جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانيت سنڌ

جامعه روحانیت سنڌ طلاب جو اھڙو ادارو جيڪو حوزه علميه قم المقدس ۾ پڙھندڙ سنڌي طالب علمن جو گڏيل پليٽ فارم آھي

رهبر انقلاب جي شخصيت بابت مراجع، بزرگن ۽ عالمن جا چونڊ فرمان

فونٽ جو اندازو :
2025/06/10

سنڌيڪار: سرفراز مهدي چانڊيو

مهاڳ:

اسلامي دنيا جي عظيم شخصيت، معتبر ۽ مانائتي انسان حضرت آيت الله العظمى سيد علي خامنه اي دام عزه العالي جي شخصيت، ڪرادر، عظمت ۽ حيثيت بابت، اسلامي دنيا جي نامور شخصيتن جا ويچار  هن لکڻي ۾ پيش ڪيون ٿا ، ان اميد سان ته ولايت فقيه واري نظام سان منسلڪ ٿي  دنيا ۽ آخرت ۾ ۾ سعادت ماڻيندا سين

امام خميني رحمه الله عليه فرمايو:

1ـ ولايت فقيھ مسلمانن لاءِ اهڙو تحفو آهي جيڪو کين پالڻهار طرفان عطا ٿيو آهي.

2ـ اهڙن ماڻهن جي ڳالھ نه ٻڌو جيڪي اسلام جي واٽ کان ٿڙيل آهن ۽ پاڻ کي روشن فڪر ٿا سمجھن جڏهن ته ولايت فقيھ جا انڪاري آهن … اگر فقيھ نه هجي، ولايت فقيھ نه هجي (ته ان جي مقابلي ۾ )طاغوت هوندو.(1)

3ـ اسلامي حڪومت جوڙڻ لاءِ مقابلو ڪرڻ، ولايت فقيھ مٿان عقيدي جو لازمو آهي ڄاڻي وٺو ته توهان جي ذميواري آهي ته اسلامي حڪومت جو بنياد وجھو.(2)

4ـ جيڪو ڪجھ آئين (اساسي قانون ) ۾ آهي اهي ولايت فقيھ جا ڪجھ پهلو آهن نه ولايت فقيھ جا سڀ پهلو.(3)

5ـ جنهن به انسان عقائد ۽ اسلامي حڪمن کي مختصر طور حاصل ڪيو هجي ۽ ولايت فقيھ جي بحث تي پهچي، ان جو تصور ڪري ته بيشڪ ان جي تصديق ڪندو ۽ کيس واضح ۽ روشن سمجھندو.(4)

6ـ اها ولايت جيڪا رسول الله صلى الله عليه وآله وسلّم۽ امام کي حڪومت ٺاهڻ ۽ حڪومتي امور سنڀالڻ ۾ آهي، ولايت فقيھ لاءِ پڻ آهي… ولايت فقيھ انهن موضوعات منجھان آهي جن کي تصور ڪرڻ سان انهن جي تصديق ٿئي ٿي ۽ ان لاءِ دليل ۽ برهان جي ڪا خاص ضرورت ناهي.(5)

7ـ فقھ، پينگھي کان وٺي قبر تائين حقيقي ۽ مڪمل اجتماعي امور جي تعليم آهي.(6)

8ـ ..هنن کي ولايت فقيھ جي خبر ناهي، مسئلا ائين ناهن، ولايت فقيھ ڊڪيٽٽري کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي ، نه اهو ته پاڻ ڊڪٽيٽر ٿيڻ ٿي چاهي.(7)

9ـ ولايت فقيھ جي ڳالھ ڪو اهڙو واقعو ناهي جنهن کي مجلس خبرگان ٺاهيو هجي ولايت فقيھ پالڻهار جي طرفان ٺهيل هڪ شي آهي ۽ اها ساڳئي رسول الله صلى الله عليه وآله وسلّمجي ولايت آهي.(8)

10ـ ولايت فقيھ جي حفاظت ڪيو ته جيئن توهان جي ملڪ کي ڪو نقصان نه پهچي. ولايت فقيھ کي ڪوڙو سمجهڻ اسلام ۽ ائمه معصومين عليهم السلام کي ڪوڙو قرار ڏيڻ جي برابر آهي.

