لاءِ قدم رکيو هو، پنهنجي وطن جي لاءِ هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ موقعو نه مليو. اڄ ان سرزمين تي هميشه جي لاءِ سمهي پيا.

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