ايران مٿان حملا (بيانِ مذمت ۽ تعزيت )
2025/06/13بسم الله الرّحمن الرّحيم
اسان، جامعه روحانيت سنڌ جي پليٽفارم تان، 13 جون 2025ع تي اسلامي جمهوريه ايران تي ٿيندڙ ظالماڻي اسرائيلي حملي جي سخت الفاظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ بيشمار مجاهد، سائنسدان، جهڙوڪ فريدوون عباس ۽ محمد مهدي ترانچي ۽ اعليٰ درجي جا فوجي جهڙوڪ سردار حسين سلامي ( اسلامي انقلابي گارڊ جو چيف) سردار محمد باقري ( (چيف آف اسٽاف) سردار غلام علي رشيد (سينٽرل هيڊڪواٽر جو ڪمانڊر) سردار امير علي حاجي زاده ( ايئر فورس جو ڪمانڊر ان چيف ) شهيد ٿيا.
هي حملو فقط ايران تي نه، پر سڄي امتِ مسلمه تي حملو آهي – اهو حملو علم، ايمان ۽ آزاديءَ جي قلعي خلاف ڪيل بزدلاڻو وار آهي.
اسان، هن ڏکوئيندڙ لمحي ۾، رهبرِ معظم حضرت آيت الله العظمى سيد علي خامنه اي (حفظه الله ) جي خدمت ۾ دل جي گهراين سان تعزيت ۽ تسليت پيش ڪريون ٿا، ۽ انهن پاڪ شهيدن جي شهادت تي افسوس ۽ فخر ٻنهي جو اظهار ڪريون ٿا.
اسان رهبر معظم جي ثابت قدمي، ايران جي بهادر عوام جي صبر، ۽ انقلابي اصولن سان وفاداريءَ کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان پڪ سان چئون ٿا ته هي شهادتون ايران کي ڪمزور نه پر وڌيڪ طاقتور بڻائينديون، جيئن هميشه تاريخ شاهد رهي آهي ته “شهادت موت نه، بيداري آهي.”
ان موقعي تي اسان حڪومتِ پاڪستان، اسلامي ملڪن، ۽ امتِ مسلمه جي باشعور طبقن کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو هن ظلم خلاف آواز اٿارين، ۽ فلسطين، لبنان، ۽ ايران سميت هر مظلوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪن.
شهيدن جي خون کي سلام!
رهبرِ معظم ۽ ورثاءَ جي خدمت ۾ کي تعزيت ۽ تسليت عرض ڪريون ٿا.
“إِنَّ اللَّهَ يُدَافِعُ عَنِ الَّذِينَ آمَنُوا” (الحج: 38)
والسلام
راشد علي چانڊيو
صدر جامعه روحانيت سنڌ
13 جون 2025ع