اسلامي حڪومت جوڙڻ جو عقيدو رکڻ، ان کي هلائڻ ۽ ان جو اهتمام ڪرڻ به ولايت جو جز آهي، جهڙي ريت اها حڪومت جوڙڻ لاءِ مقابلو ڪرڻ به ولايت فقيھ تي اعتبار ڪرڻ خاطر آهي.(9)

11ـ مان ساڻس انقلاب کان ڪيترائي سال پهريان ويجھڙائيءَ وارو رابطو رکان ٿو، ۽ خدا جو شڪر جو اڃا تائين اهو رابطو برقرار آهي، مان کيس جھموري اسلامي ايران جي بازوئن جي طاقت سمجھان ٿو، ۽ توهان کي پنهنجي اهڙي ڀاءُ وانگر جيڪو فقهي مسئلن کان آگاھ ۽ انهن جو پابند آهي ۽ فقهي نظرئي ۾ به ولايت مطلقه جي طرفداري ڪندڙ آهي، ڄاڻان ٿو. اسلام جي پابند ۽ ان تي عمل ڪندڙ دوستن ۽ اسلامي نظريات کي بيان ڪرڻ ۾ اوهان انهن ٿورڙن منجھان آهيو جيڪي سج وانگر روشني ڏيندڙ آهيو.(10)

12ـ جڏهن اهو ٿا چئون ته اهاولايت جيڪا رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم۽ آئمه معصومين عليهم السلام وٽ هئي، غيبت کان پوءِ اها عادل فقيھ جي لاءِ آهي. ان سان اهو وهم پيدا نه ٿئي ته فقهاءَ جي عظمت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلّم۽ آئمه معصومين عليهم السلام جيتري آهي. ڇاڪاڻ ته هتي ڳالھ فضيلت جي نه بلڪه ذميواري جي آهي.(11)

13ـ توهان (آيت الله خامنه اي) جنگ جي ميدان ۾ فداڪار سپاهي، محراب ۾ معلم، جمعه ۽ جماعت ۾ توانا خطيب ۽ انقلاب جي واقعن ۾ درد رکندڙ سربراھ آهيو… اي پيارا خامنه اي مان توهان کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو جو جنگ جي ميدان ۾ جنگي لباس سان ۽ ان کان علاوه عالمن جي لباس ۾ رهي هن مظلوم ملت جي خدمت، اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ڪري رهيا آهيو. پالڻهار کان توهان جي سلامتي جو طلبگار آهيان.(12)

14ـ مرحوم آيت الله العظمى اراڪي رحمه الله عليه

ايراني ملت ان خدائي نمعت جو قدر ڄاڻي  ٿي ۽ هاڻي امام خميني رحمه الله عليه جي وارث جي پيروي ڪندي، جنابعالي ( آيت الله خامنه اي)  جو ولايت جي شائسته مقام تي منتخب ٿيڻ اسان جي خوشي جو سبب آهي.

15ـ آيت الله امجد

مان آيت الله خامنه اي جي دشمن تي ڦٽڪار ضرور ڪندس.

16ـ حضرت آيت الله العظمى بهاءُ الديني رحمه الله عليه

امام خميني رحمه الله عليه وٽ آقاي خامنه اي کان وڌيڪ ڪير به ڪونه هيو اگر ڪو ٻيو هجي ها ته ان جو ضرور تعارف ڪرائي ها.

17ـ آيت الله بهاءُ الدينيرحمه الله عليه

امام خميني کان بعد اگر ڪنهن تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو ته اهو هي سيد آهي.

ــ حضرت آقاي خامنه اي الاهي ذخيرو آهي، ولايت فقيھ جي مخالفت ڪو معمولي ڪم ناهي، جڏهن مرزا شيرازي بزرگ، انگريزن جي حڪومت سان مقابلو شروع ڪيو ۽ هڪ مولوي ان جي مخالفت ڪئي ته مرزا ان مٿان لعنت ڪئي ۽ اها ڦٽڪار سبب ٿي ته هو مولويت کان خارج ٿي ويو ۽ سندس پٽ جواني ۾ مري ويس.

18ـ  مرحوم آيت الله العظمى بهجت رحمه الله عليه

خواب ڏٺم ته حضرت امام زمانه عج معتبر عالمن سان گڏ هڪ محفل ۾ ويٺل هيا، جو اي رهبر عزيز توهان به اتي آيو ته امام اٿي بيٺا ۽ توهان کي پنهنجي آڏو ويهڻ جي دعوت ڏني ۽ توهان به سندس ڀرسان ويٺو.

