جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

امام سجاد عليه السلام جي شان ۾ فرزدق جا شعر

فونٽ جو اندازو :
2025/06/06

تحرير: مولانا غلام قاسم تسنيمي

هشام بن عبدالملڪ. اموي خليفو، حج ڪرڻ لاءِ مڪي آيو هو. طواف مهل ماڻهن جي پيهه ايتري هئي جو حجر اسود کي هٿ لائي چمي نه سگهيو.

مجبور ٿي هڪ پاسي ويهي رهيو ته جيئن رش ڍري ٿئي. ان وقت امام زين العابدين عليه السلام مسجد الحرام ۾ داخل ٿيا ۽ طواف ڪرڻ لڳا ماڻهن امام عليه السلام کي جاءِ ڏني. پاڻ ڏاڍي مزي سان حجر اسود کي چمي ڏني. هشام ماڻهن طرفان امام عليه السلام جو اهڙو احترام ڏسي ڪاوڙيو. شام ملڪ جي رهواسين منجهان ڪنهن هڪ همراهه هشام کان پڇيو ته هي ڪير هو جنهن کي ماڻهو ايڏو مان ڏئي رهيا هئا؟ هشام انهيءَ ڊپ کان ته ڪٿي هن جا ٻيا ساٿي به امام عليه السلام جا شيدائي نه بڻجي وڃن. جواب ڏنائين ته مان هن کي نه ٿو سڃاڻان. حريت پسند، ناميارو شاعر فرزدق بنا ڪنهن کُٽڪي جي اٿي بيٺو ۽ چيائين: آءٌ هن کي سڃاڻان ٿو. ان کان پوءِ هڪ ڊگهو قصيدو امام زين العابدين عليه السلام جي واکاڻ، وڏائي ۽ تعارف ۾ پڙهيائين. شعر ڏاڍا موزون ۽ مناسب هئا ۽ هشام لاءِ اهڙي چماٽ هئي جو اموي خليفو سهي نه سگهيو ۽ موٽ ۾ هن فرزدق کي ٻڌرائي ڪاٺ ۾ هنيو. امام عليه السلام کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته پاڻ صلي طور فرزدق ڏانهن ڪجهه درهم ڏياري موڪليا. فرزدق اهي درهم موٽائي موڪليا ۽ چورايائين ته مون اهي شعر خدا ۽ رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي خاطر پڙهيا هئا. امام عليه السلام جن فرزدق جي خلوص نيت جي تصديق ڪئي ۽ ساڳيا درهم ٻيهر ڏانهس موڪلي ڏنائون ۽ چورايائون ته هي تحفي طور قبول ڪر. فرزدق انهن کي قبول ڪيو ۽ خوش ٿي ويو.

هتي انهن مان ڪجهه شعرن جو ترجمو نموني طور ڏيون ٿا.

اي سوال ڪرڻ وارا تو مون کان فضل، سخا ۽ بلندين جي مرڪز جو ڏس پڇيو آهي، ته ان جو چمڪندڙ ۽ روشن جواب مون وٽ آهي.

 هي اهو آهي جنهن جي قدمن کي مڪي جي سرزمين سڃاڻي ٿي، ڪعبو، حرم ۽ حرم کان ٻاهرين زمين سڃاڻي ٿي.

هي انهيءَ جو پٽ آهي جيڪو خلق ۾ بهترين آهي، هي پرهيزگار، پاڪ ۽ وڏي همٿ وارو آهي.

هي اهو آهي جنهن جو پيغمبر گرامي (صلي الله عليه وآله وسلم نانو آهي.

جيڪڏهن رڪن ڄاڻي وٺي ها ته هن کي چمي ڏيڻ ڪير اچي رهيو آهي ته هو بي تاب ٿي پاڻ کي پٽ تي ڪيرائي وجهي ها ته جيئن سندن قدمن کي چمي وٺي.

هن سڳوري جو نالو ”علي عليه السلام “ آهي پيغمبر خدا سندس نانو آهي، سندس ئي روشنائي سان ٻار ۽ پوڙهي جي رهنمائي ٿئي ٿي.

(امالي ــ سيد مرتضيٰ ــ ج پهريون ص 66 / اعيان الشيعہ (ڏهن جلدن واري) ج پهريون ص 634 / تذڪرة الخواص / بحار الانوار ــ ج 46 ص 127 ــ 125.)

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸
0
افکار شما را دوست داریم، لطفا نظر دهید.x