19ـ آيت الله العظمى بهجت جو پٽ: رهبر معظم سان گڏ ڪيل پنهنجي والد جي آخري ڏهاڙن واري ڪردستان جي سفر ۾ سندس والدجي نفسياتي حالت ۽ رهبر جي سلامتي بابت ويچار ونڊيندي لکي ٿو: اها ڳالھ سبب بڻي ته منهنجي بابا رهبر جي سلامتي لاءِ ڪيترائي خاص صلواتن ۽ ذڪر جا ختم پورا ڪيا ۽ رهبر معظم جي سلامتي لاءِ شروع ڪيل اهي خاص ذڪر ۽ صلواتون بابي جي عمر جي آخري ڏهاڙن تائين جاري رهيون.

20ـ   مرحوم آيت الله بهجت رحمه الله عليه

ايرانين جي سال 1368 ۾ ڪجھ ماڻهو آيت الله بهجت جي خدمت ۾ آيا ۽ چيائون: آقاي خامنه اي رهبر ٿيڻ جي نسبت اڃا ننڍڙو(جوان) آهي ته آيت الله کين جواب ۾ فرمايو: اهو هڪ دفعو ئي جيڪو چيو هيائون ته علي عليه السلام جوان آهي اهو اسان جي ستن نسلن کي سبق سيکارڻ لاءِ ڪافي آهي.

21 ـ آيت الله بهجت رحمه الله عليه

 امام زمانه (عج) سان ٿيل هڪ ملاقات ۾ جڏهن آقاي خامنه اي بابت سوال ڪيم ته امام زمانه فرمايو: آقاي خامنه اي اسان منجھان آهي. آيت الله بهجت جي وفات کان بعد حجت الاسلام ڪاظم صديقي ان کي نقل ڪيو.

22 ـ آيت الله جوادي آملي

عادل ۽ شجاع انسان جي سربراهي، انقلاب اسلامي جي وڏين نعمتن منجھان هڪ نعمت آهي، ائين ناهي ته اگر رهبر ڀلو ملي وڃي ته اهو چئون ته هاڻي ملڪ بچي ويندو، سربراھ توڙي جو امام علي عليه السلام ئي ڇو نه هجي ليڪن جيستائين ماڻهو عقلمند نه هوندا ته ملڪ ۾ مشڪلات پيدا ٿينديون، ڀلو رهبر هجڻ، مسئلي جو اڌ حل آهي، تنهن ڪري خبردار جو فقط اهو چئون ته اسان جو رهبر ڀلو آهي ۽ اهو ڪافي آهي، ضروري اٿو ته رهبر جون ڳالهيون ٻڌو، توهان جا ڪن سندس ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار هجن ۽ ڏسو ته سائين ڇا ٿو فرمائي ……….

23ـ آيت الله حسن زاده آملي

 پنهنجي عظيم الشان رهبر سان محبت ڪيو، جيڪو عالم، عادل، رهبر، مومن، موحد، سياستدان، دلدار، خدائي انسان، پاڪيزھ ۽ بي عيب آهي. جنهن کي دنيا پنهنجو شڪار ناهي بڻائي سگھي. مون کي اهڙي ڪنهن به جاءِ جي خبر ناهي. (جتي رهبر دنيا جو شڪار بڻيو هجي)

پالڻهار پنهنجي رسول ۽ سندس آل جي صدقي هن عظيم انسان، سچي رهبر حضرت آيت الله خامنه اي جو سايو اسان مٿان هميشه جاري رکي.

24ـ علامه حضرت آيت الله حسن زاده آملي

رهبر معظم جي سامهون زانو ڀڃي ويهي کيس مولا جي لقب سان پڪاريو ته رهبر معظم ڪاوڙ ڪندي چيو: علامه اهو ڪم نه ڪيو ته آيت الله حسن زاده آملي فرمايو: اگر توهان ۾ ڪو هڪ مڪروھ ڪم به ڏسان ها ته ائين نه ڪيان ها.

25ـ آيت الله عبد الڪريم حق شناس (ره)

 ڪجھ ماڻهو سوال ڪن ٿا ته اعلم (وڌيڪ ڄاڻو) ڪير آهي؟ مان انهن کي چوان ٿو ته ڏسو ته عَلَم (پرچم) ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، خدا نه ڪري اهو پرچم ڪري پئي جيڪڏهن اهو پرچم ڪري پيو ته نه ڪو اعلم رهندو نه وري غير اعلم.

26ـ حضرت آيت الله العظمى سيستاني

مان هر رات اميرالمومنين علي عليه السلام جي مزار جي ڀرسان رهبر معظم انقلاب آيت الله خامنه اي لاءِ دعا گھرندو آهيان.

27ـ  آيت الله صافي گلپائيگاني

 جنهن نظام ۾ آيت الله خامنه اي آهي، ڇا ڪنهن ٻئي کي ڳولي ٿا سگھو جيڪو ان کان وڌيڪ ايماندار ۽ دلسوز هجي؟ اسان جي نظر اها ئي آهي ته سائين مڙني مسئلن ۽ خطرن ۾ پيش قدم رهندو آهي. حقيقتا هن دريائي طوفان ۾ڏاڍو ڀلو ناخدا (سنڀاليندڙ) آهي، خاص ڪري اليڪشن کان پوءِ پنهنجي خاص فهم سان سڀني گروهن کي گڏ کنيائون، اسان اهڙي حڪومت کي قبول ڪندا سين جنهن جي سربراهي آيت الله خامنه اي وٽ هجي، ان کان وڌيڪ ڪير آهي جيڪو سڄي دنيا جي ڪوڙن ۽ ظالم حڪمرانن جي سامهون بيٺل آهي ۽ دنيا به کيس معتبر ٿي سمجھي اسان کي ان جي مدد ڪرڻ گھرجي. 

28ـ ماشاء الله ماشاء الله،

 هن آقا سيد علي خامنه اي جي مٺ ڀريل آهي.

شهيد محراب، آيت الله صدوقي انقلاب کان پهريان به سائين کي آيت الله سڏيندا هيا. حجت الاسلام راشد يزدي کان نقل ڪندي

29ـ آيت الله طالقاني

 آقاي خامنه اي اسلام جي مستقبل جي اميد آهي.آيت الله ميلاني کيس جواني ۾ ئي مجتهد سڏيندا هيا.

30ـ مرحوم آيت الله فاضل لنڪراني

 امام عظيم الشان پاران ڪيترن ئي موقعن تي آيت الله العظمى خامنه اي جي رهبر ٿيڻ جي صلاحيت ۽ شائستگي جي ڳالھ ڪرڻ، سائين جي مجتهد هجڻ جو سڀني کان وڏو دليل آهي.

31ـ آيت الله قاضي جي شاگرد جو امام خميني جي آس پاس رهندڙن جي تقدير بابت نظريو:

 عارف آيت الله قاضي جي شاگردن منجھان هڪ انقلاب جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ هڪ مزيدار پيشن گوئي، امام خميني ۽ ان سان گڏ رهندڙن جي باري ۾ ڪئي آهي جيڪا پڙهڻ جهڙي آهي. عارف رباني، مرحوم آيت الحق حاج سيد هاشم رضوي، جيڪوآيت الله قاضي جو شاگرد ۽ سال 1370 ۾ نوانوي سالن جي عمر ۾ هن جهان کي خدا حافظ ڪريو ويو، ان انقلاب جي ابتدا ۾ فرمايو هيو: آقا خميني جي چوڌاري ٻن قسمن جا ماڻهو آهن هڪ اهڙو گروھ جن جي دنيا جي ڪري آخرت به خراب ٿيندي ۽ هڪ اهڙو گروھ جن جي آخرت به دنيا جي ڪري ٺهندي، اهو گروھ جن جي آخرت دنيا تي مقدم آهي اهي آقاي خامنه اي ۽ ان جي آس پاس رهندڙ آهن، ليڪن جن جي دنيا انهن جي آخرت تي مقدم آهي اهي امام سان گڏ ۽ بعد ۾ آيت الله خامنه اي کان جدا ٿي ويندا.

32ـ آيت الله العظمي گلپائيگاني

  توهان کي ڪمزور ڪرڻ کي حرام ٿو سمجھان، اوهان جيعظيم عظمت آهي، اوهان مسلمانن جا رهبر آهيو.

33ـ آيت الله مبشر ڪاشاني

هن سيد کان علاوھ ڪير به هن نظام جي رهبري جي لائق ناهي، سائين سڀني مراجع (مجتهدن ) ۾ سڀني کان وڌيڪ مديريت ڪندڙ ۽ مقام رکندڙ آهن سائين جي بيان جي قدرت هڪ معجزو آهي، منهنجي نظر ۾ هي اڻ لڀ موتي آهي، واقعا هي الاهي ذخيرو آهي.

34ـ آيت الله مرعشي نجفي

مان نظام جهموري اسلامي جي سربراهي لاءِ اوهان جي تائيد ٿو ڪريان.

35ـ آيت الله مرواريد

امام خميني جي رحلت کان پوءِ آيت الله مرواريد به ٻين ڪيترن ئي بزرگن وانگر، ملڪي امور سنڀالڻ ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ پريشان هيو، ليڪن رهبري لاءِ آيت الله خامنه اي جي منتخب ٿيڻ جي خبر کان پوءِ، خوشي جو اظهار ڪندي ڀلي نظرئي رکندڙ انسان جي رهبر معين ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

36ـ مرحوم آيت الله علي مشڪيني

سڄي دنيا جي مسلمانن مٿان تاڪيد سان عقلي ۽ شرعي طور واجب آهي ته حضرت مستطاب آيت الله خامنه اي کي فقيھ ۽ ولي امر مسلمين جي عنوان سان سڃاڻين، جو سائين ۾ فقاهت، اجتهاد ۽ رهبري لاءِ گھربل ٻيا سمورا شرط موجود آهن.

37ـ آيت الله مصباح يزدي

 امام  کان پوءِ سندس جاءِ تي اهو ويٺو جيڪو امام جي ٻئي تصوير آهي، ۽ چئي سگھجي ٿو ته امام جو روح سائين وٽ حلول ڪري آيو آهي ۽ ان ڪم تي پالڻهار جو عظيم شڪر ادا ڪرڻ گھرجي.

38ـ  آيت الله مصباح يزدي

اگر مون جهڙا انسان سڄو ڏينهن تسبيح هٿ ۾ کڻي فقط خدا جو شڪريو ادا ڪندا رهون ته اسان کي اهڙو عظيم رهبر مليو آهي، خدا جو قسم تڏهن به ان عظيم نعمت جو حقيقي شڪر ادا نٿا ڪري سگھون.

39ـ آيت الله العظمى مڪارم شيرازي

جيڪڏهنرهبر معظم (آيت الله خامنه اي ) جي ڪا حرمت (۽ عزت) ناهي ته اسان منجھان ڪنهن به ايراني جي عزت ۽ حرمت نه رهندي.

40 ـ حضرت آيت الله مرزا هاشم آملي (گذريل مراجع تقليد منجھان)

مجلس خبرگان جي طرفان اوهان جو بهترين انتخاب، اسان ۾ اميد ۽ آرام جو سبب بڻيو جو اوهان، متفڪر، اسلام شناس ۽ گهري سوچ رکندڙ انسان آهيو.

41ـ آيت الله ناصري

رهبر معظم جي پالڻهار حفاظت ڪري، مان اها ڳالھ ڄاڻيان ٿو ته سائين جي مڪمل اميد امام زمانه (عج) سان وابسته آهي، ۽ سندس مڪمل پناهگاھ به امام زمانه (عج) ئي آهي…

42ـ آيت الله العظمى حسين نوري همداني

رهبر معظم وٽ عالمي مسئلن ۽ مسلمانن جي مسئلن بابت مديريت، شجاعت ۽ بصيرت آهي. آيت الله خامنه اي جي ولايت امامت جو شعاع آهي.

43ـ آيت الله العظمى وحيد خراساني پنهنجي نياڻي آيت الله صادق لاريجاني کي قوه قضائيه جو رئيس(چيف جسٽس) معين ٿيڻ مهل نصيحت ڪندي فرمايو:

هي سيد اڪيلو آهي اگر اوهان ان جي مدد نه ڪندو ته ڪير ان جي مدد ڪندو.

سائين به انهن بزرگ مراجع منجھان آهن جيڪياسلامي جمهوري نظام جي خلاف ڪا به ڳالھ ڪرڻ کي حرام ٿا سمجھن.

هڪ مقام تي سائين فرمايو: مان آقاي خامنه اي سان مڪمل عقيدت رکان ٿو.

44ـ مرحوم آيت الله مهدوي ڪني

آيت الله خامنه اي جو رهبر منتخب ٿيڻ خدائي الهامن منجھان هڪ الهام ۽ پالڻهار جي رحمتن منجھان هڪ رحمت هئي، ڇاڪاڻ ته هو عادل مجتهد ۽ امام خميني رحمه الله عليه جي سچي ساٿين منجھان آهي.

45ـ آيت الله مصباح يزدي:

مان اهي خاصيتون جيڪي پالڻهار کيس عطا ڪيون آهنبيان نٿو ڪري سگھان ليڪن ڪجھ جملن ۾ عرض ڪيان ته فقاهت جيڪا تقوى سان گڏ،  هوشيار هوندي به وسيع دل رکندڙ، خدائي پيروي ڪندي مديريت رکندڙ، شجاعت ۽ شهامت سان گڏ احتياط، عبادت ۽ اخلاق جو روح،  خود اعتمادي سان گڏ حضرت ولي عصر سان توسل اهڙيون شيون آهن جيڪي سائين ۾ گڏ ٿيل آهن.

46ـ مرحوم حاج اسماعيل دولابي

امام خميني رحمه الله عليه خدائي تحفي جو مظهر هيو، ۽ رهبر معظم خدائي محبت جو مظهر، پالڻهار امام کي نعمتون هڪ جاءِ تي عطا ڪيون، ۽ امام به انهن نعمتن کي اسلامي جمهوري جي نظام جي پائداري لاءِ استعمال ڪيو، ليڪن رهبر معظم کي پالڻهار زماني جي حالات جي مناسبت سان آهستي آهستي (تدريجا) نعمتون عطا ڪري رهيو آهي، يعني انهن نعمتن کي سائين پاڻ فراهم ڪري رهيو آهي.

47ـ حجة الاسلام فاطمي نيا

جيڪو به رهبر معظم کي ڪمزو ڪرڻ لاءِ هڪ حرف به ڳالهائي، جنهن جي به اها سوچ هجي ته رهبر معظم جو مخالف هجي، ته پالڻهار کيس ڪڏهن به نه بخشيندو، ان ڳالھ جو يقين رکو، هوشيار رهو ۽ رهبر معظم جو قدر سڃاڻو اگر ڪو فرسودھ يا وهمي فڪر اوهان وٽ پهچي ته ان کي قبول نه ڪيو.

48ـ مرحوم حاج آقا احمد خميني

سيد علي خامنه اي جي اطاعت امام خميني جي اطاعت آهي، جيڪو به چوي ته حضرت آيت الله خامنه اي جي اطاعت امام خميني کان علاوه ڪنهن ٻئي جي اطاعت آهي ڄاڻي وٺو ته اهو آمريڪا جو ايجنٽ آهي،… اڄ به اسان وٽ رهبر موجود آهي ولايت ۾ ڪو به فرق ناهي ته اها امام معصوم عليه السلام جي هجي يا نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّمجي.هن دور جي ولايت به بلڪل امام خميني رحمة الله جي ولايت جهڙي آهي. اسان کي ڏسڻ گھرجي ته رهبر معظم ڇاٿو چوي اسان رهبر معظم جي فرمان جا سرباز آهيون اسان تي واجب آهي ته پنهنجي سردار جي اطاعت ڪيون.

49ـ  سيد حسن نصر الله

اگر آخرت چاهيون ٿا ته اسان جي آخرت ولي امر ۽ حضرت حجت عجل الله فرجه الشريف جو نائب آهي. ۽ ائين ئي اگر دنيا ۾ عزت، شرافت، ڪرامت چاهيون ٿا ته اهي به حاصل نه ڪري سگھندا سين سواءِ ولي امر جي، ايستائين جو اسان جي  عظيم دفاعي تحريڪ ڏانهن جيڪو توجھ  ٿيو آهي ۽ عرب دنيا ۾ بي مثال آهي، جنهن ڪري اسان جو سر بلند آهي، جنهن تي فخر ڪيون ٿا اگر روح الله الموسوي نه هجي ها ته لبنان ۾ ان تحريڪ جو ڪو به اثر نه هجي ها ۽ ان کان بعد ۾ اگر هي سيد علي حسيني خامنه اي نه هجي ها ته اها تحريڪ باقي نه رهي سگھي ها.

50 ـ سيد حسن نصر الله

اي ڀائرو ۽ ڀينرو! اسان پوري جهان جي مسلمانن جو هڪ ولي امر آهي ۽ هاڻي به اگر مسلمانن جي اڪثريت ان جي پيروي نٿي ڪري ته اها انهن جي مشڪل آهي، جيئن ان کان پهريان به ماڻهن جي اڪثريت رسول الله صلى الله عليه وآله وسلّمجي پيروي ناهي ڪئي، ليڪن ان جو مطلب امام جو امام نه هجڻ يا نبي جو نبي نه هجڻ ناهي، اسان جو هڪ ولي امر آهي جيڪو  امام مهدي عجل الله فرجه الشريف جو نائب آهي جنهن جي اطاعت اسان جي مٿان فرض آهي اسان سندس پاڪيزگي ۽ نيڪ خصلتن سان گڏ ان ئي زماني ۾ سندس شجاعت، قدرت، حڪمت، تدبير ۽ بصيرت کان آگاھ آهيون.

51ـ شهيد سيد مرتضى آويني

تمام گھڻا آهن اهڙا انسان جيڪي ڄاڻن ٿا ته توهان جي سربراهي ۾ حق جي ڪاميابي لاءِ تلوار هلائڻ، خدا جي نزديڪ ايترو ئي اجر ۽ ثواب رکي ٿي جيترو اجر ۽ ثواب حضرت ولي عصر عجل الله تعالى جي رڪاب ۾ تلوار هلائڻ جو آهي ۽ اهي فقط تيار نه بلڪه پنهنجي جان قربان ڪرڻ جا مشتاق آهن اسان جا سر ۽ توهان جو فرمان.

52ـ آيت الله ڊاڪٽر شهيد بهشتي پنهنجي شهادت کان ڪجھ گھڙيون پهريان امام خميني رحمه الله عليه طرفان رهبر معظم ڏانهن  موڪليل پيغام ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو:

آقا خامنه اي جا ڀلا ڀاڳ جو ولي امر مسلمين  اهڙو پيغام ان ڏانهن موڪليو آهي ۽ اهو پيغام فقط سائين جي دنيا لاءِ نه بلڪه آخرت لاءِ به قيمتي آهي. منهنجي خواهش آهي ته مان به ولي امر طرفان اهڙي پيغام سان هن دنيا مان وڃان.

53ـ شهيد محراب، آيت الله دستغيب

اها شي جيڪا بندي، ان عظيم انسان لاءِ سمجھي آهي اها هي آهي ته هي خدائي انسان آهي، نفساني خواهش جو غلام ناهي، مقام جو لالچي ناهي، قدرت جو طالب ناهي، ان جو هٿ پڪڙيو جو ان انقلاب کان پهريان ۽ بعد ۾ هو امتحان ڏئي چڪو آهي، جنهن به عهدي تي رهيو آهي اتي پنهنجو امتحان ڏنو اٿائين، جيڪو تهران جو امام جمعه هجي، ان مهل جنگ جي ميدان ۾ به حاضر هجي، مورچن ۾ ويهي به اسلام جو دفاع ڪري، اهو عظيم انسان پنهنجي لاءِ ڪنهن به مقام جو قائل ناهي بلڪل امام خميني رحمه الله عليه وانگر جيڪو فرمائيندو هيو مونکي خدمتگذار سڏيو اهو مونکي رهبر سڏڻ کان بهتر آهي. آقا علي خامنه اي به ائين آهي ڪو مقام نٿو چاهي نه وري ڪو عهدو ان مٿان اثرائتو ٿئي ٿو.

54ـ شهيد رجايي طرفان حضرت آقا ڏانهن موڪليل هڪ پيغام ۾ هن ريت بيان ٿيو آهي:

 پڪ ۽ يقين سان ڄاڻان ٿو اهو فداڪار ۽ مجاهد ڀاءُ اسلام جي راھ ۽ انقلاب اسلامي جي واٽ ۾ شهادت کي عظيم خدائي فيض ٿو سمجھي، ۽ خدا جي بندگي جي راھ، اسلام، امام ۽ هن شهيد پرور قوم جي خدمت ڪندي نه ڪڏهن جان جي پرواھ ڪئي اٿائين نه وري ڪڏهن جان جي پرواھ ڪندو.

55ـ شهيد علي صياد شيرازي پنهنجي قنوت ۾ مختلف دعائون گھرندو هيو، ليڪن قنوت جي آخر ۾ هي دعا:اللهم ايد آية الله العظمى خامنه اي اللهم احفظه و وفقه و ثبته  هميشه قرائت ڪندو هيو.

56ـ  شهيد آيت الله سيد مصطفى خميني

هڪ خط ۾ جيڪو شهيد آيت الله مصطفى خميني پنهنجي هڪ رشتيدار ڏانهن لکيو هيو هي بيان ٿيل آهي: آقا خامنه اي ۽…. خصوصا سيدنا علي تائين اسان جا سلام پهچائجو.

57ـ شهيد آيت الله مرتضى مطهري

 سيد علي خامنه اي انهن عظيم نمونن منجھان آهي جن سان مستقبل جون اميدون وابسته آهن، مونکي آقا خامنه اي جي خلوص اچرج ۾ وجھي ڇڏيو آهي ته هو ڪڏهن به پاڻ کي ظاهر ڪرڻ يا پاڻ کي پيش ڪرڻ جي پٺيان نه آهي.

58ـ شهيد آيت الله مرتضى مطهري

ساواڪ جي سنَدن منجھان جيڪا آيت الله خامنه اي جي جوانن سان رابطي بابت تاڪيد ڪري ٿي ان سنَد جو حوالو 9/3003 آهي جيڪا 1/8/1335 تي صادر ٿي آهي جنهن ۾ لکيل آهي: مطهري ان ڳالھ ته مشهد ۾ ساواڪ هٿان آقاي علي خامنه اي جي نماز تي پابندي مڙهي ان کي بند ڪيو ويو آهي، تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته :  سيد علي خامنه اي انهن عظيم نمونن منجھان آهي جن سان مستقبل جون اميدون وابسته آهن ۽ ان مشهد ۾ ٿورڙي مدت ۾ نتيجو ڏيندڙ ڪم ڪيا آهن جن منجھان حوزي ۽ يونيورشتي جي روشن فڪر جوانن کي گڏ ڪرڻ آهي.

59ـ حاج شيخ عبد الله نظري مازندراني

رهبر معظم انقلاب جي حمايت ۽ حفاظت لاءِ اگر ضرورت پئي ته جنگ جي ميدان ۾ حاضر ٿيندس هن دور ۾ سڀني مٿان واجب آهي ته ولايت فقيھ جي حمايت ڪن ۽ ان مسئلي ڏانهن ڀرپور توجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي سڀني ماڻهن کي گھرجي ته ان ڪم کي پنهنجي اهم ذميواري سمجھن.

60ـ علامه عارف آيت الله طباطبائي پنهجي شاگرد آيت الله حسن زاده آملي لاءِ فرمايو:

حسن زاده کي ڪنهن به نه سڃاتو سواءِ امام زمانه عجل الله فرجه  جي. جنهن راھ جو راهي حسن زاده آهي ان رستي جي مٽي طباطبائي جي اکين جي شفا آهي. اهو جناب حسن زاده آملي پنهنجي هڪ ڪتاب جي مقدمي ۾ رهبر معظم سان مخاطب ٿي لکي ٿو: پنهنجي خالصانه سلام ۽ احترام سان، اڻ کٽ عقيدت جو اظهار ڪندي، هميشه رهندڙ درود ۽ بشارت سان پنهجي قائد، ولي، وفي، رائد، سائس، حفي، ترفع درجات من تشاءُ جي واضح مصداق جي بارگاھ ۾ پيش ڪجي ٿو ۽ عرض ڪجي ٿو يا ايها العزيز جئنا ببضاعة مزجاة “ سڄي جهان ۽ نسل آدم کي عطا ڪندڙ، منهنجي سرواڻ ۽ سالار کي هميشه سلامتي ۽ خوشحالي عطا فرمائي.

حوالا

1ـ صحيفه نور، جلد 6 ص 234.

2ـ ولايت فقيھ، ص 18.

3ـ صحيفه نور ج1 ص 133.

4ـ ولايت اسلامي ص 3.

5ـ ڪتاب ولايت فقيھ.

6ـ صحيفه نور ج 21 ص 98.

7ـ صحيفه نور ج 10 ص 48.

8ـ صحيفه نور ج 10 ص 27.

9ـ ولايت فقيھ ص 18.

🌸 تمام مومنين کي عيد ولايت، عيد غدير جون لک لک مبارڪون 🌸
0
افکار شما را دوست داریم، لطفا نظر دهید.x